سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17969   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ جو گرامر (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، 1872ع)


ڊاڪٽر ٽرمپ جو گرامر پھريون دفعو 1872ع ۾ ڇپيو، پر لکيو ان کان گھڻو اڳ ويو ھو، جنھن جو ذڪر ليکڪ مھاڳ ۾ ڪيو آھي:

“The grammar, which is now offered to the learned public had been compiled already years ago, but as there were no means of printing, it was laid aside hopelessly”. (7)

ھن ڪتاب ۾ پھريائين تعارف (Introduction) ڏنل آھي، جنھن ۾ سنڌيءَ جي سنسڪرت ۽ پراڪرت سان لاڳاپي ۽ سنڌي الف-ب (Alphabet) تي بحث ڪيو ويو آھي. گرامر واري حصي کي ويھن بابن (chapters) ۾ ورھايو ويو آھي ۽ آخر ۾ ٻه ضميما (Appendix) به ڏنل آھن. ڊاڪٽر ٽرمپ ڳالھائڻ جي لفظن (Parts of Speech) کي اٺن قسمن ۾ ورھايو آھي:

اسم:

ڊاڪٽر ٽرمپ اسم (Noun) کي، اسم ذات (Abstract noun)، مرڪب اسم (Nouns compounded with a preceding particle) ۽ گڏيل يا متصل اسم (Aggregation nouns) ۾ ورھائي ٿو. اھي اسم ذات، جن سان اڳياڙيون (Preceding of particles) ھونديون آھن، انھن کي مرڪب اسم سڏي ٿو ۽ انھن ناڪار وارن جزن کي سنسڪرت جي خاصيت سڏي ٿو. مثلاً ’اچيت‘ ۾ (اَ) ’اڻ چيو‘ ۾ (اڻ) ‘ناڪارو‘ ۾ (نا)، ’نراس‘ ۾ (ن)، ’مڇڏو‘ ۾ (مَ) وغيره.

“All these negative particles are of Sanskrit origin and used in the same way and in the same sense, as in the Sanskrit. The Negative “a” is only used with participles and gerundives, rarely with adjectives, “na” with adjectives and the shortened form “na” with gerundives and participle adjectives, “nir” (with assimilated r) only with adjectives (and abstracts derived from adjectives).” (PP80)

(انھن سڀني ناڪاري اڳياڙين جو بنياد سنسڪرت آھي ۽ اھي اھڙيءَ طرح انھيءَ معنيٰ ۾ استعمال ٿينديون آھن، جھڙيءَ طرح سنسڪرت ۾ استعمال ٿين ٿيون. ”اَ“ صرف صفت سان استعمال ٿيندو آھي ۽ ”اڻ“ خاص، صفت طور استعمال ٿيندڙ ڪردنت (Participles) ۽ اسم طور استعمال ٿيندڙ ڪردنت (Gerundives) سان، ۽ تمام گهٽ صفت سان ”نا“ صفت سان ۽ مختصر صورت ”ن“ اسم طور استعمال ٿيندڙ ڪردنت ۽ صفت طور استعمال ٿيندڙ ڪردنت سان لڳنديون آهن. ”نر“ ۽ ”ن“ (ادغام ٿيل ر) صرف صفتن (اسم ذات سان جيڪي صفت مان نڪتل ھجن) سان استعمال ٿيندا آھن.)

ٻه اسم يا ڪي به ٻه لفظ، جيڪي گڏ اچن انھن کي ٻٽا لفظ چئبو آھي. ٻن لفظن جي ملڻ سبب اظھار جو طريقو يا نمونو ‌(mode of expression) مؤثر، مفھوم واضح ۽ نقطهء نظر زورائتو بنجي ٿو. انھن جا ٽي قسم آھن،

”ٻٽن لفظن کي مجموعي طرح ٽن قسمن يا درجن ۾ ھن ريت ورھائي سگھجي ٿو: هڪ  ھم معنيٰ يا ساڳي معنيٰ وارا (Synonyms) ٻيو متضاد لفظ يا وروڌي شبد (Antonyms) ۽ ٽيون زائد يا مھمل Redundant/ Excessive“ (5)

ٻن اسمن جي گڏ اچڻ متعلق ڊاڪٽر ٽرمپ لکي ٿو:

“In Sindhi, as well as, in the other cognate dialects, two nouns are frequently joined together of which the latter is without a proper meaning and only added to render the sound more full, these compounds are called alliteration.” (PP 84)

(سنڌي ۽ ٻين اهڙن محاورن ۾ (جيڪي ساڳئي بنياد مان نڪتل آھن) ٻه اسم اڪثر ڪري گڏ ملايا ويندا آھن. انھن مان پويون ڪنھن خاص معنيٰ کان سواءِ  ھوندو آھي ۽ صرف آواز کي زوردار بنائڻ لاءِ ملايو ويندو آھي، انھن مرڪبن کي تجنيس چيو ويندو آھي.)

