سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (507) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     25765   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي وياڪرڻ (منشي اڌارام ٿانورداس- 1892ع)


منشي اڌارام ٿانورداس سنڌي ادب جو ناليوارو اديب ھو. 1851ع ۾ مسٽر ايلس جي سربراھيءَ ۾ صورتخطيءَ ٺاھڻ لاءِ جيڪا ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي ھئي. ھي به ان جو ميمبر ھو. ھن 1892ع ۾ ”سنڌي وياڪرڻ“ لکيو. علم صرف نحو جي وصف ۾ لکي ٿو:

”صرف ۽ نحو مان اھا خبر ٿي پوي ته ٻولي صحيح ڪيئن ڳالھائجي ۽ لکجي، صرف مان لفظن جي قسمن ۽ اسم جي ڦيرن ۽ فعلي گردانن جي خبر پوي ٿي. (ص-1) منشي اڌارام لفظن جا اٺ قسم ٻڌائي ٿو اسم، ضمير، صفت، فعل، ظرف، حرف جر،  حرف جملو ۽ حرف ندا.“  (ص-1)

هن گرامر جو اهوئي انداز آهي، جيڪو پوءِ جي گرامرن ۾ گهڻوڪري ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

اسم:

ھو اسم جا ٻه قسم، عام (Common) ۽ خاص (Proper) ڏيکاري ٿو، اسم ذات (Abstract noun ڪو نه ڏيکاريو اٿس. اسم جي جنس ۾ مذڪر ۽ مؤنث ۽ عدد ۾ واحد ۽ جمع ڏيکاريا اٿس.  اڌارام ٿانورداس اسم جون پنج حالتون فاعلي، مفعولي، اضافت، جري ۽ ندا ڏيکاريون آھن. اسم جو ڦيرو ڇا آھي؟ ان جي باري ۾ لکي ٿو:

”اسم کي سڀني حالتن ۾ مختلف صورتون ملن ٿيون، انهيءَ طريقي سان اسم جيڪا صورت اختيار ڪري ٿو، تنھن کي اسم جو ڦيرو چون ٿا. حرف جر لڳڻ کان اڳي اسم مٽجي جنھن صورت ۾ رھي ٿو، تنھن کي عام صورت چئبو آھي. پوءِ جڏھن ڌار ڌار حرف جر انھن سان لڳندا آھن، تڏھن ڌار ڌار حالتون ٿينديون آھن.“ (ص-10)

صفت: 

سنڌيءَ ۾ صفت فاعل (موصوف) سان گڏ عدد، جنس حالت جي مطابق گردان ڪندي آھي. مطلب ته صفت انھيءَ اسم جي جنس، عدد ۽ حالت سان ڦرندي، جنھن کي واضح ڪري ٿي. اھا خوبي صرف سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ آھي. برصغير جي ٻين ٻولين ۾ صفت ھميشه حالت مفعوليءَ ۾ واحد رھندي آھي. جيئن جڳ مشھور ماھرِ لسانيات جي- اي گريئرسن لکي ٿو:

”اھڙي ريت اسين ڏسون ٿا ته انھيءَ نڪتي ۾ سنڌي ٻين ھندستاني ٻولين کان مختلف آھي، جنھن ۾ ڦريل اسم سان لاڳو صفت ھميشه حالت مفعوليءَ ۾ واحد رھندي آھي. اھو ھندستانيءَ جو قاعدو ھتي بھرحال ڪڏھن ڪڏھن مرضيءَ موجب ھلندو آھي. خصوصاً جڏھن صفت اسم کان يڪدم پھرين اچي، جنھن جي اھا وصف ڪري ٿي. اھڙي صورت ۾ صفت حالت مفعولي واحد ۾ ٿي سگھي ٿي، جڏھن ته اسم جمع ڇو نه ھجي، جيئن ”فسادين ماڻھن کي “ يا ”فسادي ماڻھن کي“. ساڳيءَ طرح جيڪڏھن اسم ندائي حالت ۾ جمع يڪدم پھرين اچي ته ان کي به عام طرح ندائي واحد ۾ آڻيندي آھي، جيئن ”اي سنڌيا ماڙھئا!“ جي جاءِ تي ”اي سنڌي ماڙھيا“. (13)

