سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18437   ڀيرا پڙهيو ويو

شيشو ملهه مهانگو


جيڪڏهن اِهو چيو وڃي ته شيشو هڪ اهڙو اسم آهي، جيڪو هيري کان به وڌيڪ قيمتي ۽ اهميت وارو آهي ته ڀلا ڪير اعتبار ڪندو! هيرو ته هڪ اڻلڀ شيءِ آهي، جڏهن ته شيشو گهٽين ۽ گند ڪچري جي ڍيرن تي به گهڻي انداز ۾ ملي وڃي ٿو. اسان ته روزاني واهپي ۾ شيشي جا ٿانوَ، ٿالهيون، گلاسَ ۽ بوتلون وغيره استعمال ڪندا آهيون، ان کان سواءِ سونارا ان مان ٺهيل نگن، موتين وغيره کي ڳهن ڳٺن ۾ هيرن جواهرن جي جاءِ تي مڙهڻ لاءِ به استعمال ڪندا آهن. ڪارج جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته شيشو هيرن جواهرن کان به وڌيڪ ڪتب ايندڙ شيءِ آهي. هڪ پائونڊ (12 آئونس) جواهرن جي رقم لکن ڪروڙين رپين تائين وڃي رسندي پر ان جي مقابلي ۾ ايتري ئي مقدارَ جو شيشو ڪجهه روپين ۾ ڳنهي سگهجي ٿو. طبعي ۽ ڪيميائي ماهرن ته شيشي کي بهتر کان بهتر ۽ مفيد روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇو ته ان جو شفاف هئڻ ئي سڀ کان وڏي خاصيت آهي. پيارا ٻارو! شيشو سائنسدانن جي لاءِ به تمام ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته جيڪڏهن شيشو نه هجي ها ته سائنس ڪڏهن به ايتري ترقي نه ڪري ها، جيتري اڄ جي سائنسي دؤر ۾ اسان ڏسون ٿا، ڇو ته تجربيگاهن جي سامان ۾ شيشو سڀ کان وڌيڪ ڪم ايندڙ شيءِ آهي. هلندڙ وقت ۾ شيشي جا ڪيترائي قسمَ تيار ٿي چُڪا آهن ۽ اهو انيڪ ڪمن ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي. اوهان شايد يقين نه ڪريو ته اڄڪلهه اهڙو ته سخت شيشو تيار ٿي چڪو آهي، جنهن مان جاين جون سِرون ۽ ڪِٽلين (چانهه دانين) جا هَٿيا به ٺاهيا وڃن ٿا. ان جي ڪيترن ئي قسمن مان بجليءَ جي وهڪ به ٿي گذري. ٽيليفون جي ٿنڀن تي لڳل شيشي جون پياليون اوهان سڀني ته ضرور ڏٺيون هونديون. ڪيترا ماڻهو انهيءَ راز کان باخبر آهن ته هاڻي شيشي جا لکين ڪلوميٽر ڊِگها ڌاڳا به تيار ڪيا وڃن ٿا، جيڪي مختلف مقصدن ۾ استعمال ٿي رهيا آهن. انهيءَ ڌاڳي جو بڻيل ڪپڙو اهڙو آهي، جنهن تي باهه به اثر نٿي ڪري. هي ڪپڙا گرم ۽ چمڪندڙ ٿيندا آهن. ٻارو! سنگ مرمر به هڪ قسم جو پٿر آهي، جنهن مان گهڻو ڪري سون نڪري ٿو. ان کي ڳاري جيڪو شيشو حاصل ڪيو وڃي ٿو سو نزاڪت ۽ نفاست جي لحاظ کان بهترين سمجهيو وڃي ٿو. اڄڪلهه ته شيشو ٻين مختلف طريقن سان به حاصل ٿئي ٿو، جنهن ۾ واريءَ کان وٺي کنڊ تائين سموريون شيون شامل آهن. ڪابه شيءِ جيڪا گرميءَ سان پگهرجي وڃي ۽ ٿڌي ٿي سُسي وڃي اها شيشي جوڙڻ لاءِ ڪچي مال جي حيثيت رکي ٿي، پر شرط اهو آهي ته اها شفاف ضرور هجي. ڪيميائي طور تي شيشي کي لوهه کان وڌيڪ سخت ۽ وارنش کان وڌيڪ نرم ڪري سگهجي ٿو. هاڻوڪي دؤر ۾ سائنسدانن جي ضرورت جا جيترا به اوزار اسان کي ملن ٿا، ان جو گهٽ ۾ گهٽ 5/4 تعداد ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ شيشو ئي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪيئن ٻارو! مٿئين ڄاڻ مان معلوم ٿيو نه ته شيشو ڪيڏو قيمتي يا مُلههَ- مهانگو آهي !