ڊاڪٽر ٽرمپ مثال طور جھڙڦڙ، مَٽَ سَٽَ، چڱو ڀلو، وٺ پڄ ۽ اڄ سڀاڻي وغيره ڏئي ٿو. انھن سڀني لفظن ۾ پويون لفظ پنھنجي مخصوص معنيٰ رکي ٿو ۽ ’اڄ سڀاڻي‘ ’وٺ پڄ‘ لفظ اسم نه پر ظرف آھن. ھن جن لفطن جي وصف لکي آھي، اھي ٻٽن لفظن جي ٽئين قسم زائد يا مھمل ۾ اچي وڃن ٿا. زائد لفظ جي پنھنجي ڪا معنيٰ نه ھوندي آھي، اھو پھرئين کي ڀرجھلائيندڙ (supporting) ھوندو آھي. مثال طور: پئسو پنجڙ، ماڻھو ڇيڻو وغيره.

برائن بئمبر ٻٽن لفظن جي ڪارج بابت لکي ٿو:

”ھم معنيٰ لفظن جي جوڙن کي ڪڏھن ڪڏھن (chiming pairs) پڻ سڏيو ويندو آھي. ڇاڪاڻ ته اھي ٻه لفظ جيڪي پاڻ ۾ ملي جوڙو بنجن ٿا، تن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ اچار- آواز ھڪجھڙو ھوندو آھي. ان جو تاثير اھو آھي ته گڏ پڻ سڏيو ويندو آھي. ان جو تاثير اھو آھي ته گڏ ڪم ايندڙ لفظن ۾ سمايل معنيٰ مستحڪم بنجي وڃي ٿي، جن مان پويون لفظ، پھرئين لفظ کي ڀراءُ ڏيئي زوردار بنائي ٿو، انھيءَ ڪري چوڻو پوي ٿو ته ٻيو لفظ بيڪار يا واڌو آھي، جڏھن ته لفظن جي مهمل ھجڻ وارو انداز (redundancy) زبان جي اھم خصوصيت آھي. ان مان لفظن جي معنيٰ کي بيان ڪرڻ ۽ چٽيءَ طرح سمجھائڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ زائد لفظن جو استعمال، لفظن ۾ سمايل فھم (comprehension) جي ٻيڻي چڪاس ڪري ٿو.“ (6)

عدد: 

ڊاڪٽر ٽرمپ اسم جا ٻه عدد جزا، واحد (Singular) ۽ جمع (Plural) ڏيکاريا آھن، ڪجھ ٻولين ۾ عدد سان (Articles) لڳندا آھن، جن جو استعمال سنڌيءَ ۾ ڪونھي، جيئن انگريزيءَ ۾ واحد سان جزا “a” ۽ “an” ۽ جمع ۽ خاص اسمن “the” لڳايو ويندو آھي (جڏھن ڪن مخصوص شين ڏانهن اشارو ڪرڻو ھوندو آھي، ياوري ڪائنات جي سچاين سان “the” لڳندو آھي، ھرھڪ اسم سان “the”  نه لڳندو آھي.)

Sindhi possesses no definite or indefinite article, as little as the Sanskrit or the Prakrit, if the one or the other is to be expressed for distinctness, sake, a demonstrative or indefinite pronoun (or the numeral ‘one’) is placed before a noun. (PP102)

(سنڌيءَ ۾ معروف (definite) يا غير معروف (indefinite) جزا نه آھن، جيئن سنسڪرت يا پراڪرت ۾ ٿورا آھن، جيڪڏھن واحد يا جمع ظاھر ڪرڻو ھوندو آھي ته واضح ڪرڻ لاءِ ضمير اشارو يا ضمير مبھم (يا وري عدد ”ھڪ“) اسم جي اڳيان رکيو ويندو آھي.)

سنڌيءَ ۾ اسم جي آخري اکر جي سُر (short vowel) مان واحد ۽ جمع جي خبر پوندي آھي، جيئن ’ڪتابُ‘ ۾ ”ب“  تي پيش اچي ٿو، اهو واحد آھي، جڏھن ان تي زَبر ايندي آھي يعني ’ڪتابَ‘ لکبو ته ان مان مراد گھڻا ڪتاب يعني جمع جي معنيٰ نڪري ٿي. يا وري پڇاڙين (suffix) مان واحد ۽ جمع جي خبر پوندي آھي مثال طور اسم ’ڇوڪري‘ ۾ ”اون“ پڇاڙي ملائڻ سان جمع ٺھي ٿو. (انگريزيءَ ۾ به “s” يا “es” ملائڻ سان جمع ٺھندو آھي.) ڪنھن ٻاھرين عالم (foreigner) لاءَ اھا ڳالھ سمجھڻ مشڪل ٿي سگھي ٿي.

“The are no fixed rules, by which a noun may be known as definite or indefinite, the only safe guide is attention to the context.” (PP425)

ڊاڪٽر ٽرمپ کان پوءِ ڪن ڏيھي گرامر نويسن به سنڌيءَ ۾ “Articles” نه ھئڻ کي سنڌي ٻوليءَ جي کوٽ ڪري لکيو آھي، جڏھن ته “Articles” نه ھئڻ جي باوجود اسم جو عدد معلوم ڪرڻ ۾ ڪو مونجھارو پيدا ڪونه ٿو ٿئي.

اسم جي جنس:  

سنڌيءَ ۾ جنس بي جان (Neuter Gender) ڪانھي. بي جان شين کي به جنس جي دفعي (مذڪر يا مؤنث) ۾ آندو ويندو آھي. سنسڪرت ۾ جنس بي جان آھي.

