سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18432   ڀيرا پڙهيو ويو

بائيو گئس


جديد دؤر جي هن نئين ايجاد بابت پَڪ سان اوهان ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڄاڻندا هوندؤ. قدرتي گئس ته هاڻي هرهنڌ ڪَتب اچي ٿي پر بائيوگئس جو واهپو اڃا ڪنهن ڪنهن جاءِ تي آهي. خاص طور تي اهڙا ڳوٺاڻا علائقا جتي قدرتي گئس پهچڻ ڏکيو مسئلو آهي، بائيوگئس مان ڪيترائي ڪم ورتا پيا وڃن. هاڻي اچو ته انهيءَ گئس جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ معلومات حاصل ڪريون. ’بائيو‘ جو ترجمو ٻوليءَ جي ڄَاڻُنِ ’زندگي‘ ڪيو آهي ۽ جڏهن گڏ گئس لڳائي ’بائيوگئس‘ ٿِي پوي ٿي ته مطلب اھو وڃي ٿيندو ته اهڙي گئس جيڪا ساهوارن جي فضلي يا ڇيڻي مان ٺهندي هجي، يعني هيءَ گئس ڪنهن قيمتي ڌاتو يا وري ڪِنِ ڪيميائي جُزن مان نٿي جُڙي پر اُن جي تياريءَ ۾ فقط جانورن جا ڇيڻا استعمال ڪيا وڃن ٿا. تيار ٿيڻ کانپوءِ هيءَ گئس عام ٻارڻ ۽ قدرتي گئس جيان ڏاڍو تيزيءَ سان ٻَري ٿي. تجربي مان ثابت ٿئي ٿو ته هن گئس جي اهميت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ايندو پيو وڃي. ڇيڻن مان اهڙي فائديمند گئس پيدا ڪرڻ جديد سائنسي جهانَ جو هڪ ساراههَ جوڳو ڪارنامو آهي. هيءَ گئس هاڻي ملڪ ۾ تمام تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي پر هڪ اندازي موجب ڪنهن دور ۾ پاڪستاني حڪومت اِنهيءَ سلسلي ۾ هڪ کاتو به قائم ڪيو هو، جنهن جو ڪم بائيوگئس کي بهتر بڻائڻ لاءِ تحقيقي تجربن سواءِ وڏن وڏن شهرن يا ڳوٺن ۾ کوههَ کوٽائي، ڇيڻا پُورائي مثالي پلانٽ لڳائڻ ۽ تسليءَ جوڳا نتيجا ماڻڻ هو. انهيءَ گئس جو وڌ ۾ وڌ فائدو اهو آهي ته ٻارڻ جي سموري کوٽِ جي پورائيءَ سميت قدرتي گئس جي گهڻي گهرجَ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.