سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18404   ڀيرا پڙهيو ويو

سامونڊي جهاز ڪيئن ٿا جڙن؟


جهازَ ٻن قسمن جا ٿيندا آهن، هڪڙا سامونڊي يا بحري جهازَ، جيڪي سمنڊَ ۾ سفرُ ڪن ٿا ۽ ٻيا هوائي جهاز، جيڪي اوچائين ۾ اڏامن ٿا. ٻنهي قسم جي جهازن جي بناوت ۽ رفتار ۾ گهڻو تفاوت آهي. سامونڊي جهاز جي تياريءَ ۾ گهڻي ڀاڱي ڪاٺُ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته هوائي جهازَ جي تياريءَ ۾ هڪ خاص قسم جو ڌاتو (metal) ڪم آندو وڃي ٿو. رفتارَ ۾ به سامونڊي جهاز هزارين ڪلوميٽرن جو سفر هفتن ۾ پورو ڪري ٿو. جڏهن ته هوائي جهاز پنهنجي تيز رفتاريءَ سبب اِهي ڊگها سفر به ڪلاڪن ۾ ختم ڪري وٺي ٿو. حج جي موقعي تي حاجي سَڳورا بيت الله شريف ڏانهن يا ته سامونڊي جهازَ وسيلي وڃن ٿا يا هوائي جهاز ذريعي. انهيءَ ڳالهه مان ته اوهان يقيني طور واقف هوندو ته سامونڊي يا بحري جهاز وسيلي ويندڙ ٽولا هفتي – ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ کان جِدي رَسن ٿا، جڏهن ته هوائي جهازَ ۾ وڃڻ وارا مسافرَ ڪجهه ڪلاڪن ۾ سعودي عرب پهچي وڃن ٿا. پاڪستان جي صنعت اڃا ترقيءَ جي انهيءَ منزل تي نه پهتي آهي ته پنهنجي ملڪ اندر هوائي جهازَ تيار ڪري سگهجن، جيتوڻيڪ سامونڊي جهازَ پاڪستان ۾ تيار ڪيا وڃن ٿا. سامونڊي جهازَ جنهن جاءِ تي جوڙيا وڃن ٿا اُن کي شِپ يارڊ (Ship yard) چيو وڃي ٿو. جنهن جهازَ کي ٺاهڻو هوندو آهي انجنيئرَ سڀ کان پهريائين اُن جا سادا خاڪا ٺاهي، وڏي احتياط ۽ ڌيانَ سان انهن خاڪن جي بنيادَ تي ئي اصل جهازَ جي تياريءَ جو دارومدار ڪندا آهن. پهرين انهن خاڪن مطابق ڪاٺ ۽ ميڻ سان هڪ خاص ماڊل جوڙيو وڃي ٿو. اهو ماڊل پنهنجي ويڪرائي ڪري تمام وڏو هوندو آهي. پوءِ اهڙي ماڊل کي هڪ تلاءَ (tank) اندر رکي جاچيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪا ڪَمي يا نقص هوندو آهي ته انجنيئرَ هڪدم اصل جهازُ جوڙڻ کان اڳ ۾ ماڊل جي ڦيرَ گهيرَ ڪري وٺندا آهن، تنهن کانپوءِ اصلي جهازَ جي تياريءَ جو عملي ڪم شروع ڪيو ويندو آهي. سڀ کان پهريائين هڪ ويڪري ۽ ڪُشادي ڪاٺَ جي فرش واري هالَ ۾ جهازَ جي ڍانچي ۾ استعمال ٿيندڙ لوهُه/فولاد ڪَٽيو ويندو آهي. ماڊل موجب فولادي ٽڪر ڪٽڻ کانپوءِ ان مٿان تڪڙو رنگُ ڪيو ويندو آهي ته جيئن ڪَٽُ وغيره کان محفوظ رهي. ان کانپوءِ انهيءَ کي مشين وسيلي جهاز جي ضرورت مطابق مختلف شڪلين ۾ موڙيو ويندو آهي ۽ جيڪو ٽُڪر جتي ڪَتب اَچڻو هوندو انهيءَ کي اهڙو بڻايو ويندو آهي. شپ يارڊ تي وڏين ورڪشاپن ۾ سامونڊي جهازن جون انجڻيون ڌارَ تيار ڪيون وينديون آهن، اُهي يا ته ڊيزل سان هلنديون آهن يا ٻاڦ (steam) سان، پر هِن جديد سائنسي دور ۾ ايٽمي توانائيءَ سان هلڻ واريون انجڻيون به تيار ڪيون پيون وڃن. جهازَ جي انجڻ تيار ڪرڻ کانپوءِ وڏي احتياط سان انهن کي چيڪ ڪيو ويندو آهي. معائني بعد جهازَ جا پُرزا ملائي ٻيهر لڳائبا آهن. جهازَ کي جنهن جاءِ تي رکيو وڃي ٿو، تنهن کي بَرٿ (birth) چيو وڃي ٿو. انهيءَ تيار ٿيندڙ ديوَ جهڙي جهاز جي چوڌاري وڏا وڏا لوهي زنجيرَ لڳل هوندا آهن، جن کي مضبوطيءَ سان ٻَڌو وڃي ٿو ۽ اِهي زنجيرَ انهيءَ ويل ڪم اچن ٿا جڏهن جهازَ کي سمنڊَ اندر لاٿو وڃي ٿو. سامونڊي برٿ (sea birth) تي اچڻ بعد آخري ڀيرو پوري جهازَ جي پڙتالَ/چڪاس ڪئي وڃي ٿي ۽ ٺيڪ (O.K) هجڻ بعد ان کي سمنڊَ ۾ لاهي سفر تي روانو ڪيو وڃي ٿو.