“The Sindhi has lost the neuter, which has been already discarded in Prakrit, the immediate predecessor of the modern Sindhi. This, as it seems, has been the first step, to break the fetters of the old compact mother- tongue, and to initiate the reveling processes of the present idiom.” (PP32)

(سنڌيءَ مان بي جان جنس ختم ٿي وئي آھي، جنھن کي پراڪرت جي محاوري مان پھريائين تُرڪ ڪيو ويو ھو، جيڪا ھاڻو ڪي (جديد) سنڌيءَ جي پيشرو آھي. اهو، جيئن نظر اچي ٿو، پھريون قدم ھو، پراڻي وسيع/ جامع مادري زبان جي اثرن کي ٽوڙڻ جو ۽ موجوده محاوري جي ابتدا لاءِ زمين ھموار ڪرڻ جو.)

ڊاڪٽر ٽرمپ ان نظريي جو ھو ته سنڌي سنسڪرت مان نڪتي آھي، (ان وقت ٻيو ڪوبه نظريو سامھون نه آيو ھو.) ان ڪري ھن معيار طور پراڪرت ۽ اپڀرنش کي کنيو آھي، جيڪي سنسڪرت مان نڪتل آھن ۽ سنڌيءَ جي ھر وياڪرڻي بناوت/ صورت (grammatical form) کي ان ڪسوٽيءَ تي پرکيو آھي.

”ڊاڪٽر ٽرمپ پنھنجي تمھيد واريءَ راءِ جي باوجود سنڌي زبان جي وياڪرڻ جي ھر حصي کي سنسڪرت جي روشنيءَ ۾ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ جتي به کيس سنسڪرت جي سٽاءَ کان ٻاھر ڪا صورت نظر آئي آھي ته اتي ھيئن چيو اٿس ته، سنڌي زبان مان سنسڪرت وارو سٽاءُ گم ٿي ويو آھي. حقيقت ۾ ڊاڪٽر صاحب لاءِ لازمي ھو ته ائين به سوچي ھا ته سنڌيءَ ۾ ڪي پنھنجون انوکيون ديسي خوبيون به آھن.“ (7)

حالتون:

ڊاڪٽر ٽرمپ وٽ سنڌي گرامر جو آڳاٽو مثال ڪونه ھو، هن سنسڪرت ۽ پراڪرت ٻولين تان اصول کنيا، انھن ٻولين ۾ اسم (ضمير) جون اٺ حالتون آھن، انڪري سنڌيءَ ۾ به ھُو اٺ حالتون ڏيکاري ٿو، پر وري ائين لکي ٿو ته:

“The great distinctive feature of the declensional process of the modern Arian dialects, with the exception of the Bengali, consists in the fact, that there are properly only two cases of a noun, the absolute or crude form, corresponding throughout to the Nom. (nominative) singular. And the formative cases to which the various adverbs or postpositions are added, which serve to make up for the lost case- terminations. The latter case has been generally called the Oblique case by European grammarians, but we prefer to call it the Formative. (After the precedence of Dr. Couldwell).” (PP12)

(موجوده آريائي ٻولين جي ڦيرن/ گردان واري عمل (بنگاليءَ کان سواءِ) جي امتيازي خصوصيت اها آهي ته اسم جون باقاعده طور تي ٻه حالتون آهن، مطلق يا اصلوڪي حالت (Crude) جيڪا واحد فاعليءَ مطابق هوندي آهي ۽ ساختياتي حالت (Formative case) جنهن سان مختلف ظرف يا حرف جر ملايا ويندا آهن، جيڪي وڃايل حالتن کي ٺاهڻ لاءِ پورائو ڪندا آهن. هن پوئين حالت کي يورپي گرامر نويسن عام حالت يا حالتِ تغيري (Oblique case) سڏيو آهي، پر اسان ساختياتي حالت (Formative case) سڏڻ کي ترجيح ڏينداسين (ڊاڪٽر ڪالڊ ويل جي ترجيح (Precedence) ڏيڻ کان پوءِ).

جڏهن ڪنهن اسم تي ڪم ٿئي يا ان جو اثر پوي ته ان جي حالت کي مفعولي (Objective) چئبو آهي، جيئن ”هو ماني کائي ٿو“ ۾ ”ماني“ مفعول آهي، انجي حالت کي حالت مفعولي چئبو. ڊاڪٽر ٽرمپ لکي ٿو ته سنڌيءَ مان حالت مفعولي خارج ٿي وئي آهي.

“The Accusative case of the singular and plural has been droppen in Sindhi, as well as in all the other kindred idioms. This has been already the case in the inferior Prakrit dialects, and is expressly mentioned of the Apabhransa, the mother of the modern Sindhi.” (PP112)

(سنڌيءَ مان اسم واحد ۽ جمع جي حالت مفعولي خارج ٿي وئي آھي ۽ ساڳيءَ طرح ٻين سڀني ساڳئي قسم جي محاورن مان به. اھا صورتحال اڳ ئي بگڙيل پراڪرت جي محاورن ۾ ھئي، خاص ڪري اپڀرنش لاءِ ائين چيو وڃي ٿو،  جيڪا جديد سنڌيءَ جي ماءُ آھي.)

