سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17991   ڀيرا پڙهيو ويو

نتيجا


اسان جي ڪيل تحقيق مطابق پھرئين باب ۾ معلوم ٿيو ته انسان گروھن جي صورت ۾ رھي ٿو ۽ ٻين سان واسطو رکي ٿو، سندس رابطي جو ذريعو ٻولي آھي، ٻولي اھو وسيلو آھي، جيڪو معنيٰ، مقصد ۽ خيال جي اظھار ۾ مددگار ثابت ٿيندو آھي. ٻولي ھڪ تنظيم آھي، ڪنھن به نظام کي پرکڻ لاءِ ان جو ڇيد (Analysis) ڪيو ويندو آھي، ٻوليءَ جي سٽا (Structure) معلوم ڪرڻ لاءِ به ان جي آوازن، لفظن جي جوڙجڪ، لفظن جو جملي ۾ ڪارج وغير کي جاچيو ويندو آھي.

آوازن جي علم کي صوتيات (Phonology)، لفظن جي علم کي صرفيات (Morphology) ۽ لفظن جي جوڙجڪ ۽ جملي ۾ ڪارج جي علم کي نحويات (Syntax) چئبو آھي. صوتيا ڳالھائڻ واري زبان (spoken language) جا بنيادي ايڪا (units) آھن. صوتيات ذريعي ڳالھائڻ جي آوازن، آوازن جو مخرج (articulation points)، مختلف آوازن جي استعمال ۽ تقسيم جي خبرپوندي ٿي. لفظن جي علم (Morphology) تي ٻوليءَ جي وياڪرڻ جو سرشتو اڏيل آھي. ھن علم ذريعي لفظن، انھن جي جزن ۽ جوڙجڪ جي خبر پوي ٿي. لفظ ملي ڪري ميڙ (Phrases)، فقرا (Clauses) ۽ جملا (Sentences) ٺاھين ٿا. لفظن مان جملا ڪيئن ٺھن ٿا؟ ۽ لفظن جي جملي اندر جڳھ ۽ ڪارج ڪھڙو آھي؟ اھو علم نحو جي دائري ۾ اچي وڃي ٿو. ھن ڏس ۾ اھا تحقيق ڪئي وئي آھي ته گرامر ڇا آھي؟ ان جي ابتدا ڪٿي ۽ ڪڏھن ٿي؟

باب ٻئي جي مطالعي ڪرڻ سان ھي اخذ ڪري سگھجي ٿو ته، علم صرف نحو کي گڏي سنڌي ۽ سنسڪرت ۾ ”وياڪرڻ“، عربيءَ فارسيءَ ۾ ”صرف و نحو“ ۽ انگريزيءَ ۾ گرامر (Grammar) چئبو آھي. گرامر يوناني لفظ “Gramatkis” مان نڪتل آھي جنھن جي معنيٰ آھي “The art of Writing” يعني ”لکڻ جو فن“ گرامر لفظن جي مطالعي، قسمن، تبديليءَ جي قاعدن ۽ جملي ۾ ھڪٻئي سان لاڳاپي جو علم آھي. ھرھڪ لفظ سان جڏھن ان جي وياڪرڻي (Grammatical) وصف ڏجي ٿي ته اھو اسم، صفت يا فعل آھي. مذڪر يا مؤنث آھي، واحد يا جمع آھي، تڏھن اھا ان لفظ متعلق ڄاڻ آھي ته اھو لفظ وياڪرڻي سرشتي ۾ ڪھڙي ريت ڪم اچي ٿو. تنھنڪري گرامر ٻوليءَ جي بناوت جو خلاصو (description) آھي.

ڪنھن به ٻوليءَ متعلق جيڪي اختلافي ڳالھيون ھجن انھن کي گرامر جي تجزيي سان ختم ڪري سگھجي ٿو. ان ذريعي ٻولين جي وچ ۾ ھڪجھڙاين ۽ فرقن کي معلوم ڪري سگھجي ٿو، ڇو ته دنيا جون سڀ ٻوليون ڪيترين ڳالھين ۾ مختلف ھوندي به ڪن خاصيتن ۾ ھڪجھڙيون آھن.

