سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18417   ڀيرا پڙهيو ويو

سج


سج هڪ وڏو تارو آهي، جيڪو اسان جي سورج-منڊل (شمسي نظام) جو مرڪز پڻ آهي. پالڻهارَ هيءُ جڳُ جَوڙي ان ۾ تمام گهڻيون عجيب شيون پيدا ڪيون آهن، جهڙوڪ: جبلَ، نديون، ڀِٽون، بَرَ، ڪُشادا رڻ پٽ، گهاٽا ڳتيل جهنگَ، پکي، اِنسانَ، حيوانَ، سج، چنڊ، تارا، ڪَتيون، اُڀُ، ڌرتي وغيره وغيره. سموري ڪائنات اُن اُپائڻهارَ جي وڏائيءَ جو مثالي شاهڪارُ ۽ جيئرو جاڳندو نمونو آهي، جنهن ساري سنسارَ کي پنهنجي ڪمالُ ڪاريگريءَ سان پيدا ڪيو ۽ پوءِ هر هڪ کي جدا جدا ڪم سونپي ڇڏيا. مثال طور سج کي ڏسو، جيڪو مقرر وقت تي اُڀري خاص وقت تي اُلهي وڃي ٿو. انهيءَ جي مهل ۾ ڪڏهن به رَتيءَ ڀَر جو فرق نه آيو آهي. اهڙيءَ طرح درياههَ موسمن جي حسابَ سان وَهن ٿا. رات ٿيڻ شرط چنڊ چمڪڻ لڳي ٿو. گهُگهه اونداهه پنهنجي وقت تي ڦهلجي ٿي ۽ باک پنهنجي وقت تي ظاهر ٿئي ٿي. ڏينهن ٿيڻ سان ئي سج پنهنجا ڪِرڻا سڄي ڌرتيءَ تي پکيڙي ٿو. مطلب ته قدرت جو نظامُ هڪ عظيم تسلسل سان هلندو رهي ٿو. ٻارو! سج جي روشني اسان روز ڏسندا آهيون. سياري ۾ هي اسان کي راحت ڏيندڙ گرمي ڏئي ٿو ۽ اسان جي ڏَڪندڙ جسمَ کي اُن جي اُسَ سڪون رَسائي ٿِي، پر ڌيان ڌرڻ جي اِها ڳالهه آهي ته اهو چمڪندڙ، ٻَرندڙ باههُ جو گولو آخر آهي ڇا؟ اِن ۾ ايڏي گرمي (حرارت) ڪٿان ٿي اچي؟؟ اِهو سڀ ڪجهه سمجهڻ لاءِ پهريائين اوهان ٻارڙن کي اهو معلوم هئڻ گهرجي ته سج هڪ ستارو يا تارو ۽ سورج منڊلَ جو محورُ (مرڪزي نُقطو) آهي. ان جي روشني ڌرتيءَ تي رهندڙ مخلوق تائين اَٺن منٽن ۾ پهچي ٿي. اهڙيءَ طرح اِها چند منٽن ۾ نَوَ ڪروڙ ٽيههَ لک ميلن جو ڊگهي ۾ ڊگهو مفاصلو طئي ڪري ٿي. ڪائنات ۾ اهڙا ڪيترائي ٻيا شمسي نظام آهن ۽ اسان جو شمسي نظام بيشمار اهڙن نظامن مان هڪ آهي، جيڪو باقي ٻين قدرتي نظامن جيان هڪ سج ۽ لکين ٻين آسماني جسمن (چنڊَ، ستارن) تي جُڙيل آهي. هيءَ ڌرتي به انهن فلڪياتي جسمن ۾ شامل آهي. ماهرَ اِهو ٻُڌائن ٿا ته هڪڙي سورج- منڊل جي جُڙڻ وقت جيڪو سِتارو سڀ کان پهريائين پيدا ٿيو، اهو چمڪندڙ ۽ روشن سج ئي هو، پوءِ ان ڌرتيءَ کي روشني به ڏني ۽ گهڻي انداز ۾ گرمي به پيدا ڪئي. چنڊُ هِن ڌرتيءَ تي جيڪا ٿڌڙي ٿڌڙي چانڊوڪي پکيڙي ٿو، اها به اصل ۾ سج جي روشنيءَ جو حصو آهي. سج اسان جي زمين کان ٽي لکَ ڀيرا وڏو آهي يا ايئن سمجهو ته سج جو قطر اَٺ لک چار هزار چورس ميل آهي. پالڻهار زمين کان سج جو مفاصلو اهڙو ته درست رکيو آهي جو ان جي روشني ۽ گرمي ايتري پوري مقدار ۾ ڌرتيءَ تي پهچي ٿي، جنهن سان انسانَ، جانورَ ۽ ٻيا جاندارَ زندهه رهي سگهن ٿا. جيڪڏهن سندس مفاصلي ۾ ذرو به ڦيرو اچي وڃي ته جيون جي نظامَ ۾ بلڪل بِگاڙو اچي ويندو. سج جو مٿاڇرو سِڌو سنئون آهي ۽ اِهو اهڙن حصن تي ٻَڌل آهي، جيڪي يا ته ڀَڙڪن ٿا يا ٽَهڪن ٿا. هڪ اندازي موجب هِن جي ٻاهرين مٿاڇري جي گرميءَ جو درجو يارهن هزار فارنهائيٽ تائين آهي، جڏهن ته اندروني حصي جي گرميءَ جو درجو ٻه ڪروڙ فارنهائيٽ تائين آهي ۽ هيءُ اهو درجو آهي، جنهن تي گئسون ٻَرڻ لڳن ٿيون. سج مان روشنيءَ جا شعاعَ نڪري لکين ميلَ پري پهچي وڃن ٿا. انهن مان ڪي ته گهٽ گرميءَ جو درجو رکن ٿا، جن جو رنگ ڪاراٽيل هوندو آهي. عام طور اُنهن کي ’سج جا داغَ‘ چيو وڃي ٿو. روشنيءَ جي انهن شعاعن جي گرميءَ جو درجو به ڇهه سئو ڊگري سينٽي گريڊ کان گهٽ نٿو ٿئي. پيارا ٻارو! اِها ته اوهان کي ڄاڻ هوندي ته ڌرتيءَ جي ڦيري سبب ئي ڏينهن رات ٿين ٿا. سج اوڀر کان اُڀري ۽ اولهه طرف لهي ٿو ته ان جا داغ اوڀارين پاسي چڪر ڏيندي نظر ايندا آهن. سج پنهنجو چڪر يا ڦيرو پنجويهن ڏينهن ۾ پورو ڪري ٿو. سج جا ڪارا داغ هر يارهين سالَ کانپوءِ گهٽجندا ۽ وڌندا رهندا آهن. انهيءَ گهٽ وڌائيءَ جو اثر سڌو سنئون ڌرتيءَ جي مُندن تي پوي ٿو. ٻارو! هاڻي ياد رکو ته سج به ٻين تارن ۽ سيارن وانگر وجود ۾ آيو آهي، جيئن سڀ کان پهريائين هڪ وڏو ڪَڪَرُ ظاهر ٿيو، جيڪو پوءِ مادي جي ذرن ۾ تبديل ٿي ويو ۽ انهن ذرڙن جي بناوت ۾ توانائيءَ جون تبديليون ظاهر ٿينديون ويون، جنهن سان هي ذرڙا هڪٻئي جي تمام ويجهو ايندا ويا. ايستائين جو پاڻ ۾ ملي انهن نَهري صورت وٺي سج جي شڪل اختيار ڪئي ۽ هاڻي اهو ئي سج روزانو اسان مٿان ڏاڍي آب تاب سان چمڪندو رهندو آهي. سائنسدانن اِها به پيشنگوئي ڪئي آهي ته سج ايندڙ پندرهن ارب سالن تائين قائم رهندو. 