رين ۽ مارٽن (Wren) حالت مفعولي سبب يا (Accusative cases Martin) جي وصف ۾ لکن ٿا:

“When a noun (or pronoun) is used as the object of a verb, it is said to be in the objective (or accusative) case’ A Noun which comes after a preposition is also said to be in the accusative case.” (8)

(ان وصف مان به ظاھر ٿئي ٿو ته اھو اسم يا ضمير جنھن تي فعل جي ڪم جو اثر پوي، ان کي مفعول چئبو ۽ ان جي حالت مفعولي ٿيندي يا وري اھو اسم جيڪو حرفِ جر کان پوءِ اچي، ان جي حالت مفعولي سببي آھي.)

Accusative case ” اھڙي مفعولي حالت آھي جنھن ۾ مفعول ڪنھن عمل لاءِ ذميوار ھجي ان جي حالت مفعولي سببي ٿيندي آھي.“ (9)

سرگريئرسن ”تنھنجو پيٽ ڀريان“ ۽ ”تنھنجي خذمت پيو ڪريان“ وغيره حالت مفعولي سببيءَ جا مثال ڏنا آھن ان مان اھو نتيجو نڪري ٿو ته سنڌيءَ مان حالت مفعولي يا مفعولي سببي خارج نه ٿي آھي. بلڪِ ان جا مثال ملن ٿا. سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ پڇاڙيون (Pronominal suffixes) حرف طور به استعمال ٿينديون آھن. جنھن ۾ حرفِ جر ڳجھو رھندو آھي، ھن وقت حالت اپادان (The Ablative)، حالت اوزاري (Instrumentalis) حالت مڪاني (Dative) کي حالت جري به چيو وڃي ٿو، پر ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب اھي ٽئي الڳ الڳ قسم ڏيکاريا آھن. حالت مڪاني(The Ablative)  ۾ لکي ٿو:

“The Ablative case is formed in Sindhi by the affix ”آن“  which is always connected with the base itself and never written separately”

(سنڌيءَ ۾ حالت اپادان ”آن“ ملائڻ سان ٺھندي آھي، جيڪو ھميشه بنياد سان مليل ھوندو آھي، ان کي ڪڏھن به الڳ نه لکيو ويندو آھي.) مثال طور سنڌيءَ ۾ گھر مان چوڻ بدران ”گھران“ چيو ويندو آھي، ساڳي طرح ’ڳوٺ مان‘ جي بجاءِ ”ڳوٺان“ چيو ويندو آھي. اڄڪلھ ٻين (اردو، انگريزي) جي اثر ڪري ان لڪل حرف جر جو استعمال گھٽجي ويو آھي. حالت مفعولي ثاني يا مڪاني (Dative) ڪيئن ظاھر ڪئي ويندي آھي، گريئرسن لکي ٿو:

”حالت مفعول ثاني (Dative) ڏيکارڻ لاءِ حرف جر ”کي“ يا وري شاعراڻو ”ڪني“ ۽ ”لاءِ“ استعمال ٿيندا آھن.“ (10)

مثال طور: ھڪ ماڻھوءَ کي ٻه گھر ھئا. هن مثال ۾ گھر جو لاڳاپو ماڻھوءَ سان آھي، ان مان اضافت يا مالڪيءَ جي معنيٰ نڪري ٿي.

“The dative case has totally disappeared from the Prakrit and its functions have been assigned to the genitive. We find, therefore, in the modern idioms the greastest discrepancy as to the method in which the dative case is provided for- In Sindhi the affix ”کي“ is used, as well for the singular as for the plural, being placed after the formative singular or plural of a noun, e.g. ”گھر کي، ”گھرن کي“ (pp 144)  

(حالت مفعولي ثاني پراڪرت مان بلڪل غائب ٿي وئي آھي ۽  ان جا ڪم حالت اضافت جي حوالي ڪيا ويا آھن، ان ڪري جديد محاورن ۾ جھڙي طريقي سان حالت مفعولي ثاني ٺاھي وڃي ٿي، ان ۾ اسان کي تمام گھڻي بي قاعدگي ملي ٿي. سنڌيءَ ۾ واحد توڙي جمع سان پڇاڙي ”کي“ استعمال ٿئي ٿي. جنھن کي اسم واحد يا جمع جي پويان رکيو ويندو آھي، جيئن ”گھر کي“ ”گھرن کي“. ”کي“ حرف اضافت ڪونھي، حرف جر آھي، پر ان جي ثانوي معنيٰ اضافت واري نڪري ٿي ان ڪري ئي گريئرسن ان حالت کي مفعولي ثانيءَ جو نالو ڏنو آھي. اڄڪلھ سنڌيءَ ۾ ”گھر کي“ يا ”ماڻھوءَ کي“ ۾ ”گھر“ ۽ ”ماڻھوءَ“ جي حالت کي جري چيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته انھن جي پويان حرف جر (کي) آيل آھي.)

