سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17978   ڀيرا پڙهيو ويو

باب چوٿون سنڌي ٻوليءَ جا گرامرنويس


ھن ڪائنات ۽ ان جي ھر ذري پرزي جي بناوٽ ۽ جوڙجڪ ڪجهه اصولن مطابق ٿيل آھي، پوءِ انھن اصولن کي بيان ڪيو ويو ھجي يا نه، يا اڃا به ائين چئجي ته انھن کي سمجھيو به ويو ھجي يا نه، پر اصل پنھنجي جڳهه تي موجود ضرور ھوندا آھن. ڪنھن اصول جي خلاف ورزي، ڦيرگهير يا ان جي خلاف حرڪت سڄي نظام کي درھم برھم ڪري سگھي ٿي.

ھن ڪائنات ۾ انسان ۽ ٻولي انسان جي زندگيءَ ۽ معاشري ۾ اھم جڳهه والارين ٿا. ٻولي به ھڪ فطري عمل ۽ قدرتي مظهر (Natural Phenomenon) آھي. ان جي بنيادي ساخت يا بناوت ۾ جيڪي اصول ھوندا آھن، انھن جي بيان کي گرامر چيو ويندو آھي.

سنڌي ٻوليءَ جو شمار دنيا جي قديم ترين ٻولين ۾ ٿئي ٿو. جيڪا ڪيترن ئي جڳن کان ھن سرزمين جي ماڻھن جي روزمره جي زبان رھندي آئي آھي، اھا شاعريءَ ۽ ادب ۾ به مالامال آھي، موهن جي دڙي واري دؤر کان  وٺي هن وقت تائين ان کي لکڻ لاءِ ڪيترائي رسم الخط رواج ۾ رھيا آھن ۽ ان ۾ ڪيترين ئي موضوعن تي لکتون ملن ٿيون، پر ان ۾ گرامر يا صرف و نحو لکڻ جي باقاعده شروعات انگريزن جي دؤر ۾ ان وقت ٿي، جڏھن انگريز سرڪار پاران تعليم مادري ٻوليءَ ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ابتدائي تعليم ڏيڻ لاءِ درسي ڪتاب لکيا ويا. سنڌي گرامر لکندڙ پھريان عالم به انگريز ئي ھئا، جنھن کان پوءِ سنڌيءَ جي ٻين ناليوارن ٻوليءَ جي ماھرن به گرامر لکيا آھن. ھتي انھن عالمن جي ادبي خدمتن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.