ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر شازيه پتافي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-096-3 |
قيمت | 150 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (516) PDF E-Pub |
انگ اکر | 14 November 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 27757 ڀيرا پڙهيو ويو |
ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻيءَ جو شمار ورھاڱي کان اڳ جي ناليوارن ۽ ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. ھن نثر توڙي نظم ۾ پاڻ ملھايو، ھو لسانيات جو ماھر، تاريخ جو ڄاڻو، محقق ۽ مصنف پڻ ھو. سنڌي زبان جي قدامت جي ڄاڻ ۽ ارتقا بابت جيڪو بنيادي ڪم ٿيو آھي، ان ۾ ڪاڪي ڀيرومل جو شمار پيڙھ جي پٿر رکڻ وارن مان آھي. ڪاڪي ڀيرومل مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن جو مجموعي انگ ٽيونجاھ آھي. انھن ۾ ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ تمام اھم ڪتاب آھي، جيڪو ھن 1925ع ۾ لکيو، جنھن جو ٻيو ڇاپو 1985ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان ڇپايو ويو آھي. ھن ڪتاب جو پھريون باب آئيويٽا يا اکرن بابت آھي ان ۾ ڪاڪو ڀيرومل حرف علت (vowel) ۽ حرف صحيح (consonant) جي وصف ۾ لکي ٿو،
”سڀني ٻولين جا اکر ٻن مکيه دفعن ۾ ورھايل آھن 1. حرف صحيح يعني سالم يا ڏاڍا اکر 2. حرف علت يعني ضعيف يا ڪمزور اکر، اھي برابر ڪمزور آھن، ڇاڪاڻ ته اھي پنھنجا اچار سولائيءَ سان ٿا بدلائين، جيئن ”ڇوڪري“- ”ڇوڪر“ (اي گھٽي) جيڪي حرف صحيح آھن سي صحيح سلامت يا جيئن جو تيئن رھن ٿا، يعني اھي پنھنجو اچار اھڙو سٿرو نٿا ڦيرائين.“ (ص-16)
ان دؤر ۾ حرف علت ۽ صحيح جي اھائي وصف مقرر ڪئي وئي هئي. اھا اڳ ۾ به ڏئي آيا آهيون. ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻيءَ ڳالھائڻ جي لفظن (Parts of Speech) جا اٺ قسم لکيا ويا آھن.
سڀ کان اول ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ اسم جا ٽي قسم ”عام“، ”خاص“ ۽ ”ذات“ لکيا آھن، وري انھن قسمن کي ”ذاتي“ ۽ ”صفاتي“ اسمن ۾ به ورھائي ٿو:
”ڪنھن جي نالي چوڻ ته ھي ”خاص“ يا عام“ آھي سا ٿي صفت ڪرڻي، تنھنڪري اسم خاص ۽ اسم عام انھن ٻنھيءَ کي گڏي ” صفاتي اسم“ چئبو آھي ۽ جيڪي نالا ذاتي سڀاون، ڪمن ۽ حالتن تي رکيل آھن، تن کي ذاتي اسم چئبو آھي.“ (ص-25)
سنڌيءَ ۾ سڀئي جاندار توڙي بي جان شيون ٻن جنسِ مذڪر ۽ مؤنث ۾ ورھايل آھن. اسم جي آخري اعراب مان مذڪر ۽ مؤنث جي خبر پوندي آھي. اھي اسم جن جي آخر ۾ زبر ھوندي آھي، گھڻو ڪري مؤنث ھوندا آھن، تنھن کان سواءِ آ، اِ، اِي، پڇاڙين وارا اسم اڪثر مؤنث آھن. اهڙا ڪجھ مثال مذڪر جا به ملن ٿا جن کي استثنيٰ (exception) قرار ڏنو ويو آھي. مثلن: ھاٿي، مالھي، راجا، ديوتا، سيٺ، ڌوٻي, پاڻي وغيره.
ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو:
”سنسڪرت ۾ ”اَ“ پڇاڙيءَ وارا اسم گهڻو ڪري سڀ مذڪر ۽ سنڌيءَ ۾ سڀ مؤنث، اهو الٽو ليکو هن ڪري ٿيو آهي، جو سنسڪرت مؤنث پڇاڙي ”آ“ جو اچار سنڌيءَ ۾ گهٽائي ”اَ“ ڪريون ٿا، جيئن ”پيڙا“ مان ”پيڙَ“ ”ويلا“ مان ”ويل“. اُهي اسم، جن جي آخر ۾ ”اُ“ اچي ٿو، سي مذڪر آهن. ان کان سواءِ ”اُو“، ”اون“، ”اَو“، به مذڪر پڇاڙيون آهن. ڪجهه مثال مؤنث جا به ملن ٿا، جيڪي مستثنيٰ جي ڊائري ۾ اچي وڃن ٿا. مثلاً: ”ماءُ“، ”وڄُ“، ”آبرو“، ”ڀونءِ“ وغيره. سسنسڪرت ۾ ”او“ پڇاڙيءَ وارا اسم گھڻو ڪري سڀ مؤنث آھن. جيئن ”وڌو“ جنھن جي بدران چئون ”وھُو“ معنيٰ زال يا ننھن. ”اوۡ“ پڇاڙي وارا اسم مذڪر آھن، جيئن ”ڪدُو“ ۽ ”ماڻھو“ اھو الٽو ليکو ھن ڪري بيٺو آھي، جو مذڪر جي نشاني ”او“ جي بدران پھرين ”ا“ پوءِ ”اوُ“ ڪيو اٿئون. جيئن رامو- رام- رامو.“ (ص-32)
