سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (451) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17956   ڀيرا پڙهيو ويو

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ


ڪئپٽن جارج اسٽئڪ انگريزن جي شروعاتي دور ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو. ھو سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ ھندستان ۾ به رھي چڪو ھو، جنھن ڪري کيس سنسڪرت، ھندي ۽ اردو ٻولين تي اڳي ئي مھارت ھئي. سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ تمام ٿوري عرصي ۾ سنڌي سکائين ۽ سنڌيءَ جي صورتخطي مقرر ٿيڻ کان اڳ ئي گرامر ۽ ڊڪشنريون لکيائين. پر ان وقت ھُن سنڌيءَ کي ديوناگري لِپي ۾ لکيو. هن جو نالو پهريون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ جو گرامر، سنڌي انگريزي ۽ انگريزي سنڌي ڊڪشنريءَ جوڙڻ جي حوالي سان سڃاتو  ۽ ياد رکيو وڃي ٿو. جارج اسٽئڪ ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“(A Grammar of the Sindhi) 1847ع ۾ لکيو، جيڪو هن کان اڳ ڇپيل واٿن (wathen) جي گرامر مان اتساهه وٺي لکيو هو ۽ 1849ع ۾ بمبئي سرڪار جي حڪم سان ڇپيو، ان جي اخر ۾ پنج لوڪ ڪھاڻيون به ڏنل آھن. جن مان پهرين هڪ ڏاهي قاضيءَ ۽ ٻن جهيڙيندڙ عورتن بابت آهي، ٻي هڪ پوڙهي عورت ۽ ٻن دوستن جي آهي، جن ان عورت وٽ پئسا امانت رکيا هئا، ٽين ڪهاڻيءَ هڪ اَن جي واپاريءَ ۽ ٻيوقوف ڇوڪري جي آهي، جڏهن ته چوٿين ڪهاڻي شهزادي املهه ماڻڪ ۽ حسن پريءَ جي آهي. هن ڪتاب جي آخري ڪهاڻي راءِ ڏياچ جي آهي.

جارج اسٽئڪ سنڌيءَ جو پھريون لغت نويس پڻ آھي. سندس ٻيو وڏو ڪارنامو به ڊڪشنريون تيار ڪرڻ آھي. ھڪ انگريزي سنڌي ڊڪشنري، جيڪا 1849ع ۾  ڇپي. ھن ڊڪشنريءَ ۾  اٽڪل ٻارنھن ھزار انگريزي لفظن لاءِ سنڌي ھم معنيٰ لفظ ڏنل آھن، جن مان ڪيترائي ھاڻي متروڪ ٿي چڪا آھن. ٻي ڊڪشنري سنڌي انگريزي، سندس وفات کان پوءِ 1855ع ۾ ڇپي، ھن ڊڪشنريءَ جي تياريءَ ۾ ٻه پنڊت برھم سچانند ۽ ڄيٺارام به ساڻس ٻانھن ٻيلي ھئا. ھن ڊڪشنريءَ ۾ اٽڪل سترنھن ھزار سنڌي لفظ ڏنل آھن. سنڌي ٻوليءَ جي ھن محسن ڊسمبر 1853ع ۾ وفات ڪئي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ ڪيل سندس انهن شاندار خدمتن کي ھميشہ ياد رکيو ويندو.