سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18403   ڀيرا پڙهيو ويو

آواز ڪيئن ٿو پيدا ٿئي؟


اسين روزانو ڪيترن ئي قسمن جا آوازَ ٻُڌندا آهيون ، ھلڪا آواز ، زودار آوازَ، انسانن، جانورن، جهازن ۽ وڏين وڏين مشينن جا آوازَ، پر غور ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته آخر اھي سمورا آوازَ پيدا ڪيئن ٿا ٿين! اسان ڪنهن ميدان يا کوههَ جي ويجهو بيهي وڏي رڙ ڪريون ته اهو آواز واپس وري اسان جي ڪنن تائين پهچندو. مثال طور اسان رڙ ڪندي چونداسين وڃ ته هڪدم اسانجي ڪنن ۾ آواز ايندو وڃ ! انهيءَ واپس وَرندڙ آواز کي ’پڙاڏو‘ چيو وڃي ٿو. ان جو سبب اِهو آهي ته آواز تيز رفتاريءَ سان مفاصلو طئي ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪنهن شيءِ سان ٽڪرائجي آخرڪار واپس وَري اسانجي ڪنن ۾ داخل ٿئي ٿو. فرض ڪريو ته کوهه ۾ منهن وجهي رڙ ڪجي ته اهو آواز هڪ سيڪنڊ کانپوءِ ٻيهر اسان کي ٻُڌڻ ۾ اچي ته معنى اها نڪتي ته اڌ سيڪنڊ ۾ اهو آواز کوهه جي پاڻيءَ جي مٿاڇري سان ٽڪرائجي ۽ پوءِ ايتري ئي دير ۾ ٻيهر اسانجي ڪنن تائين اچي پهتو. ٻارو! اهڙي طرح اوهان ڪنهن درياهه ، نديءَ يا تلاءَ ۾ جڏهن ڪو پٿرُ وغيره اڇلايو ٿا ته پاڻيءَ جي مٿاڇري تي لهرن جو هڪ دائرو بڻجي آهستي آهستي پَري ڦهلبو ويندو آهي ۽ آخرڪار هڪ هنڌ پهچي اهي لهرون ختم ٿي وڃن ٿيون. اهڙو ئي اصول آواز جو به آهي، آواز لهرن جي صورت ۾ پيدا ٿئي ٿو پر فرق فقط اِهو آهي ته پٿر اڇلائڻ سان پاڻيءَ جون لهرون نظر اچن ٿيون، جڏهن ته آوازَ جون لهرون ڏسجن نه ٿيون. آواز پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اها شيءِ لُڏندڙ/حرڪت ڪندڙ هجي، جيئن دهل جي کَلَ تي ڌڪ لڳايو ته هڪ لرزو پيدا ٿيندو. مينهُن وسندي آسمانَ تي کنوڻ چمڪندي آهي ته ان چَمڪي کانپوءِ ڪجهه سيڪنڊن بعد گجگوڙَ ٻُڌجي ٿي. ان جو سبب به اِهو آهي ته روشنيءَ جي رفتار سائنسدانن آواز جي رفتار کان تيز معلوم ڪئي آهي. انهيءَ ڪري کنوڻ جي چَمَڪَ (جَرڪو) پهريائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ ڪَڪَرَن جي گجگوڙ پوءِ ٻُڌڻ ۾ اچي ٿي. اِها ئي ڳالهه اسان کي جديد قسم جي جيٽ ۽ جنگي جهازن ۾ ملي ٿي، جيڪي آسمان تي ڏاڍي تيزيءَ سان اڏامن ٿا ۽ آواز انهن جي گُذري وڃڻ کانپوءِ ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو. 