سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (451) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17964   ڀيرا پڙهيو ويو

باب ٽيون سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا


سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رخن تي کوجنا جو ڪم 1843ع کان پوءِ شروع ٿيو، جڏھن انگريزن جي حڪومت قائم ٿي ۽ انھن سنڌيءَ کي سرڪاري  (official)۽ تعليمي (academic) ٻولي مقرر ڪيو.

1884 ۾ بمبئي صوبي جي گورنر سر جارج ڪلرڪ هڪ حڪم نامو جاري ڪيو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي مقرر ڪرڻ ۽ ڪئپٽن اسٽيڪ جي ڊڪشنري ۽ گرامر ڇپائڻ جي منظوري ڏني هئي.

We should introduce the language of the country (namely Sindhee) as the medium of official intercourse. I do not see in what way our revenue and judicial officers (however their offices and courts may be continued) can work effectually through a foreign medium of communication, such as Persian or English. A period of 18 months should, therefore, be allowed to the officers in civil employ to qualify themselves for an examination in the Sindhi language. I believe their doing so will be facilitated by the publication of the dictionary and grammar which I proposed Lieutenant Stack should be allowed to have printed. (1)

ان کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي تحقيق جو ڪم شروع ٿيو.

”برصغير ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مقام ۽ شمار انھن ٻولين ۾ آھي، جن تي علم اللسان يا لسانيات جي فن ۽ اصولن جي بنياد تي گھڻي کان گھڻي تحقيق ٿي آھي. ھيءَ ٻولي انھن ٻولين مان ھڪ آھي، جن جا آثار ۽ علامتون قبل مسيح جي دؤر مان ثابت آھن. ھيءَ اھا ٻولي آھي، جنھن جا ڪجھ آثار موھن جي دڙي ۾ محسوس ۽ معلوم ڪيا ويا آھن. بھرحال اھا جستجو اڃا جاري آھي، جڏھن به ان سلسلي ۾ ڪوئي قطعي ثبوت ملي ويو ته انھيءَ وقت ان دعويٰ جي لاءِ پختو دليل مھيا ٿي ويندو ته اھا ٻولي اسلام جي آمد کان گھڻو پھريان عوام جي روزمره جي زندگيءَ ۽ ڪاروبار جي ٻولي ھئي، جنھن ۾ ڳالھائڻ کان سواءِ واپاري ۽ تاجر پنھنجو حساب ڪتاب به رکندا ھئا ۽ دڪان ۾ موجود شين جا نالا به انھيءَ ٻوليءَ ۾ لکندا ھئا ته جيئن ڪا شيءِ ڳولڻ ۾ دير نه لڳي.“ (2)

سنڌي گرامر لکندڙن اڳيان ڪو ڳاٽو مثال ڪونه ھو، ھنن وٽ سنسڪرت، پراڪرت ۽ اپڀرنش جا گرامر انگريزي، عربي ۽ فارسيءَ جون روايتون اڳ ئي موجود ھيون، انھن اصول اتان کنيا.

ھيٺ ابتدائي گرامرن جو احوال ڏيندي، سنڌي گرامر جي درجي بدرجي ارتقا (evolution) ڏجي ٿي: