سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (449) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17720   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    سنڌي ٻوليءَ جي گرامر بابت مختلف عالمن ڪتاب لکيا ۽ ڪن اسڪالرن انهن عالمن سان ڪن ڳالهين تي اختلاف به ڪيا ۽ اهو ئي طريقو آهي، جنهن سان علمي بحث ڇڙن ٿا ۽ تحقيق اڳتي وڌي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جا هڪ درجن کان به مٿي اهڙا عالم آهن، جن ”سنڌي ويا ڪرڻ“ تي لکيو آهي ۽ اهو ڪتابي شڪل ۾ ڇپيو آهي. شروع ۾ ڏيهي يا پرڏيهي عالمن جيڪي سنڌي گرامر تي ڪتاب لکيا اُهي ٻه طرفا هئا، هڪ عربي گرامر کي آڏو رکي لکيا ويا ۽ ڪن وري سنسڪرت يا هندي گرامرن کي آڏو رکي ڪتاب تيار ڪيا، هن فڪر وارن جو خيال هو ته سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جا اصول به مقامي هوندا يا هئڻ گهرجن، هر ٻوليءَ جي پنهنجي خصوصيت ٿيندي آهي جنهن ۾ هن جو مقامي رنگ شامل هوندو آهي، تنهنڪري هر ٻوليءَ جي گرامر جا اصول انهيءَ جي مقامي رنگ مطابق هوندا آهن. ٻئي پاسي جي عالمن جو خيال هو ته ڪن ٻولين جا ٻين ٻولين تي اڻ مٽ اثر ڇڏيل هوندا آهن، اهڙين ٻولين جي گرامر تي تحقيق ڪن ٻين رخن سان ڪئي ويندي آهي، سنڌي ٻوليءَ تي عربيءَ جو اثر هڪ مڃيل حقيقت آهي، ان ڪري عربي گرامر کي آڏو رکندي سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي لکڻ ڪو غير فطري ڪو نه آهي. بهرحال اهڙا بحث هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر شازيه پتافي ڪيا آهن. ڊاڪٽر شازيه پتافي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم اي دوران منهنجي شاگرد رهي. سندس محنتي سڀاءُ ۽ علمي چاهه کي ڊاڪٽر فهميده حسين ذهن ۾ رکندي مونوگراف لاءِ کيس رجسٽرڊ ڪيو هو. سندس هي مقالو ايم اي سنڌيءَ جو مونوگراف آهي، جيڪو واڌارن ۽ سڌارن کان پوءِ هن ڪتابي شڪل ۾ اٿارٽيءَ طرفان ڇپرايو ويو هو. هن ڪتاب جو هي ٻيو ڇاپو آهي، جيڪو اوهان تائين پهچايو ويو آهي. هن اميد سان ته هن خشڪ پر اهم موضوع تي اڃا به وڌيڪ لکيو ويندو. 19 ڊسمبر، 2016ع پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ حيدرآباد- سنڌ چيئرمئن