واضح رھڻ گھرجي ته ڪاڪو ڀيرومل ان نظريي جو ھو ته سنڌي سنسڪرت جي ڄائي آھي. ھن سنسڪرت جا درجا ورھائي سنڌيءَ کي وراچد اپڀرنش مان نڪتل سڏيو. ان ڪري ھن کي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ جتي به ڪو باقاعده فرق (consistent difference) نظر اچي ٿو. پوءِ اھو ڪا ترڪيب ھجي يا وري لفظن جا ڌاتو ھجن، ھو ان کي ڪنھن نه ڪنھن طريقي سنسڪرت سان ملائي ٿو. انھيءَ لاءِ تاريخي لسانيات جي ماھر سراج صاحب لکيو آھي ته،
”ڪاڪي ڀيرومل جھڙو مڙس به ھڪ طرف سنڌ جي قدامت ۽ سنڌين جي قديم ترين تمدن جا گڻ ڳائڻ لڳو ۽ جڏھن لفظن جي ڀڃ گھڙ تي آيو ته ساڳو يورپ وارو اندازو ته ضرور سنسڪرت مان نڪتي ھوندي ۽ بلڪل ابتي پير ھلڻ شروع ڪيائين. جيڪي سڌا سنوان اصلوڪا سنڌي لفظ ھئا، تن لاءِ ائين چيائين ته اھي به سنسڪرت مان نڪتا ھوندا.“ (ص-22)
بي جان شيون ڪجھ ٻولين ۾ (سنسڪرت انگريزي وغيره) ۾ الڳ جنس ۾ رکيون وينديون آھن. انگريزيءَ ۾ ان کي بي جان (Neuter gender) چيو ويندو آھي، جيئن ”ڪتاب“، ”ٽيبل“، ”قدم“ وغيره، جنس بي جان جا مثال آھن. سنڌيءَ ۾ بي جان شين کي به جنس جي دفعي ۾ آندو ويندو آھي، ان سان ڪٿي ڪٿي جيڪو مونجھارو پيدا ٿئي ٿو، ان جو ذڪر ڪندي ڀيرومل صاحب لکي ٿو:
”سنڌيءَ ۾ جنس بي جان ڪانھي ۽ ان جو نتيجو اھو ٿيو آھي، جو ڪي لفظ ھڪ ھنڌ جنس مذڪر ته ٻئي ھنڌ جنس مؤنث پيا ليکجن جيئن ”رت“ لفظ عام طرح جنس مذڪر ليکجي ٿو پر سرحد سنڌ ڏي چون ”رتِ“ (جنس مؤنث) ھن قسم جي مونجھاري لاھڻ لاءِ ڪي به قاعدا جوڙڻ مشڪل آھي.“ (ص- 34)
سنسڪرت ۾ جنس بي جان آھي. ڪاڪو ڀيرومل ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌيءَ ۾ جنس بي جان نه ھئڻ کي سنسڪرت کان ڌار ٿيڻ لاءِ سنڌيءَ جو کنيل پھريون قدم سمجھن ٿا. ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو:
”سنسڪرت کان ڇڄي ڌار ٿيڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ پھريون ھي قدم کنيو آھي، جو جنس بي جان ڪڍي ڇڏي اٿس. جن لفظن جي اصل جنس بي جان ھئي تن مان ٿورا مؤنث ليکجن ٿا ۽ گھڻا ”او“ (اون) پڇاڙي وٺي بيٺا آھن، جنھن ڪري اھي مذڪر ليکجن ٿا، جيئن ’ھنئون‘ (دل) ۽ ”پريتڻو“ (پريت) اھا ”اون“ پڇاڙي اصل جنس بي جان جي نشاني ھئي ۽ اھا اڄ تائين گجراتي ٻوليءَ ۾ آھي.“ (ص- 35)
ڊاڪٽر ٽرمپ جي به ھيءَ راءِ آھي ته،
“The Sindhi has lost the neuter…This, as it seems, has been the first step to break the fetters of the old compact mother tongue, and to initiate the levelling process of the present idioms.” (A grammar of Sindhi language)(pp32)
حالتون:
جملي ۾ اسم يا ضمير جو ٻين لفظن سان لاڳاپو ڏيکارڻ لاءِ انھن جي صورت ۾ جيڪا ڦيرڦار ٿئي ٿي، تنھن کي اسم يا ضمير جي حالت (Case) چئبو آھي. اسم جون حالتون ڪيتريون آھن، انھيءَ بابت شروع کان وٺي اتفاق نظر نٿو اچي، ڪن عالمن اٺ حالتون لکيون آھن ته ڪن وري ٽي ڪري ڇڏيون آھن. ڪاڪي ڀيرومل به اسم جون ٽي حالتون فاعلي (Nominative) مفعولي (Objective) ۽ جري (Ablative) لکيون آھن، ان جو سبب ڄاڻائيندي پنھنجي ”منڍ“ واري بيان ۾ لکي ٿو:
”ھيٺين صاحبن جي راءِ آھي ته اسمن جون فقط ٽي حالتون سيکارجن، حالت فاعلي، مفعولي، ۽ جري 1. شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ 2. راءِ صاحب پرڀداس شيوڪ رام 3. ديوان ريواچند دولترام آڏواڻي 4.پروفيسر ايچ ايم گربخشاڻي 5. گلاب سنگهه سنگھ گدواڻي 6. ليلا رام پريمچند واڌواڻي 7. ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي.“
مٿئين بيان مان ظاھر ٿئي ٿو ته ان دؤر ۾ باقاعدي بحث مباحثي کان پوءِ اسم (۽ ضمير) جون ٽي حالتون مقرر ڪيون ويون ھيون. ڪاڪو ڀيرومل ”حالت اضافت“ کي ”حالت جريءَ“ سان سملائيندي لکي ٿو.
