سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18444   ڀيرا پڙهيو ويو

ٽيوب لائيٽ


آڳاٽي زماني ۾ جڏهن بجلي ڪانه هوندي هئي ته ماڻهو ڏيئا، فانوسَ ۽ لالٽين وغيره ٻاريندا هئا. جيئن جيئن زماني ترقي ڪئي ۽ بجلي آئي ته هر پاسي بلبن سوجهرو پکيڙي ڇڏيو. بلبن کان سواءِ اسان ٽيوب لائيٽ مان به روشني حاصل ڪريون ٿا، (ٽيوب لائيٽ کي عام طرح اسان ’راڊ‘ به سڏيندا آهيون) اها گهڻو ڪري اسان جي گهرن، آفيسن، اسڪولن، ڪارخانن ۽ دڪانن ۾ روشن ڪئي وڃي ٿي. ٽيوب لائيٽ ۾ ٻهَ ننڍريون ننڍيون پليٽون ٿينديون آهن، جن ۾ سوڊيم ڀريل هوندو آهي يا پاري جي ٻاڦ ڇڏي ويندي آهي. جڏهن ان ۾ بجلي داخل ٿئي ٿي ته ان ۾ هوا نه هجڻ ڪري ڪرنٽ سموري ٽيوب مان گذري ٿو. اهڙي عمل جو بنيادي اُصول اِهو آهي ته جيڪڏهن ڌاتوَ جا ٻه ٽڪرا هڪٻئي کان ٿورو پَر ڀرو رکيا وڃن ۽ پوءِ ٻنهي ڌاتن ۾ هڪ پاسي کان واڌو ۽ ٻئي پاسي کان ڪاٽو ڪرنٽ گذاربو ته هڪ چڻنگ پيدا ٿيندي. انهيءَ جو سبب اِهو آهي ته انهن ٽُڪرن جي وچ ۾ هوا جو ٽَڪراءُ اچي ويو ۽ هوا بجليءَ جي سُٺي پسرائيندڙ نه آهي، پر جيڪڏهن ڌاتوءَ جي انهن ٽُڪرن کي شيشي جي نليءَ ۾ اهڙيءَ طرح بَند ڪيو وڃي، جو ٻاهرين هوا اندر داخل ٿي نه سگهي ۽ اندر واري سموري هوا کي مڪمل طور ڪڍي ڇڏجي، ۽ پوءِ ڌاتوءَ جي ٻنهي ٽُڪرن کي بجليءَ سان ڳنڍجي ته ڪرنٽ جاري ٿي ويندو. اهو ئي اصول آهي، جنهن موجب بجليءَ جي ٽيوب لائيٽ (راڊِ) ٻري ٿي.