سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18425   ڀيرا پڙهيو ويو

ڪيڏو ڏور ستارا


ننڍڙا پيارا ساٿيو! اوهان سڀئي روزانو آسمان ڏِسندا آهيو. هيءُ ايڏو ڪُشادو ۽ وِشالُ پري پري تائين پکڙيل ڪڏهن نيرو، ڪڏهناڇو، ٻن رنگن جو جُڙيل هي ڇَٽُ اسان مٿان ڇانيل رهي ٿو. پياري پالڻهارَ جي بڻايل هيءَ سموري ڪائناتِ ايتري ويڪري ۽ ايتري وسيع آهي جو ان جي ڦهلاءَ جو اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي! چنڊ ڇا آهي؟ تارا ڇا آهن؟ سج ڇا آهي؟ اِهي سڀ رب جي قدرت ۽ ڪمال جا نمائندا آهن انسانُ انهن سڀني نمائندن کان اهم نمائندو آهي، جنهن کي هن ايترو عقل عطا ڪيو آهي جو هو انهن سڀني شين جي علم ۽ حقيقت کي سمجهي، تنهن ڪري ماهرن ڳولا ڪئي ۽ سمورن آسماني ستارن جي تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪري، انهيءَ کي ڪتابن ۾ سهيڙيو ته جيئن عام ماڻهن کي معلومات ملي سگهي. فلڪيات جي علم ۾ نورِي سالُ پيمائش جو هڪ اصطلاح آهي. ٻين لفظن ۾ نوري سالُ هڪ قسم جو مفاصلو آهي، جيڪو روشني هڪ سال ۾ پورو ڪري ٿي، يعني 000,000,000,00060, ميل سج تائين مسافري ڪرڻ کانپوءِ آڪاش جو جيڪو تارو اسان کي سڀ کان ويجهڙو آهي، ان جو نالو پراڪزيما سينتوري (Preximacentavri) آهي. انهيءَ تاري جي روشني اسان تائين رَسڻ لاءِ اڍائي سالن جو عرصو گهرجي، هڪ ٻيو ستارو جيڪو ڌرتيءَ جي ڏکڻ اڌ حصي مان نظر ايندڙ تمام ويجهو ستارو آهي، ان جو نالو سِريس (Sirius) آهي، جنهن جو مفاصلو اٺن نوري سالن جيترو آهي. جيڪڏهن اسان چاهيون ته دوربينيءَ جي مدد سان هڪ لک نوري سال کان پري تائين تارا به وڏا ۽ چِٽا ڏسي سگهون ٿا. هڪ مضبوط ۽ سُٺي دوربين انهيءَ ڊگهي مفاصلي کي لڳ ڀڳ هزار ڀيرا وڌائي ڏيکاري سگهي ٿي. جيڪي تارا هڪ ارب نوري سال جي مفاصلي تي آهن، انهن جي جيڪا روشني اڄ اسان کي ڏيکارجي ٿي، اُها اتان کان هڪ ارب سال اڳُ رواني ٿي هئي ۽ انهيءَ وقت اسان جي ڌرتيءَ تي فقط هڪ جيو گهرڙي وارن جاندارن جا آثارَ ظاهر ٿيا هئا. 