سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18412   ڀيرا پڙهيو ويو

سڪا ڪيئن ٺهن ٿا؟


ڪنهن به ملڪ جو سِڪو(Currency) اُن ملڪ جي ئي ڪارخاني ۾ تيار ڪيو ويندو آهي، جيئن پاڪستان جي ڪرنسي لاهور شهر جي ’پاڪستان منٽ فئڪٽريءَ‘ ۾ ٺهي ٿي. انهن تيار ٿيندڙ سِڪن ۾ جيڪو ڌاتو(metal) استعمال ڪيو وڃي ٿو ان ۾ ٿورو مقدار گهٽ قيمت واري ڌاتوءَ جو به ملائبو آهي، پر اها ملاوت هڪ خاص حد اندر ڪئي وڃي ٿي. ڪارخاني ۾ ڌاتوءَ کي رجائڻ لاءِ وڏيون وڏيون بَٺيون جوڙيون وينديون آهن. سِڪن ٺاهڻ لاءِ ڪِتب ايندڙ ڌاتوءَ کي انهن بٺين ۾ وڌو ويندو آهي، جڏهن اُهو رِجي پاڻياٺ بڻجي پوندو آهي ته ان کي لوھه مان جُڙيل وڏن وڏن اُڀن سانچن ۾ پيٽيو ويندو آهي. پوءِ اهو ٿڌو ٿي ڄَمي پوڻ (جهڙيءَطرح قلفي ڄمندي آهي) کانپوءِ انهن سانچن مان ٻاهر ڪڍبو آهي ۽ اهڙي قسم جي داٻ وارين مشينن (رولرن) ڏانهن موڪليو ويندو آهي، جيڪي انهن ڌاتوءَ جي ٽُڪرن کي ويڪرو بڻائي ڇڏين ٿيون (جيئن ڪمند پيڙهڻ واري مشين ۾ڪمند جا چوٿا رس نڪرڻ بعد ويڪرا ٿي پوندا آهن) هاڻي هي ٽُڪرا خاص ٿولهه وارين چادرن جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿا. انهيءَ عمل ۾ اِها ڳالهه خاص طور تي ڌيان ۾ رکي وڃي ٿي ته انهن چادرن جي ٿولهه (Thickness) ايتري ئي رهي جيتري ٿولهه جو سِڪو ان وقت ۾ هلندڙ هجي. انهن چادرن کي هاڻي اهڙين مشينن حوالي ڪيو وڃي ٿو جيڪي چادرن ۾ سوراخ ڪن ٿيون. هي مشينون ڏاڍي تيزيءَ سان گهربل ماپ جي سِڪن کي ڪٽينديون وينديون آھن ۽ چادرن جي اضافي بچيل ڪنارن کي وري رِجائي ڪم آڻيندا آهن. پوءِ 25 پئسن، 50 پئسن، هڪ روپئي يا ٻن رپين وارن ڪٽيل ماپ جي سِڪن جي ڪنارن کي خاص عمل وسيلي اُڀاريو ويندو آهي. انهيءَ اُڀارَ يا وڌاءَ پيدا ڪرڻ جا خاص سبب: خوبصورتي سان گڏوگڏ هڪجهڙائي برقرار رکڻ، ڪنارن کي تڪڙي گسڻ کان بچائڻ ۽ سڀ کان اهم سِڪي جو نقل سولائيءَ سان بڻائڻ کي روڪڻ آهن. انهن ٽُڪرن کي گرم ڪري وري ٿڌو ڪيو ويندو آهي، جيئن وڌيڪ سختي پيدا ٿئي. تنهن کان پوءِ انهن کي وڏين وڏين پيتين ۾ رکيل گندرف جي تيزاب سان ڌوتو ويندو آهي ته جيئن سڪا چمڪي پون. تيزاب سان ڌوئڻ بعد پاڻيءَ سان صاف ڪري ڪاٺ جي ٻُوري واري دهل (دَٻي) ۾ وڌا ويندا آهن. هي سنهي ٻُوري وارو تَهُه انهن سڪن کي خشڪ ڪري ڇڏي ٿو. آخر ۾ وري هڪ مشين وسيلي اصل ماپ کان گهٽ وڌ سڪن کي ڌارَ ڌارَ ڪري مقرر ماپ وارا سِڪا هڪ پاسي گڏ ڪيا ويندا آهن. پيارا ٻارو! ان کان پوءِ اهي سڪا اهڙي مرحلي ۾ داخل ٿين ٿا، جتي هڪ ٻي مشين وسيلي گلن، پنن، اکرن سميت ٺهڻ جي سال جي انگن جا عڪسَ اُڀاريا وڃن ٿا. سِڪا هڪ ڦرندڙ پَٽي وسيلي مشين ۾ داخل ٿي، سنوارجي، سينگارجي ٻنهي پاسن کان چِٽَ بڻجڻ بعد نڪرندا ويندا آهن. اهڙيءَ طرح ايترن مرحلن مان ترتيبوارِ سِڪا گذري اصل صورت اختيار ڪري وٺن ٿا. سڀ کان آخر ۾ جاچ پڙتال بعد انهن جي تورَ ڪئي وڃي ٿي ۽ تارازين ۾ توري ٿيلهين ۾ بند ڪيا وڃن ٿا. هي سمورا سلسلا تيز رفتار ۽ پنهنجو پاڻ ڪم ڪندڙ (خودڪار) مشينن وسيلي عمل ۾ اچن ٿا تنهن ڪري ٿوري وقت ۾ گهڻو ڪم ٿئي ٿو. آخرڪار ٿيلهين ۾ بند ٿيل سڪا نڪري، گهمندا، ڦرندا اسان وٽ پهچن ٿا ۽ اوهان ٻارڙا انهن مان ببل گم ، ٽافيون، ڦوڪڻا ۽ ٻيون پسند جون شيون خريد ڪري سگهو ٿا. ڪي وري هوشيار ٻارَ ڀانڊارا وٺي اهڙن سِڪن کي گڏ ڪري بچت سميت ايندڙ وقت ۾ ڪتابَ، قلمَ وٺن ٿا يا ڪنهن ضروري ڪم لاءِ استعمال ڪَن ٿا.