سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17990   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻوليءَ جو علم


ٻوليءَ جي علم کي لسانيات يا علم اللسان (Linguistics) چئبو آھي، جيڪو جديد علمن مان ھڪ آھي. ان کي سائنس جي حيثيت ڏني آھي.

“Linguistics is that science which studies the origin, organization, nature and development of language descriptively, historically, comparatively and explicitly and formulates the general rules related to language.” (11)

(لسانيات اھا سائنس آھي، جيڪا ٻوليءَ جي ابتدا، جوڙجڪ، مزاج ۽ ترقيءَ جو بياني، تاريخي ۽ تقابلي حوالي سان واضح مطالعو ڪري ٿي ۽ ٻوليءَ متعلق عام قاعدا ۽ قانون جوڙي ٿي.)

ان ڏس ۾ چئي سگھجي ٿو ته:

”لسانيات انسان ذات جي سڀني ٻولين جي اڀياس ۽ ڇنڊ ڇاڻ جو علم آھي. ھي اھو علم آھي، جو ٻولين جي آوازن، آوازي سٽائن، آوازي ميلن ۽ ميڙن، صوتين، صرفين، صوتي، صرفي، نحوي ۽ معنوي اصولن ۽ علمن بابت مواد مھيا ڪري ٿو. مطلب ته ڪنھن به ھڪ ٻوليءَ يا دنيا جي مختلف ٻولين جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سرشتي ۽ نظام جي مطالعي کي علم اللسان يا لسانيات چئبو آھي“(12)

مٿئين وصف مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻوليءَ جي مطالعي جا چار پاسا آهن:

  1. 1. علم صوتيات Phonology      3. علم نحويات        Syntax  
  2. 2. علم صرفيات Morphology 4. علم معنيات Semantics