سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18434   ڀيرا پڙهيو ويو

پاڻيءَ جو ذائقو


عام طرح سان پاڻي بي رنگ ۽ بي ذائقه هوندو آهي، پر انهيءَ ۾ ڪن شين جي گڏجڻ سان رنگ ۽ ذائقي ۾ فرق ٿي سگهي ٿو. پاڻيءَ جي قسمن مان مِينهَن جو پاڻي نج هوندو آهي. اِنهيءَ پاڻيءَ ۾ رڳو گئسون گڏيل هونديون آهن. جيڪي پاڻيءَ جي ڦُڙن ۾ شامل ٿي وڃن ٿيون. چشمن جو پاڻي مِينهَن وارو اهڙو پاڻي هوندو آهي، جيڪو پٿريلي ڌرتيءَ ۾ جذب ٿي ڪنهن پَٻَ جي مٿاڇري تي بيهي رهندو آهي ۽ پوءِ ڪنهن داٻَ ڪري ٻاهر ڦاٽِي نڪرڻ لڳندو آهي. عام طورَ انهيءَ کي چشمو چئجي ٿو. هي پاڻي جنهن قسم جي مِٽيءَ يا معدنيات مان گذرندو آهي اهي ئي هن سان گڏجي ان جو ذائقو ۽ رنگ طي ڪندا آهن. جيڪي معدني چشما نه ٿيندا آهن، انهن جي پاڻيءَ جو ذائقو لوڻياٺو/کارو ٿئي. ڪڏهن انهيءَ ۾ ميگنيشيم جا جزا مليل هوندا آهن ۽ وري ڪڏهن گندرف جي ملاوٽ ٿي پوندي آهي. ان سبب معدني چشمن جا ذائقا به مختلف هوندا آهن. دريائن جو پاڻي جابلو علائقن ۾ صاف ۽ مِٺو ٿئي پر جڏهن هي پاڻي وهندي ميداني علائقن ۾ پهچي ٿو ته رستي جي مِٽي ملڻ ڪري ميرو ۽ گدلو بڻجي پوي ٿو ۽ ان جو ذائقو به ڦِري وڃي ٿو، جنهن کي اسان ڳوٺن ۾ ’ڇُڙيو پاڻي‘ ڪوٺيون ٿا. سمنڊ جو پاڻي جيڪڏهن اَوهان چَکِي ڏسندا ته حد کان وڌيڪ کارو لوڻياٺو لڳندوَ. ڪِن سمنڊن جو پاڻي ته بلڪل به استعمال جهڙو نه هوندو آهي. انهيءَ کي پيئڻ لائق بنائڻ لاءِ ان مان لوڻ ڪڍڻ (desalination) جو عمل ڪرڻو پوندو آهي. ڪجهه علائقن جو پاڻي ايترو مِٺو، شفاف ۽ جلد هضم ٿيندڙ هوندو آهي جو سخت کان سخت کاڌي کي به تڪڙو هضم ڪري ڇڏي، اهڙو پاڻي سُٺي قسم جو سمجهيو وڃي ٿو. سونهاري سنڌجي سرزمين تي مختلف خِطن (حصن) جو پاڻي ڌار ڌار ذائقي وارو ٿئي، خاص طور لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ضلعن جو پاڻي مِٺو، هَلڪو ۽ وڻندڙ آهي.