مٿين فقرن ۾ ڪي بناوتون اسان کي ڇرڪائين ٿيون، ڇو ته اسين هاڻي اهڙي ڪا بناوت استعمال نٿا ڪريون، پر گريئرسن اهڙا مثال ڏنا آهن. سنڌيءَ ۾ ڪي صفتون اھڙيون به آھن، جيڪي اسم سان عدد جنس ۽ حالت موجب ڪونه ٿيون ڦرن. اھو سندس پڇاڙيءَ تي مدار ٿو رکي. اڪثر ”او“ پڇاڙيءَ وارا صفتي لفظ اسم سان ڦرندا آھن، باقي ٻين پڇاڙين وارا صفتي لفظ سدائين اسم سان نه مٽبا آھن. ڪي صفتون رڳو جنس ۾ ۽ ڪي عدد ۽ حالت ۾ مٽبيون آھن.

”جن صفتي لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ’اَ‘، ’آ‘ ۽ ’اِ‘ آھي، سي ڪين مٽبا آھن. جن صفتي لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ’اِي‘ آھي سي رڳو حالت ۾ ڦرندا آھن. پڇاڙيءَ وارا لفظ جنس عدد ۽ حالت ۾ مٽبا آھن، پر ڌارين ٻولين وارا لفظ نه مٽبا آھن.“ (ص-17)

ان باري ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا صفت جي موصوف سان مٽجڻ واري خاصيت کي آربائي اثر ٿو چوي ۽ نه مٽجڻ واري خوبيءَ کي دراوڙي خصوصيت ٿو سڏي:

”سنڌي زبان ۾ صفتون ٻن قسمن جون آھن. ھڪڙيون اھي آھن، جيڪي سنسڪرت ۽ ٻيون آربائي ٻولين جي صفتن وانگر اسم سان عدد، جنس ۽ حالت پٽاندڙ گردان ڪنديون آھن، جيئن: ’چڱو ڇوڪر اچي ٿو‘، ’چڱا ڇوڪرا اچن ٿا‘. ٻيون صفتون اھڙيون آھن، جيڪي دراوڙي ٻولين جي صفتن وانگر اسم سان عدد، جنس ۽ حالت پٽاندڙ اصل ڪونه ڦرنديون آھن، پر ساڳيون رھنديون آھن جيئن: ’چٽ ڇوڪرو اچي ٿو‘، ’چٽ ڇوڪرا اچن ٿا‘. پوئين مثال مان ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ پنھنجي ديسي ۽ قديم خصوصيت کي سانڍيو آھي ۽ ساڳئي وقت آربائي اثر کان به پاڻ بچائي نه سگھي آھي.“  (ص 14)

صفت جي ڀيٽ (Comparative degree) ۽ صفت مبالغو (Superlative degree). سنڌيءَ ۾ صفت جا درجا ڏيکارڻ لاءِ ڪي مقرر پڇاڙيون ڪونه آھن جيئن انگريزيءَ ۾ “est” “er” (قاعدي موجب) آھن. منشي اڌارام لکي ٿو ته:

”حقيقت ڪري سنڌيءَ ۾ صفت تفصيل صفت مبالغي ڏيکارڻ لاءِ ڪي مقرر پڇاڙيون ڪونه آھن، جيئن پارسي- شاستري ٻولين ۾ آھن، پر رڳو تفصيل ۾ موصوف جي پٺيان حرف جر ”کان“ گڏ آڻي پوءِ صفت خالص آڻيندا آھن. جيئن ته، ”اٺ گھوڙي کان وڏو آھي“. صفت مبالغي ۾ ”سڀني کان“ يا ”سڀني ۾“ لفظ صفت خالص جي اڳيان آڻيندا آھن، جيئن ته ھاٿي سڀني چوپاين کان يا سڀني چوپاين ۾ وڏو آھي.“ (ص-18)

