سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (507) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     25767   ڀيرا پڙهيو ويو

باب پهريون ؛ ٻولي


انسان کي سماجي حيوان (Social Animal) چيو وڃي ٿو. ھي گروھن جي صورت ۾ رھي ٿو ۽ ٻين سان ڪاروھنوار رکي ٿو. سندس رابطي جو ذريعو ”ٻولي“ آھي. ڳالھائڻ ماڻھوءَ کي جانور کان الڳ ڪري ٿو. ھر قوم جي الڳ ٻولي ھوندي آھي. ان ڪري ٻولي قومن کي جدا جدا سڃاڻپ ڏئي ٿي، يعني ته ٻولي قوم جي سڃاڻپ آھي.

”ٻوليءَ جو استعمال يعني ڳالھائڻ شايد اھو سماجي تحفو آھي، جيڪو انسان کي ٻين جانورن کان الڳ ۽ معتبر ڪري ٿو. ماڻھپي ۽ انسانيت کي سمجھڻ لاءِ ضروري آھي ته ٻوليءَ جي قدرت ۽ ڪيفيت کي سمجھون، جيڪا اسان کي ماڻھو بڻائي ٿي.(1)

ٻوليءَ کان سواءِ ڪوبه انساني معاشرو يا ڪنھن به قوم کي سمجھڻ مشڪل آھي. ٻولي ھڪ اھڙو وسيلو بڻجي ٿي، جنھن جي مدد سان ساڳي زبان ڳالھائيندڙ ماڻھو يا مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙ (جيڪي ھڪٻئي جي ٻولي سمجھي سگھن) پاڻ ۾ ويچارن جي ڏي وٺ ڪن ٿا، يا ھڪٻئي سان وھنوار رکن ٿا. ھرھڪ ٻوليءَ جو مکيه روپ اھو آھي، جيڪو سماج ۾ مروج آھي. ”ٻولي“ لفظ جي معنيٰ ئي آھي، ’جيڪا ڳالھائي وڃي‘.

”ٻولي آوازن جي اھا صورت آھي. جنھن مان لفظ ٺھندا آھن. گرامر جي زبان ۾ ٻولي ڳالهائڻ جي لفظن
) (Parts of Speech جي مدد سان ادا ڪئي ويندي آھي، ٻولي اھو وسيلو آھي، جيڪو معنيٰ مقصد ۽ خيال جي اظھار ۾ مدد گار ثابت ٿيندو آھي. ٻولي، گفتگو يا بيان ڪرڻ وارو پنھنجو مقصد ۽ مفھوم آسانيءَ سان ادا ڪري سگھي ٿو.“ (2)

ٻولي نه صرف علم اللسان پر نفسيات، سماجيات ۽ علم الانسان جو موضوع به آھي، ڇاڪاڻ ته ٻولي انسان جي سرگرمي آھي ۽ ان جو واسطو فرد، سماج ۽ تھذيب سان آھي. ٻوليءَ کان سواءِ ڪنھن به انساني معاشري جو تصور ڪرڻ مشڪل آھي. ساڳئي وقت ٻولي به خلا ۾ نٿي پيدا ٿئي، پر انساني معاشري ۾ رھي ڪري وڌي ويجھي ۽ ترقي ڪري ٿي. سنڌ جي ڏاھي محمد ابراھيم جويي چيو آھي ته:

”ماڻھن جي ھر تھذيب جي ابتدا به ذھن جي انھيءَ معجزي سان ٿئي ٿي، جنھن کي ”ٻولي“ ٿو چئجي. ٻوليون قومن جي روح جا، انھن جي آدرشي عڪس جا، انھن جي ”ھئڻ جي احساس“ جا سڀ کان سڌا ۽ چٽا اظھار آھن، ٻولي ئي سڀ کان وڌيڪ بقادار مواد آھي. جنھن ۾ ڪنھن قوم جي ”پاڇي وجھندڙ ڪا سُرت“ پنھنجي روحاني زندگيءَ جي مُوڙي محفوظ ڪري ٿي.“ (3)