ٻئي طرف ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو چوڻ آهي ته:

”سنڌي ٻوليءَ ۾ حالت آپادان، حالت مڪاني ۽ حالت اوزاري نالا انگريزي ڪتابن تان ترجمو ڪري آندا ويا آھن، پر اھڙين حالت جو سنڌي زبان جي سٽاءُ ۾ ڪوبه وجود ڪونھي، اھي سڀ حالت جريءَ جا روپ آھن.“ (11)

جڏھن ڪنھن اسم يا ضمير کان پوءِ حرف جر اچي ته ان اسم يا ضمير جي حالت کي عام حالت يا تغيري صورت (Oblique) به چئبو آھي. استعمال جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ حالت مفعولي، حالت جري ۽ حالت اضافت کي عام حالت چيو ويندو آھي، جيئن ڊاڪٽر ٽرمپ لکي ٿو:

“The Formative or Oblique case, though in Sindhi throughout identical with the Instrumentalis, is by itself no case, but represents, merely the euphonic change of the  final vowel of a noun previous to the accession of any flexional particles or postposition, by means of which the various cases are made up. (pp 122) 

(ساختياتي يا عام حالت جيتوڻيڪ سنڌيءَ واري حالت اوزاريءَ سان مشابهت رکندي به پنھنجي سر ڪا حالت نه آھي، پر صرف آخري سُر جي آواز آواز جي تبديلي جي نمائندگي ڪري ٿي، جيڪا گرداني جزن ۽ حرف جر جي اڳيان ٿيندي آھي، جنھن ڪري مختلف حالتون ٺھنديون آھن.) انھن حالتن کان سواءِ ڊاڪٽر ٽرمپ حالت ندا (The Vocative) ۽ حالت اضافت (Genitive) به ڏيکاريون آھن.

صفت:

صفت اھو لفظ آھي، جيڪو ڪنھن اسم يا ضمير سان لاڳو ٿي، ان جي گڻ، اوگڻ، خاصيت ڄاڻائي. ان جي ڀيٽ جا ٽي درجا آھن. صفت خالص (Positive degree)، صفت تفضيل (Comparative degree) ۽ صفت مغالبو (Superlative degree) انھن درجن جي ٺھڻ جو طريقو ھر ٻوليءَ جو پنھنجي سٽا (Structure) مطابق ھوندو آھي. سنڌيءَ ۾ صفت تفصيل ۽ صفت مغالبو ڪھڙي طرح ٺھن ٿيون، ڊاڪٽر ٽرمپ لکي ٿو:

“The Sindhi as well as, the cognate idioms, has lost the power to form a comprative and superlative degree after the manner of the Sanskrit (and Persian) by means of adjective affixes, and it is very remarkable that the Semitic way of comprison has been adopted.” (pp 156)

(سنڌي ۽ ٻين ساڳئي بنياد وارن معلوم محاورن، سنسڪرت (۽ فارسيءَ) وانگر صفتي جوڙن سان صفت تفصيل ۽ صفت مبالغو ٺاھڻ جي طاقت وڃائي ڇڏي آھي ۽ اھو نوٽ ڪرڻ جي قابل آھي ته سامي طريقو ڀيٽ جي درجن ٺاھڻ لاءِ اختيار ڪيو ويو آھي.)

صفت جا ٻه قسم آھن، وصفي (Qualitative) ۽ عددي (Quantitative). وري عددي صفت جا به ڪيترائي قسم آھن، جيئن قطاري “Ordinal” (پھريون، ٻيون) شماري “Cardinal” (ھڪ، ٻه، ٽي)، انگن جا نالا ڏيکاريندڙ عدد “Arthmetical figures” (ايڪو، ٻڪو، ٽڪو) ميڙ ڏيکاريندڙ عدد “Collective numbers” (ڏھاڪو، ويھارو)، تناسب ڏيکاريندڙ عدد “Proportional “numbers (ھيڪوڻو، ٻيڻو يا ٻٽو)، ورجاءُ ڏيکاريندڙ عدد “Reproductive Number” (ھيڪار، ٻيھار) ڀاڱو ڏيکاريندڙ عدد (Fractional numbers) (منو، اڌ، چوٿائي) انڪري ڊاڪٽر ٽرمپ لکي ٿو:

“The Sindhi possesses a great variety numeral adjectives.”

ضمير:

ضمير اھو لفظ آھي جيڪو اسم بدران ڪم اچي. جيئن، آءٌ، ھو، تون، اھي وغيره. ڊاڪٽر ٽرمپ ضمير جا اٺ قسم بيان ڪيا آھن. ضمير خالص، ضمير اشارو، ضمير موصول، ضمير جواب موصول، ضمير استفھام، ضمير مبھم، ضمير مشترڪ ۽ اٺون قسم ضميري صفت (Pronominal Adjective) لکيو اٿس، ان جي وصف ۾ لکي ٿو ته:

“Under this head we class only such adjectives, as participate more or less of the nature of pronouns are some what irregular in their infelxion, and such, as are derived from pronominal themes. All other adjectives, which may, according to their position in a sentence,  supply the place of the pronoun. We exclude from this list such as”. (pp218)”فلاڻو، ھڪڙو، ٻيو، سڄو، وغيره“

(ھن موضوع هيٺ، اسان اھڙين صفتن کي رکندا آھيون، جيڪي وڌ يا گھٽ ضمير جي خاصيت رکن ٿيون ۽ ڪنھن حد تائين پنھنجي گردان ۾ بي قاعدي ھونديون آھن ۽ ضميري بنياد مان حاصل ڪيون وينديون آھن. ٻيون اھڙيون سڀئي صفتون جيڪي جملي ۾ پنھنجي جڳھ جي لحاظ کان ضمير جي جاءِ وٺنديون آھن، اسان انھن کي ھن لسٽ مان خارج ڪريون ٿا، جيئن فلاڻو، سڄو، ٻيو، ھڪڙو وغيره.)

