سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18453   ڀيرا پڙهيو ويو

ڇا چنڊ به گڏ ڊڪي ٿو


گهڻن ٻارن اِهو ڏٺو هوندو ته جڏهن هو رات جي وقت ڪڏهن پنڌ ، ريلَ يا پنهنجي بابا سان موٽر سائيڪل يا ڪار ۾ سفر ڪندا آهن ته اوڀر طرف کان چمڪندڙ سهڻو چنڊ به انهن سان گڏ گڏ ڊوڙندو رهندو آهي. گاڏي جيتري تيزيءَ سان هلندي يا اوهان جنهن رفتار سان تڪڙو پنڌ ڪندا ته چنڊ جي رفتارَ به ان حسابَ سان وڌندي ويندي. ڇا هُن کي اوهان سان ايترو ئي پيار آهي جو رات پَهر ۾ اوهان سان گڏ گڏ هَلي ٿو. ها اِهو به ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن غورَ سان ڏٺو وڃي ته هي رڳو عقل جو دوکو آهي ۽ هڪڙي قسم جو ذهني/نفسياتي مسئلو پڻ. اوهان کي اِها خبر هوندي ته جڏهن اسان رستي تي يا ڪشادي ميدان ۾ تيزيءَ سان گهمون ٿا ته اسان جي آسپاس واري ڌرتي ۽ سرسبز فصلَ اسان جي ابتي پاسي ڀڄڻ لڳندا آهن، جيڪڏهن اسان اوڀر طرف ڊُڪنداسين ته اُنهن جو رخ اولهه طرف هوندو ۽ پوءِ چنڊ ڏانهن ڏسنداسين ته، اهو محسوس ٿيندو آهي ڄڻ هو به اسان ۽ ڌرتيءَ سان گڏ ڊوڙي رهيو آهي، پر حقيقت اِها آهي ته زمين کان چنڊَ جو مفاصلو ان مقابلي ۾ گهڻو وڌيڪ آهي، جيڪو اسان جي ريلَ، موٽر يا بس ڪجهه ڪلاڪن يا منٽن ۾ طئي ڪري وَٺي ٿي. ان جو مطلب اِهو ٿيو ته موٽر يا ريلَ جي حرڪت سان گڏ چَنڊ جو پاسو مَٽجي ٿو، خاص طور تي اُن وقت جڏهن سفر سِڌي رستي جو هجي پر اُن جي اُبتڙ باقي ٻين شين جو پاسو ڦِرندو رَهي ٿو ڇو ته اُهي ويجهڙيون هونديون آهن. اِهو ئي سبب آهي جو انهن جي ڊوڙ اُبتي طرف هوندي آهي جيئن ته ويجهين شين جي مقابلي ۾ چنڊ جو طرف ڏور هئڻ ڪري تمام آهستي بدلجي ٿو ان لاءِ اسان کي ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ چنڊ به اسان سان گڏ گڏ ڊوڙي رهيو آهي. 