يونان کي قديم زماني کان مختلف علمن جي ڪري امتيازي حيثيت حاصل آھي. ڪيترن ئي علمن جي تاريخ جو سلسلو اتان کان شروع ٿئي ٿو، تحقيق مان خبر پوي ٿي ته سڀ کان پھريان گرامر نويس يوناني عالم ھئا. انھن لاطينيءَ جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو پر ان نظريي کي سامھون رکي ڪري ته سندن ٻولي يعني لاطيني آفاقي طور مڃيل قاعدن قانونن (Universaly laid canons of logic) مطابق آهي، ان ۾ فڪر جا ھمگير نمونا موجود ھئا. لاطينيءَ  ۾ ڪنھن به تبديليءَ جي گنجائش کي نه ٿي مڃيائون، پر جيئن ته وقت گذرڻ سان ھر ٻي شيءَ وانگر ٻوليءَ ۾ به تبديلي اچي ٿي، انڪري انھن جا ڪڍيل نتيجا غير اھم ۽ غلط ثابت ٿيا. ان کان پوءِ ارڙھين صديءَ جي انگلينڊ جي گرامر نويسن (Grammarians) انگريزيءَ جي گرامر کي لاطيني (Latin) جي اصولن مطابق پيش ڪيو، ان دؤر جي گرامر کي روايتي گرامر (Traditional Grammar) چيو ويندو آھي.

ارڙھين صديءَ جي آخر ۾ يورپي عالم پاڻيني (Panini) جي گرامر کان واقف ٿيا. تحقيق مان اھا خبر پوي ٿي ته، پاڻينيءَ جو گرامر ڪنھن مخصوص مفروضي بدران حقيقتن ۽ مشاھدي جي روشنيءَ ۾ لکيل ھو، جيڪو چار سؤ (400) سال قبل مسيح لکيو ويو ھو. ان ٻوليءَ جي ڇيد (Analysis) جو اصول سيکاريو، جنھن ڪري ٻولين جي تقابلي (Comparative) ۽ تاريخي (Historical) مطالعي ڪرڻ جو رواج پيو. جنھن ذريعي اھا ڳالھ سامھون آئي ته سڀئي ٻوليون تبديل ٿين ٿيون.

ويھين صديءَ جي گرامر کي تشريحي (Description) ۽ ساختياتي (Structural) چيو وڃي ٿو. ھي ھڪ نئين سوچ ھئي، جيڪا يورپ ۽ آمريڪا کان شروع ٿي. شروعاتي تشريحي گرامر نويسن ۾ بلوم فيلڊ جو نالو قابل ذڪر آھي. عمومي طور گرامر جي ارتقا کي جاچڻ کان پوءِ ھن ڪتاب ۾ خصوصي طور تي سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا جو جائزو ورتو ويو آهي. موهن جي دڙي مان مليل لکت مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته اھا باقاعدا لکي ۽ پڙھي ويندي ھئي. انڪري اھو چئي سگھجي ٿو ته لکڻ ۽ پڙھڻ لاءِ انھن ضرور ڪي قاعدا قانون به ٺاھيا ھوندا. پر ان جا ڪي ثبوت نه ھئڻ جي صورت ۾ سنڌي گرامر نويسيءَ جي ارتقا جي تاريخ اتان کان شروع ڪئي وئي آھي، جتان کان ان تي باقاعدا ڪم ڪيو ويو. تحقيق مان خبر پوي ٿي ته ڪئپٽن اسٽئڪ پھريون يورپي عالم ھو، جنھن سنڌي ٻوليءَ جي گرامر کي اھميت ڏني ۽ 1849ع ۾ ان کي بمبئي مان ڇپرائي پرڏيھي ۽ ڏيھي ماڻھن کي سنڌيءَ جي نحوي خاصيتن کان روشناس ڪرايو.  گرامر تي ان کان پوءِ جيڪو اھم ڪتاب ڇپيو اھو ھو“A Grammar of the Sindhi Language” جيڪو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽمپ 1872ع ۾ ڇپرايو. ھي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي ارتقا ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. مجموعي طرح ھن صاحب گرامر جي پھلوءَ جي چڱي طرح سان ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آھي ۽ ان جي امتيازي خوبين کي نروار ڪيو آھي. ڊاڪٽر ٽرمپ پھريون عالم ھو، جنھن اھو نظريو ڏنو ته، ”سنڌي سنسڪرت جي شاخ آھي“ انڪري ھن سنسڪرت ۽ پراڪرت کي بنياد بنائي سنڌي گرامر تي لکيو آھي. اھو شروعاتي دؤر ھو، ڇاڪاڻ ته گرامر لکندڙن وٽ ڪو آڳاٽو مثال ڪونه ھو، انڪري اصول انگريزيءَ ۽ سنسڪرت ٻولين تان کنيائون. انھيءَ کان پوءِ آڌارام ٿانورداس، ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي ۽ ڏيارام وسڻ مل ميرچنداڻيءَ جا نالا اچن ٿا، انھن وٽ به اصول ۽ روايتون گھڻو ڪري پھرين واريون ساڳيون رھيون.