ڪنھن به لفظ کي نالو، جملي ۾ ان جي جڳھ ۽ ڪارج مطابق ڏنو ويندو آھي، ڇاڪاڻ ته ڪي وياڪرڻي صورتون نحوي سٽاءَ ۾ انفرادي طور ڏيکاريل ڪارج کان ڌار ڪارج ادا ڪنديون آھن. مثال طور: ”ھي ھوشيار آھي“ جملي ۾ ”ھي“ ضمير آھي ۽ ”ھي ڇوڪرو ھوشيار آھي“ جملي ۾ ”ھي“ صفت آھي. هونءَ ته لفظ ”ھي“ وياڪرڻ موجب ضمير آھي. پر فقري (phrase) يا جملي ۾ جڏھن ڪنھن اسم جي اڳيان ايندو آھي، تڏھن اھو صفت وارو مفھوم ادا ڪندو آھي.

”تشريحي لسانيات جي مدد سان اھو ثابت ٿيو آھي ته ٻوليءَ ۾ ڪي وياڪرڻي صورتون انفرادي حيثيت ۾ ھڪڙو ڪارج ڏيکارين ٿيون، پر اھي صورتون جڏھن فقرن يا جملن ۾ ڳالھائبيون آھن، تڏھن انھن جو ڪارج  فقري يا جملي ۾ بيھڪ پٽاندڙ بدلبو آھي.“ (12)

ضميري پڇاڙيون سنڌي ٻوليءَ جي امتيازي خصوصيت آھن، جيڪا ٻين ٻولين ۾ نه ٿي ملي، ڊاڪٽر ٽرمپ لکي ٿو:

“Instead of the inflected cases of the absolute personal and possesive pronuns, the Sindhi uses very extensivley the so called suffixes or pronuns, which are affixed to nouns, postpositions (adverbs) and verbs. The use of these suffixes constitute quite a peculair feature of the Sindhi language and distinguishes it very advantageously from all the kindred idioms of India, which are destitute of pronominal suffixes”. (pp225)

(ضمير موصول ۽ مالڪي ڏيکاريندڙ ضميرن جي ڦيرايل حالتن جي بجاءِ سنڌيءَ ۾ وسيع پئماني تي پڇاڙيون يا اھڙا متصل ضمير استعمال ڪيا ويندا آھن، جيڪي اسمن، حرف جرن، (ظرف) ۽ فعلن سان ڳنڍيل ھوندا آھن. انھن پڇاڙين جو استعمال سنڌي ٻوليءَ جي خاص خوبي آھي ۽ ان کي ھندستان جي سڀني محاورن ۾ الڳ ڪري بيھاري ٿي، جيڪي ضميري پڇاڙين کان خالي آھن.) 

فعل:

اھو لفظ جنھن مان ڪنھن تي ڪنھن ڪم جي ٿيڻ جي معنيٰ نڪري، ان کي فعل چئبو آھي. يا وري ائين به چئي سگهجي ٿو ته فعل اھو لفظ آھي، جنھن جي وسيلي ماڻھن يا شين وغيره بابت ڪجھ چئي سگھجي.

ڌاتو يا بنياد (root) ان کي چئبو آھي جنھن مان ٻيا لفظ ٺھن، سنڌيءَ جي اڪثر گرامر نويسن مصدر کي فعل جو ڌاتو يا بنياد سڏيو آھي، جڏھن ته مصدر (infinitive) امر (Imperative) جي آخر ۾ ”ڻ“ ملائڻ سان ٺھي ٿو، يعني اھو امر مان ٺھيل آھي، جيڪا ڳالھ ٽرمپ به لکي ٿو:

“We have seen already that the Infinitive of the Sindhi verb, terminating in “anu” corresponds to the verbal noun of the Sanskrit and Prakrit. The root of the Sindhi verb is therefore not be sought in the Imperative, which exhibits the crude form of the verb without an additional increment, except that of the final vowel, which is not part of the verbal root.” (pp 250)

(اسان اڳ ۾ ڏسي آيا ھيون ته سنڌي فعلن جو مصدر، جيڪو ”اڻ“ تي ختم ٿئي ٿو، اھو سنسڪرت ۽ پراڪرت جي فعلي اسم سان ملندڙ جلندڙ آھي. تنھن ڪري سنڌي فعل جو بنياد مصدر ۾ تلاش نه ڪرڻ گھرجي، پر ان کي امر سڏڻ گھرجي. جيڪو سواءِ ڪنھن اضافي فعل جي بنيادي يا ڪَچي حالت کي ظاھر ڪري ٿو، سواءِ آخري سُر جي جيڪو فعلي بنياد جو حصو نه آھي.)

امر کي فعل جو بنياد قرار ڏيندي ڊاڪٽر ٽرمپ لکي ٿو:

“The Imperative represents the root of a Sindhi verb, and as the whole conjugational process depends, a great deal upon it.” (pp 260)

(امر سنڌي فعل جي بنياد يا ڌاتوءَ کي ظاھر ڪري ٿو ۽ متصل فعلي ڦيرن جو سڄوئي دارو مداران تي آھي.)

ڊاڪٽر ٽرمپ فعل جا ٻه قسم فعل لازمي (neuter intransative verb) فعل متعدي (active or transative verb) ڏيکاريا آھن. سنڌيءَ ۾ مرڪب فعل (Compound verb) عام آھن، جيئن ”ٿي وڃڻ“، ”لکي وٺڻ“ وغيره. سر گريئرسن مرڪب فعلن کي زور ڀرائيندڙ (Intensitive)، سگھ ڏيکاريندڙ (Potentials) ۽ پورائي ڪندڙ (Completives) ۾ تقسيم ڪيو آھي.

