سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17966   ڀيرا پڙهيو ويو

مُنشي آڌارام ٿانورداس


مُنشي آڌارام ٿانورداس 1833ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس شمار انھن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جن انگريزن جي شروعاتي دور ۾ سنڌي نثر ۾ گهڻائي ڪتاب لکي ان کي مالامال ڪيو. ھن سنڌ ۾ سڀ کان پھريائين انگريزي سکي ۽ ڪمشنر جي آفيس ۾ ملازمت ڪئي. منشي صاحب سنڌي صورتخطي ٺاھڻ واري ڪميٽيءَ جو ميمبر به ھو. سنڌيءَ ۾ ڪيترائي درسي ڪتاب لکيائين، پھريون ڪتاب، ٻيو ڪتاب ۽ ٽيون ڪتاب تيار ڪيائين. ان کان سواءِ دنيا جي تاريخ، راءِ ڏياج جو قصو، مفيدالطالبين، ڪامسين ۽ ڪامروپ، طوطي نامو ۽ ڪجهه ٻيا قصا ۽ ڪتاب لکيائين. هو هڪ سٺو مترجم به ھو. انگريزي ناول نگار ڊاڪٽر جانسن جي مشهور ناول جو ترجمو ”راسيلاس“ جي ساڳئي  نالي سان ديوان نولراءِ سان گڏجي ڪيائين.

ھو درسي ڪتابن ۾ ڪي ڳالھيون ۽ نُڪتا سمجھائڻ لاءِ ڏوھيڙا ۽ موزون ڪلام به وچ ۾ ڏيندو ھو، جيڪي سندس لکيل ھوندا ھئا. ديوان صاحب 1892ع ۾ سنڌي گرامر جو ڪتاب ”سنڌي وياڪرڻ“ لکيو، جيڪو تمام گھڻو مقبول ٿيو ۽ ان دؤر يعني انگريزن جي دؤر ۾ گھڻا دفعا شايع ٿيو، ان دور ۾ ايترا ڇاپا ٻئي ڪنھن به ڪتاب جا نه ڇپيا ھئا. سنڌيءَ جي ھن نامياري ليکڪ پنجاھ سالن جي عمر ۾ 1883ع ۾ وفات ڪئي.