”ڇوڪر جو خط“- ھتي ”ڇوڪر“ ۽ ”خط“ جو پاڻ ۾ لاڳاپو آھي. ھتي ”ڇوڪر“ جي حالت اضافت يعني لاڳاپي ڏيکاريندڙ حالت (اضافت= لاڳاپو) آھي. پر ”جو“ حرف اضافت کي ”حرف جر“ جي دفعي ۾ ليکين ٿا، تنھن ڪري ھلندڙ رواج پٽاندڙ ”ڇوڪر“ جي حالت جري چئبي.“ (ص- 45)
جيئن ته اھو ھڪ اصول مقرر ڪيو ويو ھو ته حالت اضافت کي ”جريءَ“ ۾ آڻڻ گھرجي، تنھن ڪري ڪاڪو ڀيرومل به انکي ”ھلندڙ رواج پٽاندڙ“ حالت جري لکي ٿو. نه ته ھو پاڻ ان کي ھڪ الڳ قسم سمجھي ٿو، جيئن فوٽ نوٽ ۾ لکيو اٿس؛
”جنھن اسم جي حالت جري چئجي ٿي، سو ھڪ قسم جو مفعول آھي پر جنھن اسم جي حالت اضافت چئجي ٿي، تنھن جو جملي جي فعل سان مفعول وارو لاڳاپو ڪونھي، تنھن ڪري ائين چوڻ ته حالت اضافت آھي حالت جريءَ جو ھڪ خاص قسم، سو غلط آھي. ھلندڙ رواج موجب جنھن اسم پٺيان حرف جر اچي ٿو، تنھن جي حالت جري چون ٿا ۽ حالت اضافت ۾ ”جو“، ”سندو“ ۽ ”وارو“ حرف جر ڪم اچن ٿا، تنھن ڪري حالت اضافت کي حالت جريءَ ۾ گڏي ڇڏيو اٿن نه ته حقيقت ۾ ٻنھي حالتن جو ھڪ ٻئي سان ڪوبه لاڳاپو ڪونھي“. (ص-45)
اضافت وارا لفظ اڪثر صفت جي جاءِ تي استعمال ٿيندا آھن. يعني اضافت اڪثر ڪا صفت ڏيکاريندي آھي، جيڪا ان شيءِ جي جنس، عدد ۽ حالت سان ٺھي ايندي آھي، جنھن جي اضافت ڏيکاريندي آھي، ان ڪري اڳتي ھلي ڪاڪو ڀيرومل چوي ٿوته اسم جي پويان ”جو“، ”سندو“، ”وارو“ اچڻ کان پوءِ اھا صفت جي ترڪيب ٿي پوي ٿي، ان ڪري انکي حالت جري يا اضافت چوڻ ئي غلط آھي:
”سچ پچ سنڌيءَ ۾ حالت اضافت رڳو نالي جي حالت آھي، ڇاڪاڻ ته جن اسمن جي پٺيان ”جو“، ”سندو“، ”وارو“ لفظ اچن ٿا سي ڦري صفت ٿيو پون، جيئن ”ھنر وارو“، ”عقل وارو“، ’ھوش وارو‘ لفظ صفتون آھن. ’منھنجو ڪتاب ڦاٽي پيو‘ ھتي ”منھنجو“ لفظ صفت آھي ۽ اتي ان جي حالت اضافت يا جري چوڻ ئي غلط آھي. ”اشرافن سندو اولاد ڪھڙو اولاد؟ ”سندو“ ھي لفظ ڄڻ ته اولاد جي صفت ڪن ٿا. اھڙيءَ طرح اھي لفظ جي حرف اضافت سڏجن ٿا، سي در حقيقت صفتي پڇاڙيون ٿي ڪم اچن ٿا. جيڪڏھن ترڪيب ڪرڻ جو اھو نمونو (صفت ڪري ليکڻ جو) وٺبو ته حالت اضافت جو نالو نشان به ڪونه بچندو.“ (ص-53)
اضافت وارا لفظ صفت طور استعمال ٿين ٿا، پر صفت آھن ڪونه. ”ڇوڪري جو ڪتاب“ اتي ”جو“ صفت نه پر ”حرف اضافت“ آھي. ”مون وارو ڪتاب ڪيڏانھن ويو؟“ ھن جملي ۾ ”وارو“ صفت طور استعمال ٿئي ٿو، اھو ڪتاب کي سڃاڻپ ڏئي ٿو. ان جملي کي ھيئن به لکي سگھجي ٿو، سٺو ڪتاب ڪيڏانھن ويو؟ ھن جملي ۾ ”سٺو“ صفت آھي. اھو لفظ جيڪو سڏ ڪرڻ جي ڪم اچي، ان کي حرف ندا چئبو آھي ۽ اھو اسم جيڪو سڏ ڪرڻ لاءِ ڪم اچي ان کي حالت ندا (Vocative case) چئبو. ”ڇوڪرخط لک“، ھتي ”ڇوڪر“ لفظ سڏ ڪرڻ لاءِ آيو آھي، تنھنڪري ان جي حالت ندا چوندا آھن. جملي ۾ ”جو“ اسم سڏ ڪرڻ لاءِ ڪم اچي ٿو، تنھن جي حالت ندا چون ٿا. پر اھڙي اسم کي ”ندا جو فاعل“ ڪوٺڻ گھرجي“ (ص-45)
ڪنھن به اسم جو سڀني حالتن ۾ واحد (singular) توڙي جمع (plural) ۽ مذڪر (mascular) توڙي مؤنث (feminine) جي صورت ۾ مٽجڻ کي ”ڦيرو“ چئبو آھي، مثلاً اسم ”ڇوڪرو“ جو ڦيرو ھيٺ ڏجي ٿو:
حالت فاعلي: ڇوڪرو ڪم ڪري ٿو.
حالت مفعولي: قاتل ڇوڪرو ماريو.
حالت جري: 1. ڇوڪرو اسڪول کان موٽيو (فعل لازمي)
حالت اضافت: ھي ڇوڪري جو ڪتاب آھي.
حالت ندا: ڇوڪرا! ھيڏانھن اچ
زمان حال: 1. ڇوڪرو ڊوڙي ٿو. (فعل لازمي)
زمان ماضي: 1. ڇوڪرو ڊوڙيو (فعل لازمي)
زمان مستقبل: 1. ڇوڪرو ڊوڙ
مٿين مثالن مان ظاھر ٿئي ٿو ته فرق فعل جو آھي. فعل لازميءَ ۾ فاعل ۾ ڦيرو نه ٿو اچي، جڏھن متعدي استعمال ٿئي ٿو تڏھن ڪ صورتن ۾ فاعل ۾ ڦيرو اچي ٿو.
”اسمن جو سچو پچو ڦيرو اھو آھي، جنھن ۾ رڳو پڇاڙين ڦيرائڻ سان جدا جدا حالتن جو مطلب پاڻيھي ظاھر ٿئي ٿو. پر گھڻين حالتن جون پڇاڙيون سنڌيءَ مان گم ٿي ويون آھن ۽ باقي جيڪي ٿوريون آھن، سي شعر ۾ ڪم اچن ٿيون. نثر ۾ لفظن کي اڪثر رڳو عام صورت ۾ بيھاري پوءِ جدا جدا حالتن جي معنيٰ ظاھر ڪرڻ لاءِ جدا جدا قسمن جا حرف جر گڏبا آھن، تنھن ڪري چئبو ته سچو پچو ڦيرو جنھن کي چئبو آھي سو سنڌيءَ ۾ ٿيندو ئي ڪونھي.“ (ص-58)
پڙھئا پڙيجاھ، سبق انھيءَ سورجو
(پڙيجاھ- اوھين پڙھندا رھو)
تِھان پوءِ سئا سھُڻيءَ سڏ ميھار جا
(تِھان- تنھن کان)
ڪاڪي ڀيرومل ضمير جا ست قسم لکيا آھن. قسمن کي مثالن سمجھائي انھن جي استعمال جو طريقو ”ڪم آڻڻ جي ريت“ به بيان ڪئي آھي ضميري پڇاڙين کي ضمير خالص جو قسم سڏي ٿو.
صفت اھو لفظ آھي جو اسم يا ضمير سان لاڳو ٿي ان بابت ڪجھ حقيقت ڄاڻائي ٿو. ڪاڪي ڀيرومل صفت کي ٽن قسمن: وصفي (Qualitative)، عددي، (Quantitative) ۽ ضميري صفت (Pronominal Adjective) ۾ ورھايو آھي، ضميري صفت جي سمجھاڻيءَ ۾ لکي ٿو:
”ھي ماڻھو“، ”اھي زالون“ (ضمير اشارو ويجھو)
”ھوُ ماڻھو“ ”اھُي زالون“ (ضمير اشارو ڏور)
”جو ڪتاب“، ”جيڪو ڪتاب“ (ضمير موصول)
”سو ماڻھو“، ”سي زالون“ (ضمير جواب موصول)
”منھنجو ڪم“، ”تنھنجي ڳالھ“ (اضافتي ضمير)
ھن طرح جيڪي ضمير صفت ٿي ڪم اچن ٿا، تن کي ضميري صفت چئبو آھي.“ (ص-75)
جيڪي صفتون اسمن جي ڪنھن خاصيت، درجي يا قسم متعلق ٻڌائين، انھن کي ” وصفي“ چئبو آھي. جڏھن ڪنھن صفت جي ساڳئي جنس واري ٻي صفت سان ڀيٽ ڪجي ته ان کي صفت تفصيل (Comparative) چئبو آھي ۽ جڏھن وري ڪنھن صفت کي ساڳئي قسم وارن سڀني شين سان ڀيٽجي ته ان کي صفت مبالغو (Superlative) چئبو آھي. ڀيٽ جي درجن کي ھن طرح ظاھر ڪيو ويندو آھي.
”اٺ گھوڙي کان وڏو آھي“. صفت تفصيل (”گھوڙي“- حالت جري)،
”ھاٿي سڀني چوپاين کان وڏو آھي“. صفت مبالغو (”چوپاين“ حالت جري)
مطلب ته جنھن اسم سان ڀيٽ ڪرڻي ھوندي آھي، تنھن کي حالت جريءَ ۾ آڻبو آھي، جنھن لاءِ ”کان“، ”۾“، ”منجھ“، ”منجھان“ حرف جر ڪم آڻڻا پون ٿا.“ (ص-80)
عددي صفت جا ٻه قسم ٻُڌايا ويا آھن. عدد شماري (cardinal) ۽ عدد قطاري (ordinal). انگ پھرين ڪھڙي ٻولي، علائقي ۽ قوم ۾ رائج ٿيا؟ اھي ڪھڙي ٻوليءَ مان ٻين ٻولين ۾ منتقل ٿيا؟ انهن بابت لکندي ڀيرومل مطابق سنڌي انگن جا نالا سنسڪرت تان ورتل آھن.