“The Sindhi possesses a great facility is giving different shadows of meaning to a verb by compounding it with another verb.” (pp338)

زمانن جا ٻه قسم آھن. بنيادي زمان ۽ انھن مان ٺھيل زمان. ڊاڪٽر ٽرمپ انھن کي سادا زمان (simple tenses) ۽ مرڪب زمان (compund tenses) سڏي ٿو. سادن زمانن لاءِ لکي ٿو:

“In the active and passive voice, there are only three simple tenses viz the Pontential, the aorist and the future.”

(فعل جي معروف ۽ مجھول صورت ۾ سنڌيءَ ۾ سادا زمان آھن. سگھ ڏيکاريندڙ مضارع ۽ مستقبل.) سگھ ڏيکاريندڙ (Potential) ٺاھڻ لاءِ مکيه فعل جي ماضي معطوفيءَ سان ”سگھڻ“ جو گردان ڪيو ويندو آھي، جيئن ”لکي سگھڻ“، ”ھلي سگھڻ“ وغيره.

“The Potential which implies possibility, uncertainty or a wish, is formed by adding to the root of the verb the inflexional terminations.”

(سگھ ڏيکاريندڙ زمان، مڪان، غير يقيني ۽ خواھش ظاھر ڪندو آھي، جيڪو فعل جي بنياد سان ڦرندڙ پڇاڙي (In flexional terminassion) ڳنڍڻ سان ٺھندو آھي.

ظرف: 

ظرف اھو لفظ آھي، جو فعل، صفت يا ٻئي ظرف سان لاڳو ٿي، ان جي ريت، قدر يا انداز، وقت ۽ جاءِ يا طرف ڏيکاري ٿو. مثال طور: اندر، ٻاھر، آھستي، گھڻو، گھٽ، اڄ، ھينئر، سڀاڻي وغيره. سنڌيءَ ۾ مرڪب ظرف به ملن ٿا، جيئن پل پل، آھستي آھستي، اڄ سڀاڻي، اڳڀرو وغيره.

“The Sindhi uses a considerable number of compound adverbs, which are formed either reduplicating the adverb (or noun) or adding a similar adverb (or noun) or by adding an adverbial affix or postposition.”

(سنڌيءَ ۾ ججھي تعداد ۾ مرڪب ظرفن جو استعمال ٿئي ٿو، جيڪي ظرفن (يا اسم) کي دھرائڻ سان ٺاھيا وڃن ٿا. ساڳيو ظرف (يا اسم) ملائڻ سان يا وري ظرفي جوڙ (Adverbial) يا حرف جر ملائڻ سان ٺھن ٿا.

(الف):   دھرائڻ واري عمل سان ٺھيل ظرف؛ گھڙي گھڙي، وري وري، پل پل وغيره.

(ب):     ساڳئي ظرف يا اسم جي ملڻ سان ٺھيل مرڪب ظرف: جيئن تيئن، اڄ سڀاڻي، وغيره

(ت):     حرف جر سان مليل مرڪب: اڳڀرو، اڳتي، پوئتي وغيره.

حرف جر:

اھو لفظ جو اسم يا ضمير جي پٺيان اچي ۽ ان جو لاڳاپو ٻئي ڪنھن لفظ سان ڏيکاري، تنھن کي حرف جر چئبو آھي. ياد رکڻ گهرجي ته انهن کي انگريزيءَ جي ڳالهائڻ وارن لفظن ۾ proposition چئبو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته انهن کي انگريزيءَ جي ڳالهائڻ وارن لفظن ۾ preposition چئبو آهي.

حرف جر سنڌيءَ ۾ اسمن ۽ ضميرن کان پوءِ ايندا آھن، پر فارسي، (فارسيءَ ۾ به ڪڏھن ڪڏھن پويان ايندو آھي) عربي ۽ انگريزيءَ ۾ اڳ ۾ ايندا آھن، ان ڪري انھن کي سندن ان جاءِ جي حساب سان انگريزيءَ ۾  pre يعني اڳ ۽ post يعني پوءِ وارين اڳياڙين جا نالا ڏنا ويا آهن.

 “The Sindhi has no prepositions, but only postpositons, as all adverbs or particles, which influence in any way the noun are placed after the noun and not before it. Only “ري” may be optionally used as prepostion or postpostion”. (pp398)

(سنڌيءَ ۾ ڪوبه اڳيان ايندڙ حرف (prepositon) نه آھي، صرف پويان ايندڙ حرف (postpositon) آھن. سڀئي حرف يا جزا جيڪي ڪنھن به طريقي سان اسم تي اثر انداز ٿين ٿا، اسم جي پويان رکيا ويندا آھن نه اڳيان. صرف ”ري“ ڪڏھن اڳيان ايندڙ حرف ته ڪڏھن وري پويان ايندڙ حرف طور استعمال ٿيندو آھي.)

