سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18398   ڀيرا پڙهيو ويو

ڇا چمڙا انڌا آهن؟


عام طور تي اِها ڳالهه مشهور آهي ته چمڙا اَنڌا ٿيندا آهن. انگريزي ٻوليءَ ۾ ته ’چمڙن جي انڌائپ‘ اصطلاح طور استعمال ٿئي ٿي. حقيقت ۾ چمڙا اَنڌا ڪونه هوندا آهن، بلڪ عام جاندارن جون اکيون پيشانيءَ تي ظاهر هونديون آهن، جڏهن ته قدرت چمڙن کي اهڙي جس سندن وارن واري نرم کَلَ يا چمڙيءَ جي اندر ڏني آهي، جيڪا کين سامهون ايندڙ شين کي محسوس ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. ارڙهين صديءَ ۾ اٽلي جي هڪ سائنسدان چمڙن کي اکين کان انڌو ڪري هي ثابت ڪيو ته اکين وارا ۽ انڌا چَمڙا ساڳئي طريقي سان گهگھه اوندهه ۾ اوچن ڊگهن گهاٽن وڻن جي شاخن مان گذرندي مٿي هيٺ وڏي مهارت ۽ صفائي سان هيڏانهن هوڏانهن اُڏامي سگهندا آهن ۽ سندن جسم گهڻي ڀاڱي ڪنهن به شيءِ سان نٿو ٽڪرائجي. سائنسدانن اھو به ٻُڌايو ته چمڙن جي اڏامَ نظر سان نه پر نرم چمڙيءَ جي مدد سان ٿئي ٿي. ان کانپوءِ ويهين صديءَ ۾ سائنس جي ترقيءَ سان جڏهن راڊارَ ايجاد ٿيا ته اِن ڳالهه جو ااندازو ٿيو ته کليل فضائن ۾ تيزي سان اڏامڻ وارا جهازَ به راڊار-نظام وسيلي پنهنجي اوچائي، آسپاس جي ماحول، جابلو ۽ طوفاني علائقن جو پَتو لڳائن ٿا، تنهنڪري پَڙاڏي واري اصول کان ڪم وٺندي انسان اِها ڳالهه به معلوم ڪئي ته ڪوئي جهاز ڪنهن رڪاوٽ، زمين، جبل يا ڪنهن ٻي نهري شيءِ کان ڪيتري مفاصلي تي آهي؟ بلڪل اهڙيءَ ريت چَمڙن کي به هڪ اهڙو ئي راڊاري نظام قدرت طرفان مليل آهي، جنهن سان اهي پنهنجي رستي ۾ ايندڙ هر قسم جي رڪاوٽ جو اندازو اڏامَ وقت لڳائيندي پاڻ کي محفوظ رکن ٿا، ڪنهن جاءِ تان جيئن ئي ڪو چمڙو اڏامي ٿو ته اهو هڪ خاص قسم جي آواز جون لهرون ڇڏي ٿو، جن کي انسانَ جا ڪَنَ هرگز ٻُڌي نٿا سگهن. هي نڪرندڙ لهرون رستي ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن سان ٽَڪرائجي چمڙن جي ڪنن تائين رَسن ٿيون، جنهن سان کين درست حالتن ۽ بهتر ماحول جي خبرپئجي وڃي ٿي. چمڙن جا ڪجهه قسم به آهن، جن وٽ هي گونجندڙ آواز چپن ڀرسان گوشت جي اُڀريل سطح وسيلي محسوس ٿئي ٿو. هي لهرون چمڙن کي ايندڙ رنڊڪ کان آگاهي ڏين ٿيون ۽ اهي پنهنجي اڏامَ مَٽائي محفوظ رستو اختيار ڪن ٿا. شام وقت سج لهڻ سان ئي جڏهن ڏينهن وارا جانورَ مثال: ڪانءَ، سِرڻيون، ڪبوتر، طوطا ۽ جهرڪيون وغيره پنهنجي پنهنجي آکيرن ڏانهن وَرن ٿا ته رات واري مخلوق وري روزگار جي تلاش ۾ نڪري پوي ٿي. هي قدرت جو هڪ ازلي ۽ ابدي نظام آهي. چمڙا به رات واري اهڙي مخلوق آھي جيڪا مڇر ۽ ٻيا جيت جڻيا کائڻ لاءِ تيزيءَ سان رات جي اونداهين ۾ هيڏانهن هوڏانهن اڏامندا آهن. هڪ تمام ننڍڙو ڀوري رنگَ وارو چمڙو پنهنجي سِرَ-سلامتيءَ لاءِ پنهنجي جسمَ جي اڌ وزن جيترا جيت ۽ مڇرَ وغيره هڙپ ڪري ڇڏي ٿو. چمڙا ڏسڻ ۾ ته بيڪار مخلوق آهن پر قدرت ڪنهن به جاندارَ کي بي سبب نه بڻايو آهي. چمڙا اهڙا جانور آهن جيڪي ڪيترن ئي جيتن کي پنهنجي خوراڪ بڻائي انساني جيوت کي تحفظ ۽ صحت بخشن ٿا. انڪري هن جانور کي انسان دوست جانور به چيو وڃي ٿو.