”انگن ۾ پھريون آھي ”ھڪ“ يا ”ھڪڙو“ جو اصل سنسڪرت لفظ ”ايڪن“ آھي. سنسڪرت ۾ ”اي“ معنيٰ اچڻ ۽ ”ڪن“ معنيٰ وڃڻ: ”ايڪن“ معنيٰ جو پاڻيھي اچي ۽ پاڻيھي وڃي يعني اڪيلو يا ڇڙھو. ھن کان وٺي نون تائين جيڪي انگ آھن سي ”ايڪن“ يعني ”ايڪا“ يا ”يڪا“ آھن، ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪو انگ ساڻ ڪونه اٿن ”ايڪن“ جو اچار ڦيرائي ”ايڪ“- ”ھيڪ“- ”ھڪ“ ۽ ”ھڪڙو“ (ھڪ+ڙو) چئون ٿا.“ (ص-82)
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري دانشور سراج صاحب مطابق! سنڌي انگن جي باري ۾ به اڪثر ماهرن سنسڪرت ڏانهن ڏٺو آهي. جيڪا ڳالهه انهن عالمن لاءِ قابل قبول ناهي. جيڪي سنڌيءَ کي سنسڪرت مان نڪتل نٿا سمجهن. محترم سراج سنڌيءَ کي هڪ اصلوڪي بنيادي ٻولي سمجهي ٿو، هو لکي ٿو:
”سنڌيءَ جي قدامت جو ھڪ وڏو ثبوت انگن مان به ملي ٿو. سنڌيءَ جي انگن مان معلوم ٿئي ٿو ته ھند-آريائي زبانن مان پراڻي ۾ پراڻي صورت سنڌي انگن جي آھي. سنڌي ”ھڪ“ کي اسين ”ايڪو“ به چئون ٻين ٻولين ۾ اھو ٻنھي صورتن ۾ موجود آھي. سنسڪرت ”اِڪ“ ۽ ”ايڪ“، ھِٽي ”ايڪ“ ۽ ”ھيڪ“، (اويستا- ايئوا، يوناني- ايئس، لئٽن- اونس، گاٿڪ- اِنيس) سنڌي ”ھڪ“ جو وڌيڪ مثال ان جي وقتي شمار جي صورت ”ھيڪر“، اويستا ”ھيڪرت“ مان ملي ٿو.“ (23)
سنسڪرت کي آرين (Aryan) جي ٻولي چيو ويندو آھي. انگن جو بنياد ڪھڙي قوم وڌو ڀيرومل صاحب جوخيال آھي ته،
”ھندن جي شاسترن پٽاندڙ ڀڳوان جو خزانچي ڪبير ديوتا آھي، جنھن جي ھٿ ۾ نوَنڌيون يعني نو خزانا آهن. انھن نون نڌين مان ھڪ جو نالو کرب ٻئي جو نيل ۽ ٽئين جو پدم آھي. پروفيسر مئڪس مولر لکي ٿو ته انگن جوڙڻ جو خيال اول آڳاٽن آريا لوڪن کي آيو، جن انگ ٺاھي مٿن سنسڪرت نالا رکيا ۽ اھي ساڳيا نالا ٻين گھڻين ٻولين ۾ رڳو اچار ڦيرائي ڪم پيا آڻين.“ (ص- 84)
انهيءَ ڳالهه سان سراج صاحب جهڙا عالم متفق نٿا ٿي سگهن، ڇو ته آرين جي اچڻ کان پھرين سنڌ ھڪ خوشحال ۽ شاھوڪار علائقو ھو، معاشي حوالي سان به ته وي ثقافتي حوالي سان به، ظاهر آهي ته انهن وٽ ڳڻپ جو پنهنجو نظام هوندو.
”ڪن اسڪالرن جو خيال آھي ته سنڌ جي اھا تھذيب دراوڙي ھئي، ڪن جو خيال آھي ته آرين جي ھئي، ڪي انکي سمير ۽ بابل جي تھذيبن واري سلسلي جي ڪڙي سمجھن ٿا ته ڪي وري ان کي سنڌ جي پنھنجي ديسي تھذيب ٿا سڏين. بھرحال ھن ھڪ ڳالھ تي سڀئي متفق آھن ته اھا تھذيب آريه دؤر جي ڌرمي ڪتابن ويدن لکجڻ کان اڳ جي آھي، ويدڪ دؤر ۾ پدري سماج ھو. جڏھن ته ھن دؤر ۾ مادري سماج جا اھڃاڻ ملن ٿا.“ (24)
سڀ کان پراڻو ويد اٿر ويد آھي ۽ اھو موھن جي دڙي واري دؤر کان اٽڪل ھڪ ھزار سال پوءِ لکيو ويو. آرين جي اچڻ کان پھرين موھن جي دڙي جي ماڻھن وٽ انگن جو ھڪ باقاعده نظام ھو، جيڪو ايڪن ڏھاڪن وارو ھو ۽ اڄ سڄي دنيا ۾ رائج آھي.
”اھا ته پراڻي تاريخ آھي ته عربن ھندسه يعني انگن جو علم ھندستان ۽ خاص طور سنڌين کان سکيو پر ان کان به پراڻي تاريخي روايت آھي ته انگي حساب ھندستان مان ئي فونيشلوڪن وٽ پھتو، جن جي پوئين سڄي يورپ ۾ پکڙيو. موھن جي دڙي ۾ انگن جو حساب ڏسي، اھو يقين ڪرڻو ٿو پوي ته دنيا جي موجوده ڳڻپ جي طريقي ايڪن، ڏھاڪن ۽ سون جو موجوده سلسلو موھن جي دڙي جي ماڻھن جي ايجاد آھي، جتان پوءِ مصر، سمير،بابل، فونيشا ۽ قبرص وغيره پھتو.“ (25)
سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽا فاعل فعل واري آھي. اھو فعل جيڪو اھڙو ڪم يا حالت ڏيکاري جنھنجو لاڳاپو صرف فاعل سان ھجي ان کي ”فعل لازمي“ (Intransative) چيو ويندو آھي. جيڪو فعل اھڙو ڪم ڏيکاري جو فاعل ڪري ٿو ۽ ان جو اثر ٻئي ڪنھن تي پوي ٿو، تنھن کي فعل متعدي“ (Transitive verb) چئبو آھي. متعدي فعل جي جملي ۾ مفعول کان سواءِ مڪمل معنيٰ نه نڪرندي آھي.
