سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18429   ڀيرا پڙهيو ويو

بالا بين periscope ڇا آهي؟


بالابين کي انگريزي زبان ۾ پيري اسڪوپ (Peri scope) چوندا آهن. هي سائنس جو هڪ اهڙو ڪارآمد اوزار آهي، جيڪو ڪيترن ئي مقصدن ۾ استعمال ٿيندو آهي، مثال طور: جنگ جي وقت ۾ فوجي جوانَ جڏهن مورچن يا کاهين جي اندر لِڪل هوندا آهن ته بالابين جي مدد سان هو ٻاهرين سموري صورتحال کي آسانيءَ سان ڏسي سگهندا آهن. اهڙي طرح پاڻيءَ اندر هلندڙ آبدوزن ۾ سفر وقت انهن جي مواد سان مٿاڇري تي هر شيءِ جو جائزو وٺي سگهجي ٿو. ’بالا‘ جو مطلب آهي، مَٿي يا مٿانهون ۽ ’بين‘ جي معنى آهي: ڏسڻ، يعني اهڙو اوزار جيڪو مَٿان جون حالتون ڏيکاري. انهيءَ ايجادَ کي اُپٽيل بلورن وسيلي تيار ڪيو وڃي ٿو، جن کي هڪ ٽيوبَ ۾ اهڙيءَ ريت مَڙهيو يا جَڙيو ويندو آهي جو اُنهن جو هڪ پاسو شين جا عڪس ٽيوب جي هيٺان ٻئي پاسي تي وجهندي، تصوير کي ڏسندڙ ماڻهوءَ جي اک تائين پهچائي ٿو. گذريل عالمي (مهاڀاري) جنگين ۾ بالابين جو عام استعمال ڪيو ويو هو، ڇو ته هي اوزارُ جنگي ڳُجهين ۽ رازدار جاين تي عام طور ڪَتب آندو وڃي ٿو. آبدوز ٻيڙيون هلائيندڙَ پاڻيءَ جي مَٿان يا سطح هيٺان سامونڊي جهازن کي بالابين جي مدد سان سولائيءَ سان ڏسي سَگهن ٿا.