سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18439   ڀيرا پڙهيو ويو

فيوز وائر


’فِيوز وائرِ‘اهڙي تار کي چئبو آهي، جنهن مان بجليءَ جو وهڪرو گذري سگھي. جيڪڏهن اُن تارَ ۾ بجليءَ جو وهڪرو (voltage) وڌيڪ گذري ته ان جي پگهرجڻ جو خطرو هوندو آهي ۽ جڏهن تارَ پگهرجي وڃي ته بجليءَ جي پهچ جو سلسلو ڪٽجي (disconnected) وڃي ٿو. وائرِ اندر ٻه تارون ويڙهيل هونديون آهن، ڪنهن سبب ڪري ڪِٿان ٽٽي پون يا ڪَٽجي وڃن ته ٻئي واڌو (Positive) ۽ ڪاٽو (Negative) پاڻ ۾ ملڻ ڪري انهن تارن مان هڪ شعلو ظاهر ٿيندو ۽ جلد ئي بجلي بند ٿي ويندي، جنهن سان وڌيڪ نقصان جو ڪو خطرو نه رهندو. جيڪڏهن بجليءَ جو وهڪرو يا ڪنهن جاءِ گرمي (voltage) مقرر حد کان وڌي وڃي يا ان کانسواءِ ٻي ڪا خرابي ٿي پوي ته ’فيوز وائر‘ پگهرجي ويندي جنهن ڪري بجليءَ جو سلسلو بند ٿي ويندو. جيڪڏهن فيوز وائر لوههَ يا سخت ڌاتوءَ جي ٿُلهي تارَ مان يا ڪجهه تارن کي پاڻ ۾ مِلائي استعمال ڪنداسين ته اهڙي ’فيوز وائر‘ پگهرجي ڪانه سگهندي، نتيجي ۾ ان مان وڏو نقصان ٿي پوندو ۽ ٻيون تارون سڙي عمارت کي نقصان رسائينديون يا انساني حياتين لاءِ هاڃيڪار بڻبيون. ان ڪري ’فيوز وائر‘ لاءِ هميشه سنهي تارَ استعمال ڪئي ويندي آهي، جيئن ڪنهن خرابيءَ جي صورت ۾ اڏامي وڃي ۽ ڪوئي به نقصان نه ٿئي. 