سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17973   ڀيرا پڙهيو ويو

علمِ نحويات (Syntax)


ھن علم جي باري ۾ ٻوليءَ جو مشهور ماھر ڊاڪٽر جيٽلي لکي ٿو: ”اھو علم جنھن ۾ لفظن مان ٺھندڙ لفظي ميڙن، فقرن ۽ جملن جي رچنا جو اڀياس ڪجي ٿو. ان ڪري هن علم کي واڪيا وگيان يا علم نحو (Syntax) چئبو آھي. (21)

علم نحو جملن ۽ انھن جي جزن جي بناوت، سٽاءِ نموني ۽ عمل سان بحث ڪري ٿو. جيئن ته جملا لفظن جو ميڙ آھن، ان ڪري جديد لسانيات ۾ ”لفظ“ کي علم نحو جو مرڪز بنايو ويو آھي. علم نحو لفظن جي صورتن ۽ جوڙجڪ سان بحث نٿو ڪري، پر لفظ ڪيئن ميڙ، (Phrases)، فقرا (Clauses) ۽ جملا (Sentences) ٺاھين ٿا ۽ جملي اندر ڪھڙو ڪارج ڪن ٿا، اهو علم نحو جي دائري ۾ اچي وڃي ٿو. نحوي بناوتن جون چار مکيه خاصيتون آھن. جزن جي چونڊ، تربيت، ترميم ۽ سٽاءَ جن مان جزن جو ھڪٻئي سان لاڳاپو معلوم ڪري سگھبو آھي. نحوي جوڙجڪ ۾ لاڳاپيل جزا ئي ھڪٻئي سان ملندا آھن. جيئن صفت اسمن سان گڏ اڳ ۾ ايندي آھي ظرف فعل سان!

”نحوي جوڙجڪ ۾ نه رڳو سڀ جزا ھڪٻئي سان نه ٿا ملن، مگر انھن جون خاص جايون به مقرر ھونديون آھن، جتي ھو وارد ٿي سگھن ٿا. سنڌي، اردو، ھندي ۽ فارسي وغيره زبانن ۾ فاعل اڳ ۾ ۽ فعل پوءِ ايندو آھي. فاعل جون صفتون ان کان اڳ اينديون آھن. مفعول فعل کان اڳ ايندا آھن. عربي زبان ۾ گھڻو ڪري اڳ ۾ فعل پوءِ فاعل ۽ پوءِ مفعول ايندا آھن. انگريزي زبان ۾ اڳ فاعل پوءِ فعل ۽ پوءِ مفعول ايندا آھن. حرف جر ۽ حرف اضافت وارا لفظ سنڌيءَ ۾ اسمن ۽ ضميرن کان پوءِ ايندا آھن. مگر فارسي، عربي ۽ انگريزي زبانن ۾ پهرين ايندا آھن. ائين لفظن جي ترتيب مختلف ٻولين جي جوڙجڪ ۾ ٻي ٻي آھي.“ (22)