سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (492) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     19480   ڀيرا پڙهيو ويو

رايا ييگو رو وا


سنڌي گرامر جي مختلف پهلوئن تي لکندڙ ”خاتون اول“ رايا ييگورووا جو تعلق روس جي راڄڌاني ماسڪو سان آهي. هن ماسڪو ۾ رهندي سنڌي سکي، هوءَ سنڌي جي ٻن ناميارن عالمن پير حسام الدين راشدي صاحب ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب سان خط و ڪتابت ڪندي هئي. هن ”سنڌي ٻولي“ نالي سان ڪتاب روسي ٻوليءَ ۾ لکيو، جنهن ۾ سنڌي گرامر جي تقريباً سڀني پهلوئن تي روشني وڌي اٿس. ان ڪتاب جو انگريزي ترجمو 1971ع ۾ ماسڪو ۾ ڇپيو. رايا ييگورووا ان ڪتاب کان سواءِ روسي ٻوليءَ ۾ سنڌي متعلق ٻيا مضمون به لکيا آهن، جن ۾ ضميري پڇاڙين ۽ فعل جي صيغن وغيره تي بحث ڪيو اٿس.