سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18407   ڀيرا پڙهيو ويو

خوردبينيءَ Microscope جو اصل خالق ڪير؟


عام طرح سَمجهيو ويندو آهي ته دنيا جي سڀ کان پهرين خوردبيني 1590ع ۽ 1607ع ۾ هالينڊ جي شهر مڊل برگ جي عينڪون ٺاهڻ وارن ڪن رهاڪن تيار ڪئي، جن جا نالا ترتيب وار هانس، جانس ۽ زڪرياس آهن. هانس اهو پهريون شخص هو، جنهن خوردبينيءَ کي پهريون ڀيرو چڱي نموني استعمال ڪري ڏٺو. اينٽن ڊان ليون هوڪ نالي هڪ سائنسدان اڄ کان لڳ ڀڳ ٽي سئو سال اڳي هالينڊ جي هوائي چَڪين ۽ واهن وچ ۾ پنهنجي کوجنا ڪندي هڪ اهڙو ڪارائتو اوزار هٿ ڪيو، جيڪو هڪ ڊگهي نَلڪيءَ وانگر هو. نلڪيءَ جي ٻنهي ڇَيڙن تي ٻه شيشا لڳل هئا. شروعاتي خوردبين جي اِها ئي صورت جوڙي وئي، پر پوءِ اينٽن انهيءَ کان بهتر ۽ خوبصورت خوردبينون تيار ڪيون. اهڙيءَ ريت هن انسانذات کي هڪ ڳُجهي دنيا جي ڄاڻ ڏياري. وقت گذرڻ سان زماني پنهنجي انهيءَ احسان ڪندڙ انسانَ کي وساري ڇڏيو، پر حقيقت اِها آهي ته اينٽن ئي اسان کي مخفي جيوڙن جو جهان ڏيکاريو. سائنس سندس پسند جو مضمون ۽ موضوع هو. هن پهريون ڀيرو پنهنجين اکين سان اهڙين پُراسرار شين جو ڳُوڙهو مشاهدو ماڻيو، جن کي اڳ ڪڏهن به ڪنهن ڪونه ڏٺو هو. اينٽن ليون هوڪ ڏاڍو جاکوڙي قسم جو انسانُ هو، تنهن ڪري ئي هُن تمام گهڻي محنت ڪندي نهايت عجيب انوکين جاين تان خوردبينيءَ سان تجربا ڪندي نت نوان نتيجا حاصل ڪيا. مثال طورَ: پنهنجي واتَ ۾، برسات جي پاڻيءَ ۾، ڊيلف جي ندين ۾ موجود ڪيترن قسمن جي جيوڙن ۽ مڇين کي جاچيو. هن کي هر هنڌ زندگيءَ جا آثارَ ۽ حرڪت ڪندڙ جيوڙن جا نمونا مليا. مٽي، گُس، سمنڊ ۾ هر جاءِ خوردبين-مخلوق موجود ملي. جن کي عام اک ڏسي نٿي سگهي. اهڙيءَ طرح هن کي گوشت وارا ڪِيڙا، جيت جڻيا ۽ ٻوٽا سڀ جا سڀ نهرا ۽ سخت هئڻ بجاءِ ننڍڙن، ڳُتيل، سوراخدار ٽُڪرن جي شڪل ۾ نظر آيا. اينٽن جا سنگتي ساٿي ۽ پاڙيسري انهن ڳالهين/ عملن ڪري کيس چَريو چوڻ لڳا، پر سندس جستجو ۽ تڙپ ٻين عظيم سائنسدانن لاءِ تحقيق ۽ تجربن جو رستو کولي ڇڏيو. جيتوڻيڪ اينٽن لِڪل جيوڙن ۽ بيمارين جي وچ ۾ ڪوئي ڳانڍاپو ڳولي نه سگهيو، پر هن ايترو ضرور ڪيو ته پاڻ کانپوءِ ايندڙ سائنسي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ سهڻي سوکڙي هڪ اهم ايجاد خوردبينيءَ جي صورت ۾ ڏئي پنهنجو نانءُ جياري ويو.