سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18410   ڀيرا پڙهيو ويو

حرارت يا گرمي


حرارت معنى گرمي، جيڪا انساني زندگيءَ ۾ هڪ خاص اهميت رکي ٿي. اِها اسان جي زندهه رهڻ لاءِ ايتري ئي ضروري آهي جيتريون ٻيون شيون. جهڙوڪ : هوا ، پاڻي ، کاڌو ۽ تندرستي. جيڪڏهن گرميءَ ۾ حد کان وڌيڪ گهٽتائي پيدا ٿي پوي ته اسان جو جياپو ناممڪن ٿيو پوي. اهڙي طرح ان جي مقدار ۾ حد کان وڌيڪ گهڻائي ٿي وڃي، تڏهن به انساني حياتي خطري ۾ آهي ۽ مري پوڻ جو خطرو به پيدا ٿي پوي ٿو. مطلب اِهو ٿيو ته قدرت مخلوق جي طبيعت کي نظر ۾ رکندي هر شيءِ کي ان جي درست حد اندر رکيو آهي، جنهن ڪري هي سارو سلسلو هلندو رهي ٿو. ڪنهن زماني ۾ اِهو خيال ڪيو ويندو هو ته حرارت به هڪ مادو آهي، جيڪو انتهائي پَٽِڙو ۽ وَهڻ وارو آهي. جڏهن اهو وڌيڪ وَهڻ لڳي ٿو ته هر شيءِ اندر داخل ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ اهڙي نموني نيڪالُ به ٿئي ٿو. لڳ ڀڳ هڪ صدي اڳ ۾ حرارت جو اِهو تصور ختم ڪيو ويو ڇو ته حرارت کي مادي شيءَ انڪري به نٿو چئي سگهجي جو اها نه خالي جڳهه کي والاري ٿي ۽ نه ئي وري بازار مان ڪنهن تور تي خريدي سگهجي ٿي. پوءِ آخر اها شيءِ آهي ڇا؟ ڇا حرارت توانائيءَ جي ڪا صورت آهي؟ ٻارو! ڏسو ! اِها ڳالهه صاف آهي ته حرارت انسان لاءِ اهڙِي خدا جي نعمت آهي، جنهن مان اسان ننڍا وڏا ڪيترائي ڪم وٺون ٿا، جيئن: ريل جي انجڻ هلائڻ جو عملُ، ٽيوب ويل هلائڻ جو ڪم، انهن وڏين ديوَ جهڙين ڪَلُن (مشينن) کي جيڪا شيءِ تيزيءَ سان حرڪت ۾ آڻي ٿي، اُها زبردست قوت حرارت ئي ته آهي ۽ حرارت توانائيءَ جو هڪ قسم آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ان جو سڀ کان وڏو ذخيرو (Store) ڪٿي آهي؟ اسان لاءِ حرارت حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڏو ذخيرو ۽ ذريعو اهو وڏو سج آهي، جيڪو روزانو اوڀر کان صبح سويرو اُڀري ٿو ۽ سارو ڏينهن حرارت (گرمي) واري نعمت ورهائيندو وَرڇيندو شام ويلي اولهه پاسي ماٿرين ۾ گم ٿي وڃي ٿو. خدا جي نعمت جي ورهاست جو اهڙو سلسلو جَڳَ جُڙڻ جي پهرئين ڏينهن کان جاري آهي ۽ آخري ڏينهَن تائين اهڙي ئي نموني هلندو رهندو. ٻارو! اوهان اِهو ته ڄاڻندا هوندا ته سج جي چوڌاري اسان جي ڌرتيءَ وانگر اَٺَ ٻيا وڏا گرهه يا سيارا لاڳيتو ڦِرندا رهن ٿا ۽ اوهان شايد ڪڏهن اِهو به ويچاريندا هوندا ته اِنهن ٻين سيارن تي اسان جيان ٻي ڪا مخلوق به آباد هوندي ! اصل ۾ هي سيارا ڌرتيءَ کان ايترا پَري آهن جو وڏي کان وڏي طاقتور دوربين به اهڙي ڪنهن آباديءَ جو پَتو لڳائي نٿي سگهي پر اها ڳالهه يقين سان لِکي ۽ چئي سگهجي ٿي ته اِنهن سيارن تي بلڪل اسان جيان ڪابه مخلوق قطعي طورَ تي جيئري رهي نٿي سگهي. ڇو ته اُنهن ۾ ڌرتيءَ جي ڀَيٽ ۾ يا ته تمام گهڻي گرمي آهي يا تمام گهٽ گرمي. جيئن: عطارد سَيارو جيڪو فڪلياتي ماهرن موجب سج کي ويجهي ۾ ويجهو سمجهيو وڃي ٿو، اُتي جيڪڏهن شيشي جو هِڪ ٽُڪرو رکيو وڃي ته اهو هڪدم پَسرجي ختم ٿي ويندو. وري اُن جي اُبتڙ پلوٽو (Pluto) سَياري تي، جيڪو سج کان تمام پَري آهي، پاڻي ته ڇا جيڪڏهن هوا به رَکي وڃي ته اها به ڄَمي ويندي. جيڪي سَيارا جاندارن لاءِ تمام گهڻا ٿڌا آهن سي انڪري ٿَڌا آهن جو اُتي گرميءَ جي پهچ گهڻي گهٽ ٿئي ٿي. ٻارو ٿَڌِ پنهنجو پاڻ ڪابه شيءَ ناهي پر گرميءَ جي گهٽتائيءَ جو ٻيو نالو ٿڌ آهي. جيئن روشنيءَ جي گَهٽتائي اوندهه سڏبي آهي. اسان جڏهن ڪنهن شيءِ کي ٿَڌو ڪرڻ گُهرون ٿا ته ان ۾ ٿڌ داخل نٿا ڪريون بلڪ ان مان گرميءَ جي مقدار کي ڪڍي ڇڏڻ يا خارج ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. جڏهن به ان مان حرارت مڪمل طرح ٻاهر نڪري وڃي ٿي ته گرم شيءِ گهڻي ٿڌي بڻجي پوي ٿي. سائنسدانن پنهنجي نڪور تجربن ۽ جديد مُشاهدن سان اِهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هر ٿڌي ۾ ٿڌي شيءِ اندر گرميءَ/حرارت جو ڪجهه مقدار ضرور موجود هوندو آهي. 