سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17970   ڀيرا پڙهيو ويو

ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽُرمپ


ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽُرمپ تيرهين مارچ 1828ع ۾ جرمنيءَ جي ھڪ ننڍڙي شھر انسفيلڊ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو جارج ٽرمپ ھو، جيڪو هڪ ھاري ھو. شروع ۾ ٽُرمپ کي ھڪ مذھبي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، ڇاڪاڻ ته سندس والد کيس پادري بنائڻ پئي چاھيو. ھن کي ننڍي ھوندي کان ئي ٻولين سکڻ جو تمام گھڻو شوق هوندو هو. جڏهن اسڪول ۾ داخل ٿيو ته انگريزي، لاطيني، يوناني ۽ ٻين يورپي ٻولين سان گڏ عربي، عبراني، فارسي ۽ سنسڪرت ۾ به دلچسپي ورتائين. ملازمت جو آغاز لنڊن ۾ ايسٽ انڊيا ھائوس (East India house) ۾  اسسٽنٽ لائبريرين جي عھدي کان ڪيائين. 1858ع ۾ ھندستان آيو، پھريائين ممبئي پوءِ ڪراچيءَ ۾ رھائش پذير ٿيو.

سنڌي ادب لاءِ ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب جون خدمتون اڻ وسرندڙ ۽ اڻ مِٽ آھن. سنڌي سکڻ کان پوءِ “Sindhi Reading Book” لکيائين. کيس سنڌ جي سداحيات ۽ آفاقي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي پھرئين مُرتب جو اعزاز پڻ حاصل آھي. شاھ جي رسالي کي ترتيب ڏئي نه رڳو ان کي 1866ع ۾ جرمنيءَ مان ڇپرايائين پر ان جو  عالماڻو مقدمو به لکيائين.

ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽُرمپ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر به لکيو جيڪو 1872ع ۾ شايع ٿيو، جنھن جي سنڌي گرامر جي تاريخ ۾ تمام گھڻي اھميت آھي. هن گرامر ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت پنهنجو نظريو ڏنو. سنڌيءَ کي سنسڪرت ڄائي چوڻ باوجود، هن ان جي ڪن انوکين خصوصيتن سبب ان کي ٻين سنسڪرتي ٻولين کان نرالي ٻولي سڏيو. ان کان سواءِ ھن نامياري ليکڪ ۽ محقق سنڌي ٻولي، شاھ لطيف ۽ سندس ڪلام متعلق ڪيترائي مضمون لکيا. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ سندس ڪيل خدمتون تعريف جي قابل آھن.