ڪتاب جو نالو | سائنسي ڄاڻَ |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-70-3 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (608) PDF E-Pub |
انگ اکر | 22 October 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 18395 ڀيرا پڙهيو ويو |
شينهن جهنگلي جانورن ۾ ’جهنگ جو بادشاهه‘ سمجهيو ويندو آهي. قدرت کيس ڏاڍو چُست، دلير ۽ رعب وارو جانور بڻايو آهي. جڏهن هي وڏن ڪُشادن جهنگن ۾ گجگوڙ ڪري ٿو ته سمورو ماحول ڏَڪي وڃي ٿو. شينهن سدائين پنهنجو شڪار پاڻ ڪندو آهي ۽ ڪنهن ٻئي جو ڪيل شڪار کائڻ هرگز پسند نٿو ڪري. عام طور شينهن جي خوراڪ هرڻ، ڦاڙها، زيبرا ۽ ٻيا جهنگلي جانور آهن. انهن جانورن کي هو پنهنجي تيز نوڪدار چنبن سان ماري پنهنجو پيٽ ڀَري ٿو. جڏهن ڪو شينهن ڌڻ مان ڪنهن هرڻ يا ڦاڙهي کي پنهنجي شڪارَ لاءِ تاڙي ٿو ته هو اُن ڏانهن ڏاڍي هوشياري، چالاڪي ۽ عقلمنديءَ سان پَيرُ پَيرَ ۾ مِلائي وڌي ٿو ۽ شڪار ٿيندڙ جانورَ کي هرگز پنهنجي ارادي جي خبر ٿيڻ نٿو ڏئي. جيئن ته سندس شڪارُ جهنگن کانسواءِ ميداني علائقن ۾ به ملي ٿو، ان ڪري شينهن ڪجهه مفاصلي تان پنهنجي شڪار طرف وڌي ٿو. زمين تي پيٽ ڀَرِ هو ننڍڙن ننڍڙن ٻوٽن يا ٻين قدرتي رنڊڪن جي اَوٽَ وٺي خاموشيءَ سان لڪي ويهي ٿو، جڏهن شڪار کان سندس مفاصلو لڳ ڀڳ 100 فٽ رهجي وڃي ٿو ته هو ڏاڍي تيزيءَ ۽ نهايت ڦڙتيءَ سان ان تي اک ڇنڀ ۾ جهپڙ هڻي ٿو ۽ شڪار کي ڪنهن به بچاءَ يا مزاحمت جو موقعو نٿو ڏئي. ماهر شڪارين جي اندازي موجب حملي وقت شينهن جي گهٽ ۾ گهٽ رفتارَ 22 ڪلوميٽر (45 ميل) في ڪلاڪ تائين هوندي آهي. ڪيترا ڀيرا ائين به ٿيندو آهي ته شينهن پنهنجي شڪار کي تاڙي ويهي رهندو آهي ۽ جيئن ئي شڪارُ سندس آڙَ ۾ آيو، ان هڙپ ڪري ڇڏيندو آهي. شينهن گهڻو ڪري ميڙَ جي صورت ۾ رهن ٿا، جن جو تعداد ويهن تائين هوندو آهي.