سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (516) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     27763   ڀيرا پڙهيو ويو

علمِ معنيات (Semantics)


معنيٰ ٻوليءَ جو روح آھي. ان کي لسانيات جي شاخ طور ته ويھين صديءَ ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ويو آھي، پر ھي موضوع تمام پراڻو آھي. جيڪو سقراط ۽ افلاطون کان شروع ٿئي ٿو. ھر دؤر ۾ فلاسفرن ۽ مفڪرن جو خاص ڌيان معنوي پھلوءَ تي رھيو آھي.

”معنيٰ يا ارٿ (content) ۾ ٻوليءَ جي اظھار واري طرف کي ڇڏي، باقي ڪائنات جون سڀ شيون، خيال، ڀاونائون ۽ صدين کان وٺي انسانذات جا ڪٺا ڪيل آزمودا شامل آھن.“ (23)

ٻولي وڏي معنيٰ رکندڙ نظام آھي، ھر نظام وانگر ان جا به ٻه پھلو آھن، ظاھري ۽ باطني. ظاھري پھلو آوازن سان تعلق رکي ٿو ۽ باطني معنائن سان وابسته آھي. آوازن جي مدد سان ٺاھيل لفظ ڄڻ ته علامتون (symbol) آھن. ڪنھن خيال، جذبي وغيره جون، جيڪي ھڪ ڳالھائيندڙ جي ذھن کان ٻئي ذھن تائين پھچي ڪواڳ ۾ رٿيل مفھوم ادا ڪن ٿيون ڇو ته ھر لفظ سان ھڪ تصور ۽ هڪ مفهوم لاڳاپيل ھوندو آھي. لفظن جي معنائن جو دائرو تمام گھڻو وسيع ۽ پيچيدو آھي.

”ھر ٻوليءَ ۾ اھڙا سوين لفظ آھن، جن جون معنائون ۽ مطلب ھڪ کان مٿي آھن، جي جملن ۾ لفظن جي استعمال ۽ ماحول مان ئي معلوم ٿي سگھن ٿيون.“ (24)

لفظن جي معنيٰ ۾ موقعي ۽ ماحول (context of situation) جو وڏو عمل دخل ھوندو آھي. ھر لفظ جي ھڪ مرڪزي يا حقيقي معنيٰ ھوندي آھي ۽ ٻيون ڪناري واريون يا پاسائيتيون (marginal) ۽ مددي (subsidiary) معنائون ھونديون آھن. تنھن کان سواءِ لفظن جي سماجي يا ثقافتي معنيٰ به ھوندي آھي. جيڪا سماج جي پيدا ڪيل ھوندي آھي. انگريزي ۾ چيو ويندو آھي ته:

“The Speech without meaning is like the tree without fruits and flowers.”

(معنيٰ کان سواءِ ڳالهه ٻولهه ائين آهي، جيئن وڻ گل ۽ ميوي کان سواءِ.)