سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18400   ڀيرا پڙهيو ويو

ايڪسري


ايڪسري تيز رفتار شعاعن جو اهڙو نظام ٿيندو آهي، جنهن وسيلي ڪنهن ڳُجهي يا لِڪل شيءَ جو درست عڪس سلولائيڊ تي منتقل ڪيو ويندو آهي. انهن شعاعن جي پهچڻ جي سگهه ايتري طاقتور ۽ تيز ٿئي ٿي جو اُهي ماسَ ۽ انتهائي سخت هڏن کانسواءِ ڪجهه نَهرن ڌاتن مان به سولائيءَ سان گذري وڃن ٿا. ايڪسري مان گهڻي ڀاڱي ميڊيڪل جي دنيا ۾ ڪم ورتو وڃي ٿو. مثال طور: جيڪڏهن ڪنهن جو هَڏُ ڀڄي پوي ته ايڪسري ڪڍڻ کانپوءِ اها واضح خبر پئجي وڃي ٿي ته هڏو ڪِٿان ۽ ڪيترو ٽُٽل آهي. هن ايجاد کان اڳ ڪنهن جي ڀَڳل هڏي کي جوڙڻ جي ڪوشش فقط هڪ اندازي سان ڪئي ويندي هئي. اهڙي طرح جي ڪنهن جو ڏند ڀڄي پوي ته ان جي رهيل پاڙَ جو پَتو به ايڪسري مان لڳائي سگهجي ٿو. ايڪسري شعاعن وسيلي ڊاڪٽرن انساني جسم اندر لڪل ڪيترين خطرناڪ ۽ موتمار بيمارين جي ڄاڻ لڳائي انهن جو بهتر علاج ڪيو آهي. زماني جي ترقيءَ سان گڏ گڏ جيئن جيئن انساني ضرورتن جو دائرو وڌندو ويو ته ايڪسري جي فائدن ۾ به واڌارو ايندو ويو، تنهنڪري ڊاڪٽرن کان سواءِ ڪاروبار ۽ صنعت جي ميدان ۾ به هن ڪارائتي دريافت وڏا ڪارناما ڏيکارڻ شروع ڪيا، جهڙوڪ: ڪنهن دَٻي يا بند پاڪيٽ کي کولڻ کان سواءِ ايڪسري جي مدد سان اِها خبر پئجي وڃي ٿي ته انهيءَ اندر ڇا رکيل آهي. هي ڪم گهڻو ڪري ملڪ جي اهم بندرگاهن، هوائي اَڏن ۽ سرحدن تي ورتو وڃي ٿو. ان کانسواءِ ايڪسري سان ڌاتن جا جوڙَ، اصلي نقلي هيرن جي سڃاڻپ ۾ به ڏاڍي سهولت پيدا ٿي پئي آهي. اڄڪلهه اها ايجاد ايتري اهميت اختيار ڪري وئي آهي جو ڪنهن به مريض جو علاج ڪرڻ کان اڳ ۾ اُن کي ايڪسري مشين آڏو ضرور آندو وڃي ٿو ۽ بنيادي چڪاسَ ۾ ڇاتيءَ جو ايڪسري لازمي ڄاڻايل آهي. هينئر ايڪسري جو هڪ انتهائي جديد قسم سي- ٽي اسڪين به ڊاڪٽري دنيا ۾ پنهنجي اهميت مڃائي چڪو آهي، جنهن سان دماغ ۽ جسم ۾ ڳُتيل ۽ پيچيده بيمارين جي تفصيلي خبر پوي ٿي. انهيءَ شعبي ۾ الٽراسائونڊ به شامل آهي، جنهن ذريعي ماءُ جي پيٽَ اندر ٻارڙي جي حالت معلوم ڪرڻ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي اندروني مرضَ معلوم ڪري سگهجن ٿا.