سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18401   ڀيرا پڙهيو ويو

پاڻيءَ وسيلي صوف جو وزن


ٻارو! ٻهَ هزار سالَ اڳ جڏهن جڳ مشهور يوناني ڏاهي، حسابن جي ماهر ۽ جاکوڙي سائنسدان ارشميدس پنهنجي ڪتاب ’ترندڙ جسم‘ ۾ اها واٽ ٻڌائي هئي ته ترندڙ جسمَ پاڻياٺ ۾ داخل ٿيڻ مهل جيڪا پاڻياٺ هَٽائن ٿا، انهيءَ جو وزن داخل ٿيندڙ جسم جي برابر هوندو آهي، ۽ ائين پاڻيءَ جي ڦهلاءَ وسيلي ان جو وزن معلوم ڪري سهگجي ٿو. ان تجربي لاءِ اوهان رڳو پاڻي ۽ شيشي جي پيالي مان به ڪم وٺي سگهو ٿا. جيڪڏهن اهو ٿانءُ گهڻو وڏو آهي ته صوف کي ان اندر وجهي ڏسو ته صوف پاڻيءَ ۾ وجهڻ کان اڳ واري پاڻيءَ جي سطح ۾ ڪيترو واڌارو آيو آهي، اهو واڌارو ئي اصل ۾ ان صوف جو وزن آهي. جيڪڏهن شيشي جو ٿانءُ/پيالو ننڍو آهي ته صوف کي اهڙي ڪنهن پيالي ۾ وجهو جيڪو ڪناري تائين پاڻيءَ سان ڀريل هجي. ان پيالي کي هڪ خالي ٿالَهه ۾ رکو ته جيئن پاڻي اڇل کائي ٿالهه ۾ ڪِري. ٿالَهه ۾ ڪرندڙ پاڻي گڏ ڪري ان جو وزن ڪريو ته صوف ۽ پاڻيءَ جو وزن لڳ ڀڳ ساڳيو بيهندو. ان مان ثابت ٿيو ته ڪنهن به شيءِ جو پاڻيءَ ۾ وزن اوتروئي ٿئي ٿو جيترو اها پنهنجي جسم سان پاڻي هٽائي ٿي.