سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18402   ڀيرا پڙهيو ويو

اسان پاڻي ڇو ٿا پيئون؟


کاڌ خوراڪ هر ساهه کڻندڙ کي زندهه رکڻ لاءِ تمام ضروري آهي. انهيءَ خوراڪ ۾ جنهن جزي کي سڀ کان وڌيڪ اهيمت حاصل آهي، اهو آهي پاڻي. ڊاڪٽري ڪتابَ ٻُڌائين ٿا ته انسان پنهنجي پيدائش کان پهرين، نون مهينن تائين ماءُ جي پيٽ ۾ هڪ سنهي جھِليءَ اندر پاڻيءَ ۾ ٻُڏل رهندو آهي ۽ ڄمڻ کانپوءِ پاڻيءَ کان سواءِ زنده رهي نٿو سگهي. انساني دماغ جو 90 (نوي) سيڪڙو حصو اهڙو آهي جو فقط پاڻي ئي آهي. اهڙي طرح انسانَ جي جسم مان جيڪي رت، پگهر، ڳوڙها وغيره نڪرن ٿا انهن ۾ به ته پاڻي ئي هوندو آهي. انڪري انسان کي پنهنجي جسماني گرميءَ کي متوازن يا وِچٿَرو رکڻ لاءِ جيتري اشد ضرورت پاڻيءَ جي آهي، اوتري ڪنهن ٻي شيءِ جي ناهي. جيڪڏهن انساني جسم کي پاڻي مناسب مقدار ۾ نه ملي ته ان جو نقصان اِهو ٿيندو ته ٻاهرين گرميءَ سبب انساني جسم کي نقصان رسي سگهي ٿو. انسان جي جسماني گرميءَ جو درجو 98.4 ڊگري انساني جسم جو عام حالت ۾ گرميءَ جو درجو 37 ٿئي ٿو ۽ 37 کان گهٽ ٿيڻ جي صورت ۾ انسان بيهوش ٿي سگهي ٿو. فارنهائيٽ هئڻ گهرجي. جڏهن هي گرمي درجو 104 ڊگريءَ تائين پهچندو آهي ته سخت بخار سبب انسان بيمار ٿي پوندو آهي. ۽ ان ۾ جيڪڏهن چئن ڊگرين جو واڌارو اچي وڃي ته انسانُ مَري به سگهي ٿو. ان جي ابتڙ انسان جي جسم جو گرمي پد 84 درجا فارنهائيٽ تائين هيٺ ڪِري پوي ته ان جو اثر اهو ٿيندو جو انسانَ تي بيهوشي طاري ٿي پوندي. انهيءَ سان ثابت ٿيو ته پاڻي خدا جي وڏي نعمت آهي، جيڪا جسم جي گرمي درجي کي ضابطي ۾ رکي ٿي، ڇو ته گرميءَ جي موسم ۾ انسان جي جسم مان پگهر وڌيڪ نڪري ٿو، انڪري گرميءَ جو درجو پورو رکڻ لاءِ اسان وڌيڪ پاڻي پيئون ٿا. هڪ وڌيڪ ڪارائتي ڳالهه اِها به آهي ته اسان جي جسم اندر جيڪي بڪيون (گردا) ڪم ڪن ٿيون انهن کي ڪارآمد رکڻ لاءِ پاڻي اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پاڻي اسان جي جسم ۾ زندهه مادي واري جُزي جي حيثيت رکي ٿو. آهستي آهستي نيڪال به ٿيندو رهي ٿو. جيڪڏهن جسم مان پاڻيءَ جو نيڪالُ وڌي وڃي ۽ آمد گهٽجي پوي ته اسان ڏسنداسين ته جسمَ ۾ خشڪي ۽ ڪمزوري پيدا ٿي پوندي آهي. جسمَ جي پاڻيءَ کي حاصل ڪري بُڪيون (گُردا) پاڻيءَ جي توازن کي برقرار رکن ٿيون، ڇو ته هي اندروني حصي ۾ رطوبت رسائڻ جو ذريعو آهن ۽ وڌيڪ پاڻيءَ کي خارج ڪنديون رهن ٿيون، ان سان گڏوگڏ پاڻيءَ جو مناسب مقدار جسم ۾ موجود به رکنديون آهن.