مثال طور: ”ھو کائي ٿو“ يا وري ”ارشد لکي ٿو“ جملي مان پورو مفھوم سمجھ ۾ نٿو اچي. اھي جملا ھيٺين ريت لکبا، تڏھن وڃي پوري معنيٰ نڪرندي:
سنڌيءَ ۾ فعل متعدي ٽي صورتون وٺي ٿو. فعل متعدي معروف، فعل متعدي مجھول ۽ فعل متعدي بالواسطه ، فعل متعدي معروف ۽ مجھول ۾ فرق لاءِ ڀيرومل لکي ٿو:
”فعل متعديءَ جون ٻه صورتون آھن. ھڪڙي اھا جنھن ۾ ڪم ڪندڙ (فاعل) ظاھر ڄاڻائجي ٿو ۽ ٻي اھا جنھن ۾ ڪم ڪندڙ ظاھر نه ٿو ڄاڻائجي، جنھن ڪري مفعول ڦري جملي جو فاعل ٿئي ٿو. فعل جي پھرين صورت کي فعل متعدي معروف ۽ ٻيءَ صورت کي فعل متعدي مجھول سڏين ٿا.“ (ص-92)
فعل متعديءَ جي مجھول (Passive) صورت ۾ مفعول ڦري فاعل جي جڳھ تي اچي ٿو. پر فعل لازميءَ ۾ مفعول نه ھوندو آھي، انڪري ان جي مجھول صورت ۾ فاعل جي جاءِ خالي رھي ٿي. اھا فعل لازميءَ جي مجھول صورت آھي، جنھن کي گرامر نويسن فعل بيفاعل يا اڪرترڪ فعل سڏيو آھي. ڪاڪو ڀيرومل مرزا قليچ بيگ جي لفظن کي دھرائيندي ته فعل لازميءَ جو اھو نمونو آڳاٽي سنسڪرت مان ورتل آھي، لکي ٿو:
”سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ٻي ڪنھن به ٻوليءَ ۾ فعل بيفاعل آھي ڪونھي، تنھن ڪري ھن قسم جي جملن جو ٻيءَ ڪنھن به ٻوليءَ ۾ پوريءَ طرح ترجمو ٿي ڪين سگھندو. ٻي ڳالھ ته ٻين ٻولين ۾ رڳو فعل متعدي معروف ۽ مجھول صورتون وٺي ٿو پر سنڌيءَ ۾ فعل لازمي به اھي ٻئي صورتون وٺي ٿو. اھو نمونو آڳاٽي سنسڪرت ما ورتل آھي.“ (ص-96)
ڪيترين نحوي ترڪيبن ۾ معروف فعل کي مجھول صورت ۾ بدلائڻ ۾ ”ج“ ۽ ”پ“ پد جو وڏو عمل آھي. جيئن:
ڏسڻ- ڏسجڻ
لڏڻ- لڏجڻ
لکڻ- لکجڻ
پڙھڻ- پڙھجڻ
مارڻ- مارجڻ
ڌائڻ- ڌاپڻ
ڌوئڻ- ڌوپڻ/ ڌوپجڻ
ڄمڻ- ڄاپڻ وغيره
مثلاً:
مجھول صورت - ڪتاب پڙھجي ٿو.
مجھول صورت- گھوڙو مارجي ٿو.
مجھول صورت- ھلجي ٿو.
مجھول صورت- ڪپڙا ڌوئجن ٿا.
مجھول صورت- ٻڪري ڌاپي ٿي.
مطلب ته جنھن به ترڪيب ۾ ”ج“ يا ”پ“ جو پد داخل ٿئي ٿو ته ان ۾ فاعل نه ٿو رھي. پوءِ اھو متعدي فعل ھجي يا لازمي، جيڪا ڳالھ ڌيان ڇڪائيندڙ آھي، جنھن کي سراج صاحب سنڌيءَ ٻوليءَ جي پراسرار خصوصيت سڏي ٿو.
”ج“ جي ھڪ صورت اڪر ترڪ ۽ پريوگن ۾ داخل ٿئي ٿي. مثلاً ”اچجي“، ”وڃجي“، ”ھلجي“. ان ”ج“ جو اثر اھو ٿو ٿئي ته اھي لازمي فعل پنھنجو فاعل وڃائي ٿا ويھن (مفعول ته ھونئن ئي ڪونه اٿن) متعدي فعلن ۾ جي دخل انداز ٿئي تڏھن به فاعل کي نابود ڪري ڇڏي. مفعول رھجيو وڃي! ”ڪجي“، ”کائجي“، ”پڙھجي“ وغيره، ڇاڪاڻ ته اھو ”ج“ ھنن فعلن ۾ فاعلن کي کائي ٿو وڃي، ان جي ھڪ صوتي صورت متعدي فعلن کي لازمي ۽ لازمي کي وڌيڪ لازمي بنايو ڇڏي. ان ڪري ٿي سگھي ٿو ته اھو ڪنھن اھڙي پد جو جزو آھي، جنھن جي خصوصيت ”فاعلي“ صورت سان دشمنيءَ جي آھي. اھو اصل پد ڳولڻ سان پنھنجي گرامر جي ھڪ وڏي ڳجھارت حل ٿي پوندي.“ (26)
”پ“ پد بابت جارج شرٽ (George Shirt) چيو ھو ته ان جو اصل دراوڙي آھي، دراوڙيءَ ۾ ”پو“ (Po) فعل مجھول ٺاھڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. جنھن جي معنيٰ آھي ”وڃڻ“.