ڏيھي عالمن ۾ ٻن قسمن جا گرامر نويس ملن ٿا. ھڪڙا ھندو ۽ ٻيا مسلمان. سنسڪرت ھندن جي ڌرمي زبان ۽ عربي مسلمانن جي مذھبي زبان آھي، تنھن ڪري انھن ٻنھي طبقن جي سنڌي زبان جي عالمن جڏھن به پنھنجي مادري ٻوليءَ جي ڪنھن به پھلوءَ تي لکيو ته ان تي ڪنھن نه ڪنھن طرح سان سندن مذھبي رنگ به چڙھيل رھيو آھي. سنڌي ٻوليءَ جا اعليٰ پائي جا ليکڪ ۽ محقق مرزا قليچ بيگ ۽ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي به پاڻ کي انھن اثرن کان بچائي نه سگھيا آھن. ڀيرومل جو بنياد ڊاڪٽر ٽرمپ وارو گرامر آھي، ھن به سنڌيءَ جي ھر وياڪرڻي صورت کي سنسڪرت جي ”بگڙيل صورت“ ڪري ڏيکاريو آھي. مرزا قليچ بيگ ڪيترين ئي ٻولين جو ڄاڻو ھو، ھو عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ مھارت رکندو ھو، انڪري ھن وري انھن ٻولين جون روايتون به سامھون رکيون آھن پر تنھن ھوندي به سندس لکيل گرامر پنھنجي نوعيت جو اهم ڪتاب آھي، جنھن ۾ ’علم صرف‘ کان سواءِ ’علم نحو‘ تي به تفصيل سان لکيو ويو آھي. عربي ۽ فارسيءَ واري روايت اڳتي ھلي اڃا وڌي وڃي ٿي. ھڪ ٻئي گرامر نويس واحد بخش شيخ سنڌيءَ جي عربي ۽ فارسي ٻولين سان ويجھي مائٽي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن انھن ٻولين جي وياڪرڻي سٽاءُ کي سامھون رکي سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻيءَ سٽاءُ کي انھن جو ويس ڍڪايو آھي.

ورھاڱي کان پوءِ جي حالتن ۽ ضرورتن کي مدِنظر رکندي سنڌي گرامر کي اردو ۾ لکيو ويو، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل ”سنڌي معلم“ اردو ڳالھائيندڙن لاءِ ھئڻ جي باوجود سنڌي  گرامر جي تاريخ جو حصو آھي. سنڌ کان ٻاهر روس ۾ به سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي گرامر تي ڪم ٿيو آهي، ان سان سنڌي بوليءَ جي اهميت پڻ اجاگر ٿئي ٿي. ييگورو وا جي گرامر جو اڀياس پڻ اهم آهي. جھڙي نموني دنيا جي ھر قوم ٻين قومن جي تھذيب ۽ تمدن کان متاثر ٿئي ٿي، اھڙيءَ طرح ٻولين جا به ھڪٻئي تي اثر پون ٿا. تحقيق مان اھا ڳالھ سامھون آئي آھي ته سنڌي ٻولي به ڪيترن ئي ٻولين جي اثر ھيٺ رھي آھي. سنسڪرت ۽ پراڪرت عربي ۽ فارسي، انگريزيءَ ۽ اردو ٻوليون مختلف دؤرن ۾ سنڌيءَ تي اثر انداز ٿينديون رھيون آھن پر انھن ٻولين جا اثر (influence) لفظن تائين محدود رھيا آھن. ڪابه ٻولي ان جي ساخت ۽ سٽاءُ تي اثر انداز ٿي نه سگھي آھي، ڇاڪاڻ ته ٻوليون لفظ اڌارينديون آھن اصول نه.

اسان مٿي ڪيل ھن سموري اڀياس مان سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر جي ارتقا کي ڏسي سگھون ٿا. انھيءَ سان گڏ ان تي مختلف ٻولين جي روايتن اصولن ۽ قاعدن قانونن جي اثرن جي جائزي وٺڻ کان پوءِ چئي سگھجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي ان جي پنھنجي صوتياتي صرفي ۽ نحوي سٽاءُ ۽ ان جي پڻ بنياد بابت ٻين جديد نظرين کي سامھون رکي لکڻ جي ضرورت آھي.