سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18416   ڀيرا پڙهيو ويو

رٻڙ جي ابتدائي ڪهاڻي؟


آمريڪا جي کنڊ کي ڳولي لهندڙ مشهور سامونڊي ڪولمبس پنهنجي سامونڊي سفر دوران هڪ اهڙي هنڌ پهتو جتي اِهو ڏسي ڏاڍو حيران ٿيو ته ٻارَ هڪ اهڙي کينهونءَ سان راند کيڏي رهيا هئا، جنهن باقاعدي ٽپا پئي ڏنا. جڏهن هُن، انهيءَ عجيب غريب راند جي کوجنا ڪئي ته کيس خبرپئي ته ٽپا ڏيندڙ اهو کينهون هڪ قسم جي کونئر مان جوڙيو ويو هو، جيڪو اُتي هڪ وڻ مان ٿي نڪتو. ڪولمبس کي ان ڳالهه جي ڏاڍي دلچسپي ٿي پئي ۽ نموني طور هو اهڙا ڪجهه کينهون واپسيءَ وقت پاڻ سان کنيو آيو. ٽن سئو سالن کانپوءِ جوزف پرٽلي (جنهن آڪسيجن دريافت ڪئي هئي)، معلوم ڪيو ته انهيءَ سان پينسل جا لکيل اکر ڊاهي سگهجن ٿا ۽ جيئن ته انگريزي ٻوليءَ ۾ مهٽڻ يا گسائڻ لاءِ لفظ ‘رب’ (Rub) استعمال ٿيندو آهي، انڪري ان نسبت سان اهڙي نئين دريافت جو نالو ’ربڙ‘ (Rubber) پئجي ويو، جنهن جي معنى آهي مَهٽيندڙ. اِسڪاٽ لينڊ جي هڪ ماڻهوءَ منٽوش پهريون ڀيرو هڪ اهڙي بَرساتي پوش (مينهن کان بچڻ لاءِ لباس) تيار ڪئي، جنهن ۾ اهڙو رٻڙ ڪتب آندو ويو. ڊنلپ (Dunlop) نالي هڪ انگريز سڀ کان پهريائين رٻڙ جو ٽائر بڻايو. هن ڦيٿي مٿان رٻڙ جو ٽيوب چاڙهي استعمال ڪيو، پر ڏٺو ويو اهي سڀ شيون سرديءَ ۾ سخت ٿي ويو ۽ گرميءَ جي موسم ايندي ئي گرم بڻجي چنبڙڻ ٿي لڳيون. انهيءَ جو حل اتفاقي طور 1939ع ۾ چارلس گڊائر جي هٿ اچي ويو. هو غلطي مان گرم چُلهي تي رٻڙ ۽ گندرف جو مرڪب ڇڏي ويو. بعد ۾ هُن ڏٺو ته جيڪڏهن رٻڙ ۽ گندرف کي اهڙيءَ ريت گرم ڪيو وڃي ته ان ۾ ڇڪجڻ ۽ سُسڻ جي خوبي پيدا ٿي پوي ٿي. اڄڪلهه انهيءَ ٽيڪنيڪ ذريعي رٻر جون ڪيتريون ئي مصنوعات ٺاهيون وڃن ٿيون.