مثال طور: ڌاپڻ، ڇپڻ، ڌاپڻ، ڄاپڻ، ڌوپڻ، کپڻ وغيره
ان بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو رايو آھي ته اھا سٽا صرف دراوڙي ٻولين تائين محدود ناھي، اھو ٻين ٻولين، ايراني ۽ ھندستاني وغيره ۾ به ملي ٿو، ھو لکي ٿو:
”اھو پڻ غور طلب آھي ته ڪو انھن سنڌي فعلن ۾ ”پ“ جو اچار ”وڃڻ“ جوقائم مقام آھي. ڇو ته ”وڃ“ جي پشتي لڳائڻ جي باوجود انھن فعلن جي اڪثر صيفن ۾ ”پ“ باقي رھي ٿي: مثلاً ”ڌاپڻ“ برابر آھي ”ڌاپي وڃڻ“ جي، اھڙي طرح ڌاپڻ= ڌاپي وڃڻ، ڄاپڻ= ڄاپي وڃڻ، ڌوپڻ= ڌوپي وڃڻ. جيڪڏھن ”پ“ قائم مقام ھجي ھا ”وڃڻ “جو، ته ”وڃڻ“ پشتي لڳائڻ سان ”پ“ يا ته حذف ٿئي ھا يا بدلجي ھا.“ (27)
انهن راين سان بهرحال اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته اهڙيون خصوصيتون هروڀرو سنسڪرت مان ئي آيل ڪونه آهن. ڪاڪي ڀيرومل امر کي (آخري سُر کان سواءِ) فعل جو ڌاتو لکيو آھي. هو لکي ٿو ته:
”امر واحد جي پڇاڙيءَ واري اعراب ڪڍڻ سان فعل جو ڌاتو يا بنياد ملي ٿو.“ (ص-99)
ڀيرومل فعل جي باري ۾ ٻيون به ڪي دلچسپ ڳالهيون ڪري ٿو. مثلاً:
مٿين ٽنھي جملن ۾ فعل ”ھلڻ“ سان ماڻھن متعلق ڪجھ چئجي ٿو. پر ٽنھي جملن جي چوڻ جو نمونو مختلف آھي. پھريون بيانيه (Indicative) انداز ۾ آھي، ٻئي ۾ شرط رکيل آھي، ان کي شرطيه (Subjective) چئبو ۽ ٽئين ۾ حڪم ڪيل آھي. ان کي امري (Imperative) چئبو.
”ٻولي ۾ فعل جي وسيلي ماڻھن، شين وغيره بابت ڪجھ چئجي ٿو پر چوڻ جا نمونا آھن، تنھن ڪري ٻوليءَ جي قاعدن (گرامر) ۾ انھن نمونن جو به ذڪر آھي، ھرھڪ نموني کي چئبو آھي ”صيغو“. صيغو معنيٰ نمونو، ڍنگ، ڍول، صيغو اھو آھي، جنھن مان خبر پوي ٿي ته فعل ڪھڙي نموني بيان ڪري ٿو.“ (ص-102)
سنڌي صرفيات (Morphology) جي اصولن تحت لفظ ٻن طريقن سان بدلجن ٿا. ھڪ اشتقاقي (derivational) ٻيو گرداني (inflectional). اشتقاقي طريقي سان ٺھيل لفظن کي ”مشتق“ چئبو آھي. اسم مشتق اھي لفظ آھن، جي فعلن جي ڌاتوءَ يا بنياد مان چيرجي نڪرن ٿا. سنسڪرت ۾ انھن کي”ڪردنت“ ۽ انگريزيءَ ۾ پارٽيسيپل (Participle) چون ٿا.“ (ص-112)
ھن طريقي موجب جيڪي لفظ صرفين مان ٺھن ٿا، سي جملن ۾ جدا جدا ڪارج ڪن ٿا. گرداني (Inflectional) طريقي موجب لفظ نئين صورت (form) اختيار ڪندا آھن، ليڪن سندن نحوي ڪارج بنيادي لفظ وارو رھي ٿو. اھي صرف عدد، جنس، حالت يا زمان جي ڦيري سبب صورت مان ڦرندا آھن. ڪاڪي ڀيرومل زمانن جا چوڏنھن قسم لکيا آھن، جن مان زمان حال، زمان ماضي، ۽ زمان مستقبل کي مکيه زمان سڏي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ مضارع (Aorist) اھڙو زمان آھي، جنھن مان حال ۽ مستقبل ٻنھي جي معنيٰ نڪرندي آھي، انھيءَ ڪري ئي سرگريئرسن ان کي “Old Present” لکيو آھي:
”جيئن نالي (Old Present) مان ظاھر آھي ته ان ۾ اصل ۾ زمان حال ڏيکارڻ واري سگھ ھئي، جيڪا موجوده دؤر ۾ قائم نه رھي آھي صرف پھاڪن ۽ شاعريءَ ۾ اھا نظر اچي ٿي. اڄ ڪلھ عام استعمال ۾ ٻين ھندستاني ٻولين جيان عموماً ان ۾ زمان حال شرطيه وارو زور آھي. ڪڏھن ڪڏھن ان ۾ مستقبل سان پڻ لاڳاپو نظر اچي ٿو، جيئن ڪشميري ھميشه ٿيندو آھي.“ (28)
مثال طور: 1. مان ايڏانھن اچان. (مستقبل سان لاڳاپو)
سنڌيءَ ۾ مضارع ٺاھڻ لاءِ امرجي پٺيان ضميري علامتون ملايون وينديون آھن. مثلاً پڙھ+ آن= پڙھان ۽ زمان حال وري ان مضارع جي پويان زمان حال جون علامتون ”ٿو“، ”ٿا“، ”ٿيون“ ملائڻ سان ٺھندو آھي. مٿي گريئرسن (Grierson) جي راءِ ڏني وئي آھي، جنھن ۾ ھن چيو آھي ته زمان مضارع ۾ ڪڏھن ڪڏھن مستقبل سان لاڳاپو نظر اچي ٿو، مثلاً:
”ھت ھن کي ڪوٺيان؟“- ”ڪوٺيان“ معنيٰ ھينئر ڪوٺيان (ھلندڙ وقت ۾) پر پوريءَ طرح ويچار ڪبو ته معلوم ٿيندو ته جڏھن اڳلو چوندو ”ڀلي ڪوٺينس“ تنھن کان پوءِ ڪوٺڻ جو ڪم ٿيندو. (ايندڙ وقت ۾). (ص-127)
