سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (451) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17965   ڀيرا پڙهيو ويو

گرامر ڇا آھي؟


“Grammar is the study of the classes of words, their inflections and their functions and relations in the sentence.” (Franklin Electronic Dictionary)

(گرامر جملي ۾ لفظن جي قسمن، انھن جي گردان يا تبديليءَ جي قاعدن ۽ جملي ۾ ھڪٻئي سان لاڳاپي ۽ ڪارج جي مطالعي کي چئبو آھي.)

“Grammar is the study of what is to be preferred and what avoided in inflection and syntax”. (Franklin Electronic Dictionary).

(گرامر ان ڳالھ جو اڀياس آھي ته گردانن ۽ نحوي ڏس ۾ ڪھڙي ڳالھ اھم آھي ۽ ڪھڙيءَ کي نظر انداز ڪرڻ گھرجي.)

آڪسفورڊ ڊڪشنري ۾ لکيل آھي ته:

“The Study of words and of the rules for their formation and their relationships to each other in sentence.”

(لفظن ۽ انھن جي جوڙجڪ جي قاعدن ۽ جملي ۾ ھڪٻئي سان لاڳاپي جي علم کي گرامر چئبو آھي.)

ڊاڪٽر جيٽلي گرامر لاءِ لکي ٿو ته:

”روپ- وگيان (علم صرف) ۽ واڪيه- وگيان (علم نحو) اھي ٻئي گڏجي ڪنھن ٻوليءَ جي وياڪرڻي سرشتي (Grammatical structure) جي بناوت ڏيکارين ٿا. ٻين لفظن ۾ چئجي ته ڪنھن ٻوليءَ جي وياڪرڻ ۾ انھيءَ ٻوليءَ ۾ رُوپ ٽڪرن ٽٽڻ مان ٺھيل لفظن جي رَچنا؛ لفظن مان فقرن جي رَچنا ۽ فقرن مان جملن جي رَچنا جي تصوير پيش ڪجي ٿي.“ (6)

گرامر کي ٻوليءَ جي جوڙجڪ جو ڍانچو (Skeleton) يا ٻوليءَ جو فريم ورڪ (Frame work) چيو ويندو آھي. ان کي ٻوليءَ جو اندروني يا جوڙجڪ جو علم به چئي سگھجي ٿو. ھرھڪ لفظ سان ان جي وياڪرڻي (Grammatical) وصف ڏجي ٿي ته اھو اسم يا ضمير آھي، مذڪر يا مؤنث آھي، واحد يا جمع آھي، تڏھن ان لفظ متعلق اھا ڄاڻ ملندي آھي ته اھو لفظ وياڪرڻي سرشتي ۾ ڪھڙي ريت ڪم ڪري ٿو.

“So broadly speaking, in present usage in Linguistics, grammar is a description of the structure of a language. And it was not the grammarian but the philosopher who created grammar, for the philosopher studies the nature of things and recognizes their essential qualities.”(7)

(وسيع معنيٰ ۾ موجوده استعمال مطابق لسانيات ۾ گرامر، ٻوليءَ جي بناوت جو بيان آھي ۽ اھي گرامر نويس نه بلڪِ فلاسفر ھئا، جن گرامر جي تخليق ڪئي. ڇو ته فلاسفر شين جي نوعيت جو مطالعو ڪندا آھن ۽ انھن جون بنيادي ۽ ضروري خاصيتون بيان ڪندا آھن.)

گرامر جي مدد سان ٻوليءَ جي تخليقي سگھ کي وڌائي سگھجي ٿو. ڪنھن به ٻوليءَ جو گرامر ان ٻوليءَ متعلق پوري ڄاڻ مھيا ڪري ٿو. ٻوليءَ جو مزاج، ان ۾ لفظن جو ذخيرو، جملي جي بناوت. جيئن سنڌي ۾ جملي جي شروع ۾ فاعل پوءِ مفعول ۽ آخر ۾ فعل ايندو آھي اهو سڀ گرامر جي مطالعي ۾ اچي وڃي ٿو.

“Grammar is a device that specifies the infinite set of well- formed sentences and assigns to each of them one or more structural descriptions. That is to say it tells us just what all the possible sentences of a language are and provides descriptions of them”. (8)

(گرامر ھڪ اھڙو ذريعو آھي، جيڪو لامحدود ترتيب ڏنل جملن جي مجموعي جي وضاحت ڪري ٿو ۽ ھر ھڪ جملي کي ھڪ يا وڌيڪ بناوتي سمجهاڻي ڏئي ٿو. يعني ته اھو اسان کي ٻڌائي ٿو ته ڪنھن به ٻوليءَ ۾ ڪيترا جملا ممڪن آھن ۽ ائين ھرھڪ جي تشريح ڏئي ٿو.)