ٻولي پنھنجي ملڪ، ماحول ۽ تمدن جي علامت آھي. ماھرن جي راءِ آھي ته:

”جيستائين ڪنھن به ٻوليءَ جي ڳالھائڻ وارو ھڪ فرد به زنده آھي ته اھا ٻولي زندهه تسليم ڪئي ويندي آھي.“ (4)

ٻوليءَ جي وصف بيان ڪندي سنڌ جو مشھور ماھر لسانيات پروفيسر علي نواز جتوئي لکي ٿو ته:

”زبان خودبخود اختيار ڪيل آوازي علامتن جو ھڪ
اھڙو نظام آھي، جنھن جي مدد سان ھڪ سماجي گروھ جا ماڻھو ھڪٻئي سان واھپو رکن ٿا ۽ ھڪٻئي کي متاثر ڪن ٿا.“(5)

هن وصف جا چار حصا آهن:

1: ٻولي ھڪ تنظيم آھي.

2:  ٻولي علامتن جي تنظيم آھي.

3:  اھا پاڻمرادو اختيار ڪيل آھي.

4:  ٻوليءَ جي علامتن جو تعلق زباني آوازن سان آھي.

ڪنھن به نظام کي پرکڻ لاءِ ان جو ڇيد (Analysis) ڪيو ويندو آھي. ٻوليءَ جي سٽا معلوم ڪرڻ لاءِ به ان جي آوازن، لفظن، لفظن جي جوڙجڪ ۽ لفظن جي جملي ۾ ڪارج وغيره کي جاچيو ويندو آھي. ٻولي علامتن جي تنظيم آھي ۽ انھن علامتن جو تعلق زباني آوازن سان آھي. فطرت ۾ ڪيترائي آواز، اھڃاڻ ۽ علامتون موجود آھن، پر انھن کي ٻولي نٿو چئي سگھجي. جيڪي آواز انسان جي ڳالھائڻ جي عضون جي مدد سان ظاھر ڪيا وڃن ٿا، ٻوليءَ جو واسطو انھن سان آھي.

”هر ٻوليءَ کي پنھنجي تنظيم آھي، جنھن کي مرضيءَ موجب ڦيرائي نٿو سگھجي، جيڪڏھن ڦيرائبو ته ڳالھائي نه سگھبو، سندس لغت ۾ ڦيرو اچي سگھي ٿو، سندس آواز گھٽ وڌ ٿي سگھن ٿا، منجھس معنائون ڦري سگھن ٿيون، مگر سندس عملي سٽا بدلائي نٿي سگھجي، سندس اسمن، ضميرن، صفتن، ظرفن، فعلن وغيره جي نوعيت ۽ مخصوص ھنڌن کي بدلائي نٿو سگھجي، گويا زبان جي عملي نظام کي ڦيرائي نٿو سگھجي.“ (6)

ھڪ ٻوليءَ کي لکڻ جا طريقا مختلف ٿي سگھن ٿا، جيئن 1853ع کان پھرين سنڌي زبان مختلف لِپين ۾ لکي ويندي ھئي، يا جيئن خود عربي فارسي لپيءَ ۾ مختلف آوازن لاءِ مختلف علامتون مقرر هيون. ڪنھن به ٻوليءَ جي لکت پڙھڻ لاءِ ضروري آھي ته ان ٻوليءَ جي ڄاڻ ھجي، پر ٻوليءَ کي ڄاڻڻ لاءِ ان جي لکت کان واقف ھجڻ ايترو ضروري ناھي، (خاص ڪري مادري زبان جي صورت ۾ يا سڌي رابطي ذريعي سکڻ جي صورت ۾).

“Writing is not language, but merely a way of recording language by means of visible marks.” (7)

(لکت ٻولي ڪانهي، پر محض ٻوليءَ کي ڪن نشانين ذريعي محفوظ ڪرڻ جو طريقو آهي.)