ڊاڪٽر ٽرمپ اهي ڳالهيون وضاحت سان سمجهايون آهن. سنڌيءَ ۾ ظرف به حرف جر طور استعمال ٿيندو آھي. مثلاً:

ڇوڪرو ھيٺ ويٺو ھو.             (’ھيٺ‘ - ظرف)

ڇوڪرو وڻ ھيٺ ويٺو ھو.        (’ھيٺ‘ - حرف جر)

هو ڏاڍو تيز آهي.                   (’تيز‘ – حرف جر)

گهوڙو تيز ڊوڙي ٿو               (تيز‘- ظرف)

سنڌيءَ ۾ ٻٽا حرف جر به آھن، جيڪي ٻين ٻولين ۾ نه ٿا ملن. جيئن وٽان، کان، سان وغيره. سنڌي ٻوليءَ ۾ نحوي ساخت ۾ حرف جر تمام اھم ڪردار ادا ڪندو آھي. ان جي استعمال سان اسم يا ضمير جي اصلي صورت بدلجي ويندي آھي، جيئن:

مان + جو - منهنجو

تون + جو - تنھنجو

اهو اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته سنڌيءَ ۾ ”جو“ حرف جر اضافت آھي  ۽ اردوءَ ۾ ”ڪا“. اھي عدد ۽ جنس ۾ بدلجن ٿا. ”جو، جا، جي، جون“ ”ڪا“ ڪي، ڪي“ انگريزيءَ ۾ صرف “of” ھڪڙو حرف جر آھي، جيڪو اضافت ڏيکاري ٿو، ان ۾ عدد يا جنس وغيره به بدلجڻ سان تبديلي نه ٿي اچي. ان کان سواءِ سنڌيءَ ۾ تمام گھڻا حرف جر آھن، جيئن اردوءَ ۾ ”سي“ حرف جر آھي، ان جا چار متبادل سنڌيءَ ۾ ٺھن ٿا. ساڳيءَ طرح انگريزيءَ ۾  “from” آھي.

1.        ميز ’تان‘ ڪتاب کڻ.

(میز سے کتاب    اُٹھاؤ)

 

1.      Take the books from the table

2.        ڪٻٽ ’مان‘ ڪپڙا ڪڍ.

      (الماری سے کپڑے نکالو)

 

2.      Take out clothes from the cupboard

3.                 ھو حيدرآباد ’کان‘ ڪراچيءَ ويو.

     (وہ حیدرآباد سے کراچی گیا)

 

3.      He went to Krachi from Hyderabad

4.        مون ’وٽان‘ نوٽس کڻي وئي آھي.

     (مجھ سے نوٹس لے کر گئی ہے)

 

4.      She has taken notes from me.

حرف جملو:

اھڙا حرف، جيڪي ٻن لفظن يا جملن کي ڳنڍين ٿا، تن کي ”حرف جملو“ چئبو آھي، مثلاً ته، پر، يا، ۽، مگر، متان، ڇاڪاڻ ته وغيره. ڊاڪٽر ٽرمپ حرف جملي کي ان جي اھميت جي مطابق مختلف قسمن ۾ ورھائي ٿو.

“According to their signification the conjuctions may be devided into (i) Copulative (ii) concessive (iii) adversative (iv) casual and final (v) conditional (vi) Interrogative”.

حرف ندا:

جيڪي لفظ سڏ ڪرڻ يا دل جي حالت جھڙوڪ خوشي، ڏک، عجب، خواھش، ڪاوڙ وغيره ظاھر ڪرڻ جي ڪم اچن انھن کي حرف ندا چئبو آھي. جيئن: سنڌيءَ ۾ واھ واھ!، ھاءِ ھاءِ!، اڙي!، او! وغيره. ڪي اسم حرف ندا به آھن، ڇاڪاڻ ته ندائي صورت کي اسم ۾ جوڙي ڇڏبو آھي. جيئن: احمد! ڇوڪرا! ھيڏانھن اچ.

 “In treating of the conjuctions we abstract from such nouns or phrases, as are or may be used in the sense of Interjection e.g. (pp418)

(ڪيترا حرف جملا ۽ اسم ذات حرف ندا جي صورت ۾ به استعمال ٿي سگهن ٿا، جيئن چڱو! سچ! ماٺ! وغيره.)

نتيجو:

ڊاڪٽر ٽرمپ جو لکيل گرامر سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي ارتقا ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ان جي بيان کان سواءِ سنڌي گرامر جي تاريخ مڪمل ٿي نه ٿي سگھي. سنڌي مادري ٻولي ھئڻ ڪري ھتان جا ماڻھو اھا ٻولي ڄاڻيندا ته ھئا، پر ڊاڪٽر ٽرمپ انھن کي، سنڌيءَ جي لساني خوبين کان واقف ڪيو. ھي ڪتاب ٻوليءَ جي سٽا ۽ ساخت يا گرامر جي بيان ۾ بنيادي ۽ اھم ڪتاب رھيو آھي ۽ پوءِ جي ڪيترن ئي گرامر نويسن ان مان استفادو ڪيو آھي.

ڊاڪٽر ٽرمپ پھريون عالم ھو، جنھن اھو نظريو ڏنو ته، ”سنڌي سنسڪرت جي شاخ آھي.“ ھي ڪتاب سنڌيءَ، سنسڪرت ۽ پراڪرت سان تقابلي مطالعي (comprative srtudy) ۾ به مدد ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر ٽرمپ سنسڪرت، پراڪرت، ۽ ھندستان جي ٻين محاورن سان سنڌيءَ جي گرامر جي ڀيٽ ڪري لکيو آھي.