ظرف اھو لفظ آھي جو فعل، صفت يا ٻئي ظرف سان لاڳو ٿي ان جي ريت، قدر يا انداز، وقت ۽ جاءِ يا ظرف ڏيکاري ٿو. ڪاڪي ڀيرومل ظرف جا ٽي قسم ظرف تميز، ظرف زمان ۽ ظرف مڪان ڏيکاريا آھن:
”ھيءَ ڳالھ ھميشه خيال ۾ رکڻ گھرجي ته ڪوبه ظرف ڪنھن به اسم يا ضمير سان ڪڏھن به لاڳو نٿو ٿئي ڇاڪاڻ ته اسمن ۽ ضميرن سان لاڳو ٿي انھن بابت ڪجھ حقيقت ڄاڻائڻ جو ڪم صفت جو آھي نه ظرف جو. (ص-152)
حرف جر، حرف جملي ۽ حرف ندا ۾ ڀيرومل صاحب به اڳين گرامر نويسن وانگر انھن جي وصف ڏئي مثالن سان اهي سمجھايا آھن. آڏواڻي صاحب جو ڪتاب ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ چئن ڀاڱن تي مشتمل آھي علم صرف، علم نحو، علم اشتقاق ۽ رنگين بياني (جنھن ۾ ھم معنيٰ لفظ، ضد، گھڻين معنائن وارا لفظ، اصطلاح، ورجيسون ۽ پھاڪا وغيره ڏنل آھن.) ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو ”نحو“ بابت آھي. ڪاڪو ڀيرومل نحو (Syntx) جي وصف ۾ لکي ٿو:
”نحو معنيٰ دستور يا ريت پر اصطلاحي معنيٰ موجب علم نحو اھو علم جنھن ۾ خبر پوي ٿي ته جملا ڪيئن ٺاھجن ۽ ھرھڪ جملي جي لفظن جو ھڪ ٻئي سان ڪھڙو لاڳاپو آھي. جملن جي بناوت ۽ تفريق يا ڇيد ۽ بيھڪ جي نشانين بابت ذڪر سڀ نحو ۾ اچي ٿا وڃن.“ (ص163) علم نحو جون مکيه ڳالھيون ترتيب، موافقت ۽ انتظام آھن ھر ھڪ لفظ کي پنھنجي مناسبت جاءِ تي رکڻ کي “ترتيب“ چئبو آھي. موافقت ان کي چئبو آھي جنھن سان، جملي ۾ لفظ ھڪ ٻئي سان جنس، عدد، ضمير ۽ زمان پوريءَ طرح ملي بيھن، تنھن کي چئبو آھي ”موافقت يعني ميلاپ“. سنڌيءَ ۾ موافقت بلڪل ضروري آھي ۽ جي موافقت نه ٿي ته جملو غلط ليکبو.“ (ص-165)
مثال طور: ھڪ ائٽم ۾ اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران ھوندا آھن. جملي ۾ ”هوندا آهن“ بدران ”ھوندو آھي“ لکبو ته اھو ”عدد“ سان موافق نه ٿيندو ۽ غلط ليکبو. علم نحو ۾ ”پريوگ“ جي به تمام گھڻي اھميت آھي، جنھن سان خبر پوندي آھي ته فعل ڪھڙو آھي؟ معروف صورت وارو يا مجھول صورت وارو ۽ جنھن لفظ مطابق عدد، جنس ۽ حالت مٽجي ٿي سو فاعل آهي يا مفعول. جيڪڏھن فعل معروف صورت وارو ھجي ۽ فاعل مطابق گردان ڪري ته انھيءَ پريوگ کي ڪرتري پريوگ“ چئبو آھي. مثلاً:
ڇوڪري ڪتاب پڙھي ٿي.
ڇوڪريون ڪتاب پڙھن ٿيون.
مٿين جملن ۾ فعل ”پڙھڻ“ فاعل”ڇوڪري“ سان مٽجي ٿو. فعل جڏھن مجھول صورت وارو ھوندو آھي ته مفعول ڦري جملي جو فاعل ٿيندو آھي ۽ فعل ان فاعل (يعني مفعول) مطابق گردان ڪندو آھي اھڙي گردان کي ”ڪرمڻي پريوگ“ چئبو آھي. مثلاً:
ڪپڙو ڌوپجي ٿو.
ڪپڙا ڌوپجن ٿا.
مٿين جملن ۾ ”ڪپڙا“ مفعول آھي، جيڪو مجھول صورت ۾ جملي جو ”فاعل“ بنجي ٿو ۽ فعل ”ڌوئڻ“ ان سان گردان ڪري ٿو.
”جڏھن فعل لازمي مجهول صورت وٺندو آھي، تڏھن اھو اڪثر فعل بيفاعل ٿي ڪم ايندو آھي، جنھن ڪري ڪم جي رڳو ذاتي ڀاوَ يا سڀاويڪ حالت جي معنيٰ ظاھر ڪندو آھي، ان کي ڀاوي پريوگ يا علحدي نسبت چئبو آھي.“ (ص-175)
مثلاً:
پينگھي ۾ لڏجي ٿو.
پينگھي ۾ لڏبو آھي.
جيئن نالي مان ظاھر آھي ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ ڀيرومل ھي ڪتاب مٿين درجن جي شاگردن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وڌيڪ اڀياس ڪندڙن لاءِ لکيو هو، ڀيرومل گرامر کي ٻوليءَ سان لاڳاپيل مضمون طور لکيو آھي. ھن ھر اصول ۽ ترڪيب وغيره کي مثالن سان سمجھايو آھي. ڀيرومل ڊاڪٽر ٽرمپ جي نظريي جو حامي ھو. ڊاڪٽر ٽرمپ کي سنڌي ٻوليءَ جي ڪا انوکي خوبي نظر آئي ته ھن ائين لکيو ته، ”سنڌيءَ مان سنسڪرت وارو سٽا يا ڪنھن ترڪيب ٺھڻ جو سنسڪرت وارو طريقو گم ٿي ويو آھي، پر ڀيرومل واضح فرق ھوندي به انھن کي سنسڪرات مان نڪتل ڏيکاري ٿو. ڊاڪٽر ٽرمپ، مرزا قليچ بيگ صاحب ۽ ڪاڪي ڀيرومل مھر چند آڏواڻيءَ جي لکيل گرامرن ۾ ڪافي ھڪجھڙائي نظر اچي ٿي.“