سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17989   ڀيرا پڙهيو ويو

ڊاڪٽر غلام علي الانا


ڊاڪٽر غلام علي الانا، 15 مارچ 1930ع تي ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ تڙ خواجه ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾، ثانوي تعليم ميرپور بٺوري، ٽنڊي محمد خان ۽ ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۽ لنڊن يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. کيس سنڌيءَ ۾ پھريون پي. ايڇ. ڊي (Ph.D) ھجڻ جو اعزاز حاصل آھي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌ جو مڃيل اديب، عالم، دانشور ۽ ماھر لسانيات آھي. ھن ڪھاڻيون، ناول ۽ ادبي تاريخ به لکي آھي، پر سندس سڃاڻپ لسانيات جي ميدان ۾  سندس ڪيل بي مثال خدمتون آھن. لسانيات ۾ سندس ڪتاب سنڌي صوتيات، سنڌي صورتخطي، سنڌ جي لساني جاگرافي، سنڌي معلم، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا، زبان اور ثقافت، “Original and Growth of Sindhi” آھن. جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف پھلوئن تي بنيادي  ۽ ضروري معلومات ڏني وئي آھي. ڊاڪٽر غلام علي الانا اديب ھُئڻ سان گڏ اداره ساز به آھي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجيءَ کي ٺاھڻ ۽ ان کي موجوده اوج تائين پھچائڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي محنت جو وڏو عمل دخل آھي. هو علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ اسلام آباد جو وائيس چانسلر، سنڌيونيورسٽيءَ ڄام شوري جو وائيس چانسلر ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن به رھي چڪو آھي. کيس خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آھن. ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ جي مھاڳ ۾ لکيو آھي:

”ھڪ ڳالهه جو فخر ضرور اٿم ته پاڪستان ۾ لسانيات جي ميدان ۾، سڀ کان گھڻو ڪم، سنڌي زبان ۾ ٿيو آھي ۽ ھن موضوع تي گھڻي ۾ گھڻو مواد سنڌي زبان ۾ ئي ڇپيو آھي. ھن علم ۾ گھڻي ۾ گھڻو تحقيقي ۽ تخليقي ڪم سنڌي زبان ۾  ئي ٿيو آھي.“

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات جي مختلف موضوعن تي سڀ کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن. 1984ع ۾ پاڻ ”سنڌي معلم“ نالي ڪتاب اردودانن کي سنڌي سيکارڻ جي خيال کان لکيائين ۽ هن وقت سنڌيءَ جي مڪمل تفصيلي گرامر تي ڪم ڪري رهيو آهي. دعا آھي ته الله سائين کيس صحت سان گڏ ڊگهي زندگي عطا ڪري ۽ ھو اسان لاءِ اھڙا قيمتي ڪتاب لکندو رھي.