سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18399   ڀيرا پڙهيو ويو

ٽائيپ رائيٽر


ٽائيپ رائٽر هاڻوڪي دؤر جي هڪ اهڙي ڪارائتي مشين آهي، جيڪا گهٽ وقت ۾ گهڻو ڪم اُڪلائي ٿي. اُن کي نه فقط سرڪاري ادارن ۾ پر ڪمپنين کانسواءِ دڪانن ۽ گهَرن ۾ به استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن مفيد مشين جي ايجاد ڪرڻ جو سَهرو ڪرسٽوفر ليٿيم شوس نالي سائنسدان جي سِر سونهين ٿو، جيڪو 1919ع ۾ پنسلوينيا ۾ پيدا ٿيو. اڃا هو چوڏهن سالن جو مس ٿيو ته پنهنجي ذاتي دلچسپي ۽ ذهني لڳاءَ سبب هڪ پريس تي نوڪري شروع ڪيائين ۽ ٿورڙي وقت ۾ سموري ڪم کي سٺي نموني سمجهي ويو. ان کانپوءِ هن پنهنجي هڪ اخبار ڪڍي ۽ گڏوگڏ ڇپائيءَ واري ڪم کي به جاري رکيو. سندس ذهن ۾ اها سوچ لاڳيتو ڦرندي رهي ته ڪا اهڙي مشين جوڙي وڃي، جيڪا ڇپائيءَ جو ڪم پنهنجو پاڻ ڪري سگهي. آخرڪار پنهنجي خيالَ کي عملي شڪل ڏيندي هن هڪ دوستَ سان گڏجي هڪ اهڙي مشين تيار ڪئي، جنهن سان ڪتاب جي صفحن تي صرف نمبر لڳائي سگهبا هئا. اُنهيءَ مشين جي شڪل صورت هوبهو اڄوڪي ٽائيپ رائيٽر جهڙي هئي. 1868ع ۾ هن پنهنجي سنگتيءَ مسٽر گلرنڊن سان گڏجي لڳاتار محنتن بعد دنيا جو پهريون ٽائيپ رائيٽر تيار ڪري ورتو، جنهن تي سندس خوشيءَ جي ڪا حد نه هئي! خوشيءَ جي اظهار طور هن جوڙيل نئين مشين تي ڪيترائي خط ٽائيپ ڪري پنهنجي واسطيدارن ڏانهن اُماڻيا. انهيءَ مشين ۾ هُن وڌيڪ ڦير گهير ڪندي ڪجهه سڌارا آندا، جنهن سان لفظ صاف ۽ واضح ٿي پيا. پوري طرح مطمئن ٿيڻ کانپوءِ ڪرسٽوفر وڌيڪ مشينن جي تياريءَ جا هڙئي حق هڪ آمريڪي ڪمپنيءَ کي ڏئي ڇڏيا. اهڙي طريقي سان جهجهي انگ ۾ ٽائيپ رائيٽرَ تيار ٿيڻ لڳا. تنهن کانپوءِ سائنسي ترقيءَ سان گڏ غير ملڪي ڪمپنين سٺي کان سٺا ٽائيپ رائيٽر ٺاهيا، جن ۾ لفظن کي صاف، سهڻو ۽ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کانسواءِ مشين اندر جيڪا ڪاري پَٽِي (ribbon) ڦرندي آهي ان ۾ به ڪارائتيون ۽ بهتر تبديليون ڪيون ويون. هڪ رنگَ بجاءِ ٻن رنگن ۾ به ان کي جوڙيو ويو ته جيئن شهه- سرخين يا خاص جملن کي ڳاڙهن لفظن ۾ ظاهر ڪري سگهجي، اڄڪلهه اسان وٽ اڳوڻي ٽائيپ رائيٽر کان سواءِ بجليءَ تي هلندڙ ٽائيپ رائٽر (Electric Typewriter) به عام طور تي استعمال ٿئي ٿو ۽ انهيءَ جي لکت تمام عمدي، صاف ۽ وڻندڙ هوندي آهي. هاڻي ته اهڙا ننڍا (mini) ٽائيپ رائيٽر به ٺاهيا ويا آهن، جيڪي سفر ۾ ساڻ کڻي سگهجن ٿا. اڃا به وڌيڪ حيرت جهڙي ڳالهه ته اِها آهي جو اکين جي نور کان محروم ماڻهن لاءِ اُڀريل اکرن وارا ٽائيپ رائيٽر به تيار ڪيا ويا آهن، جنهن سان پالڻهار جي هيءَ معذور مخلوق به فائدو حاصل ڪندي پنهنجي روزي ڪمائي سگهي ٿي.