سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17986   ڀيرا پڙهيو ويو

پنهنجي پاران


ايم.اي جي آخري سال ۾ اها گنجائش هوندي آهي ته شاگرد پنهنجي مرضيءَ سان اختياري مضمون جي جاءِ تي تحقيقي مقالو (مونوگراف) لکي سگهن. ’لسانيات‘ منهنجو پسنديده مضمون آهي، ان ڪري مون ان سان وابسته ڪنهن موضوع تي ڪم ڪرڻ چاهيو پئي. اهڙن خيالن جو اظهار جڏهن مون مئڊم فهميده حسين سان ڪيو ته ان منهنجي تمام گهڻي همت افزائي ڪئي، پوءِ مئڊم جي صلاح سان ۽ سندس نگرانيءَ ۾ مون ”سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا“ جي موضوع تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.

هيءُ هڪ نئون موضوع هو ۽ ساڳئي وقت تحقيق به مون لاءِ نئون ڪم هو، ان جي تڪميل مشڪل ٿئي ها، پر ڊاڪٽر فهميده حسين جي رهنمائي ۽ رهبريءَ ۾ هن ڪم کي آسانيءَ سان ڪري سگهيس. ان ڪري سڀني کان وڌيڪ ٿورا ڊاڪٽر فهميده جا، جنهن مون کي تمام گهڻو وقت ڏنو ۽ هر طرح سان گائيڊ ڪيو. مان پنهنجي استاد سائين سليم ميمڻ جي به ٿورائتي آهيان، جنهن تحقيق جي سلسلي ۾ هر ممڪن مدد ڪئي.

مونوگراف لکڻ ۾ جيڪا ڏکيائي پيش آئي، اها هئي ڪتابن جي، ان سلسلي ۾ منهنجي چاچي سڪندر علي پتافي، جيڪو حيدرآباد مان ڪتاب هٿ ڪري موڪليندو هو. فوزيه نواز سنڌي شعبي جي لائبرري انچارج ۽ شاهه عبداللطيف چيئر جي ريسرچ آفيسر عبدالعزيز خاصخيليءَ تمام گهڻي مدد ڪئي، ان ڪري انهن جا ٿورا نه مڃڻ به احسان فراموشي ٿيندي. پنهنجي فيمليءَ جي سڀني فردن جا به احسان، جن سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح مون سان تعاون ڪيو.

ڊاڪٽر شازيه پتافي