سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18406   ڀيرا پڙهيو ويو

آمريڪي ڪوئا ۽ پاڻي


اوهان مڃو يا نه مڃو پر اها حقيقت آهي ته ڪي جاندار اهڙا به آهن جيڪي پاڻي پيئڻ کان سواءِ زندهه رهي سگهن ٿا،آمريڪا جي ريگستانن ۾ ڪجهه ننڍڙا ننڍڙا ڪوئا ٿيندا آهن جيڪي صرف جَوَ ۽ مڪئي کائي گُذر بَسر ڪندي جيئرا رهن ٿا. جڏهن ته اُنهن داڻن ۾ پاڻيءَ جو مقدارُ پنج يا ڏهه سيڪڙي تائين موجود هوندو آهي. هي ڪوئا ڪڏهن به پيئڻ لاءِ پاڻي استعمال نٿا ڪن پر جَوَنِ ۽ مڪئي جي داڻن ۾ موجود پاڻي ئي انهن لاءِ ڪافي آهي. سائنسي تجربن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو سُڪل داڻا کائي ٿُلها ٿين ٿا ۽ ڪجهه ننڍا ڪوئا سَنها ٿي مري وڃن ٿا. اهي پاڻيءَ بنا ڪيئن زندهه رهندا آهن؟ ڇا انهن جي جسم ۾ پاڻيءَ جو ڪجهه مقدارُ سدائين موجود رهي ٿو، جنهن کي اهي بعد ۾ استعمال ڪن ٿا؟ نه ..... اِن سوال جو جواب اِهو ڪونهي. جواب بلڪل سولو آهي ته ڪوئا پاڻيءَ کي ڏاڍي بچت ۽ ڪفايت شُعاريءَ سان ڪَتب آڻين ٿا. ٻين ڪوئن جي ڀيٽَ ۾ هِنن جي پيشابَ جو مقدارُ به اڌ جيترو آهي، سندن جسمَ جو اندروني نظامُ قدرت اهڙي طرح جوڙيو آهي جو کين پنهنجي غذا مان جيترو به پاڻي ملي وڃي ٿو اوتروئي انهن جي ضرورت لاء پورو آهي. ڪيليفورنيا ۾ ڪينگرو جي شڪل جهڙو وڏو ڪوئو به ٿيندو آهي، جيڪو وڌيڪ پاڻي پيئڻ کان ڊڄندو آهي. سياري جي پڇاڙيءَ ۽ بهارَ جي شروعات ۾ هي جانور ڪجهه ٻِجَ ميڙي رکندا آهن، جيڪي اونهاري ۾ مزي ساڻ کائن ٿا.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪوئا ٻِجَ پنهنجي ٻِرَن ۾ گڏ (store) ڪونه ٿا ڪن پر هو چئن پاسن کان ڪيترائي اونها سوراخ ٺاهي، ٻج محفوظ ڪري ڍڪي ڇڏين ٿا ته جيئن ڪنهن کي نظر نه اچن. جڏهن اپريل جو مهينو ايندو آهي ته سمورا سانڀيل ٻج ڪڍي، ٻِرن ۾ کڻي اچن ٿا. هو ايڏي محنت ڇو ٿا ڪن؟ اهو ان ڪري ته جيئن ٻج چڱي طرح سُڪي ڀُرڪڻا ۽ مزيدار ٿي پون.