سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18454   ڀيرا پڙهيو ويو

پري کان شيون ننڍڙيون ڇو؟


جهڙي طرح فوٽوگرافر ڪنهن شيءِ جي تصوير ڪڍڻ مهل ڪئميرا کي ڏاڍي حفاظت سان استعمال ڪندو آهي ۽ ڪئميرا جي شيشي وسيلي فوٽوگرافِڪ پليٽ تي اُنهيءَ شيءَ جو عڪس منتقل ٿي ويندو آهي ، بلڪل اهڙيءَ ريت جڏهن اسان ڪنهن شيءَ کي ڏسون ٿا ته ان جو عڪس اسا ن جي اک جي پردي تي اچي وڃي ٿو. ڇو ته انساني اک جي ماڻڪي ۽ پردي ۾ وچ وارو مفاصلو هڪ جيترو رهندو آهي. انڪري ڪنهن شيءِ جي ماپ يا ويڪر جو عڪس جيڪو پردي تي منتقل ٿيندو آهي، اهو مفاصلي جي ابتڙ مناسبت سان پوندو آهي، مطلب هي ٿيو ته جيڪڏهن ان شيءِ کي ٻيڻو پري ڪيو وڃي ته ان شيءِ جو عڪس به اَک جي پردي تي اڌ ٿي ويندو ۽ جي ان کي اڃا وڌيڪ پري ڪيو وڃي ته عڪس به ان حساب سان ½ بجاءِ ¼ ٿي ويندو. ان ڪري اهو ثابت ٿيو ته شيءِ جيتري پري ٿيندي ويندي ، ان جي جسامت دوريءَ ڪري ننڍي مان ننڍڙي ٿيندي ويندي. اوهان ڏٺو هوندو ته هوائي جهاز جڏهن هوائي اڏي تي بيٺو هوندو آهي ته ڪيڏو ديوَ جيڏو وڏو لڳندو آهي، پر جڏهن اھو جهاز هوا ۾ اڏامندو آهي ته هڪ پِتڪڙي پَکيءَ جيان ڏسڻ ۾ ايندو آهي سبب اهو ئي آهي ته ان جو مفاصلو اسان جي اک جي پردي کان تمام پري ٿي ويندو آهي ۽ اهو ننڍڙو نظر ايندو آهي. 