سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18394   ڀيرا پڙهيو ويو

هيرو


پيارا ٻارو! اڄ مان اوهان کي اهڙي پٿر جي آکاڻي ٻُڌايان ٿو، جيڪو ڏسڻ ۾ ته هڪ پٿر ئي آهي پر ان جي اهميت ۽ قيمت عام پٿرن جهڙي ڪانهي. انهن قيمتي پٿرن مان ڪن جو ملهه لکن، ڪروڙن رپين تائين هوندو آهي. اهڙي عجيب غريب پٿر کي اسان انگريزي ٻوليءَ ۾ ڊائمنڊ (Diamond) ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ’هيرو‘ چوندا آهيون. هيري جي ڪهاڻي ڪا نئين ناهي، انهيءَ جو ذڪر ته آسماني ڪتابن توريت، زبور، انجيل ۽ قرآن جي زمانن کان هلندو پيو اچي .روم ملڪ جا رهواسي هيري کي پنهنجي قومي ٻولي ۾ ’ايڊماس‘ جي نانءَ سان سڏيندا هئا، جيڪو آهستي آهستي بدلجي ’ايڊمانٽ‘، پوءِ ’ڊامانٽ‘ ۽ آخر ۾ ’ڊائمنڊ‘ بڻجي پيو. تڏهن اڄڪلهه اسان هيري کي ڊائمنڊ ئي چوندا آهيون. ڊائمنڊ انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي. ننڍڙا ساٿيو! اهو ٻُڌي اوهان حيران ضرور ٿيندا ته جُهوني جُڳ ۾ چريائپ ختم ڪرڻ لاءِ هيري سان علاج به ڪيو ويندو هو. دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ هيرا برازيل ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ ملندا آهن. برازيل ۾ انهن قيمتي ذخيرن جي ڄاڻ 1727ع ۾ پئي ۽ سـڄي دنيا ۾ هيرن جي ضرورت انهيءَ ملڪ مان پوري ڪئي وئي. تنهن کان پوءِ جڏهن ڌرتيءَ جي گولي تي هيري جي گهُرج وڌندي وئي ته ماهرن وڌيڪ هيرن ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهنڪري ئي 1867ع ۾ آفريڪا ۾ هيرن جي کاڻين جي خبر پئي، جتان وڏي تعداد ۾ مختلف قسمن جا هيرا لڌا ويا. ڄاڻن جو خيال آهي ته اهي هيرا ڳولڻ ۾ ان ڪري سهولت ٿي هئي جو ٻرندڙ جبل ڪِري زميني سطح جي مٿئين تهه تائين اچي ويا هئا. 1796ع ڌاران لنڊن ۾ ٽينٽ اورو ولسٽن اهو ثابت ڪيو ته هيرا هڪ قسم جي ڪاربان مان جُڙن ٿا. ان ڪري تجربي طور هُن هڪ هيري کي 750 ڊگري سينٽي گريڊ جي گرميءَ تي رکيو، پوءِ اُن مان جيڪا گئس نڪتي تنهن کي گڏ ڪري تجربيگاهه ۾ تجربو ڪري ثابت ڪيو ته اها گئس ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ئي آهي. اهڙي طريقي سان اڳ هيءَ گئس وڏي پئماني تي ڪڏهن به تيار نه ڪئي وئي هئي. هاڻوڪي وقت ۾ هيرن جا اگهَه اُڀ سان ڳالهيون پيا ڪن! تنهن هوندي به هڪ قيراط (درهم جي ٻارهين حصي برابر هڪ وزن) جي لڳ ڀڳ قيمت ڏيڊ ڊالرن کان به مٿي آهي، پر جيئن امير گهراڻن جا ماڻهون انهيءَ کي وهانءَ وقت ڪنوار جي زيورن، گهوٽ جي تاج ۾ جڙائين ٿا يا سوکڙيءَ جي صورت ۾ هارن يا مُنڊين ۾ مڙهائي ويجهن مٽن مائٽن يا دلي دوستن کي پيش ڪن ٿا، انڪري اهو ممڪن ئي ڪونهي ته هيري جو ملهه ڪو گهٽجي. چيو وڃي ٿو ته هيرن جي دنيا (World of Diamonds) ۾ ڪوهه نور هيرو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو سمجهيو وڃي ٿو.