ضمير:

هن گرامر مطابق ضمير ستن قسمن جا آھن. ضمير خالص، ضمير اشارو، ضمير مشترڪ، ضمير استفھام، ضمير موصول، ضمير جواب موصول ۽ ضمير مبھم. ضمير استفھام سوال پڇڻ جي ڪم اچي ٿو. ’ڪير‘، ’ڪھڙو‘، ’ڪڄاڙو‘، ’ڇا‘ استفھامي لفظ آھن، انھن مان ڪھڙو ڪنھن سان لڳندو آھي، ان بابت منشي اڌارام لکي ٿو:

”ضمير استفھام، يعني سوال پڇڻ جو لفظ، جيئن ته ’ڪير‘، ’ڪھڙو‘ ۽ ’ڇا‘ يا ’ڪڄاڙو‘ ۽ ’ڪير‘ رڳو ماڻھن سان لڳندو آھي، ’ڪھڙو‘ ماڻھن، شين ۽ ڪمن سڀني سان لڳندو آھي ۽ ’ڇا‘ يا ’ڪڄاڙو‘ شين ۽ ڪمن سان لڳندو آھي. انھن منجھان ڇا عدد، جنس ۽ حالت ۾ نه ٿو مٽجي ۽ ڪڄاڙو رڳو حالتن ۾ مٽجي ٿو.“ (ص-27)

اسم، فعل ۽ حرف جر سان ضميري پڇاڙيون لڳنديون آھن ته اھي ضمير خالص جو ڪم ڏينديون آھن. ان کي ضمير متصل به چوندا آھن. اھي ضميري پڇاڙيون (pronominal suffxes) ھي آھن:

واحد - جمع

ضمير متڪلم لاءِ:        ’مِ‘- ’س‘- ’سُ‘ (يا) ’اون‘

ضمير حاضر لاءِ:           ’ءِ‘- ’وَ‘

ضمير غائب لاءِ:           ’اَ‘ (يا) ’سِ‘- ’آءُ‘ (يا) ’نِ‘. (ص-31)

فعل:

سنڌيءَ ۾ مکيه فعل ٻه آھن (1) لازمي (2) متعدي. جن کي بنيادي فعل به ڪري سڏيندا آھن. منشي اڌارام ٿانورداس امر (Imperative) کي فعل جو بنياد لکي ٿو.

”فعل جي اصل شڪل آھي مصدر، جنھن جي پڇاڙي آھي ’اَڻ‘ ۽ ’اِڻ‘. مصدر جو (ڻ) ڪڍجي ٿو ته امر واحد جڙي ٿو، جو فعلن جو بنياد آھي. امر واحد جي پڇاڙيءَ ۾ زير (-) يا ( ُ) ٿئي ٿو.“ (ص-36)

ڏٺو وڃي ته فعل جي ڌاتو يا بنياد (root) ۽ امر واحد (Imperative) ۾ فرق آھي. امر واحد جي آخر ۾ حرڪت (زير، زبر، پيش) اچي ٿي. جڏھن ته ڌاتو ۾ حرڪت يا آخري سُر vowel)) نه ٿو اچي مثال طور:

امر واحد - ڌاتو

لِکۡ -  لِکُ

پر منشي صاحب ان ڳالهه کي چٽو ڪونه ڪيو آهي. منشي اڌارام فعل جا ٻارنھن زمان لکي ٿو، جن مان حال، ماضي ۽ مستقبل کي اصل بنيادي زمان سڏي ٿو. ھن ھرھڪ زمان جو ٺھڻ به ڏيکاريو آھي. هن جو خيال آهي ته سنڌيءَ ۾ اھي سڀ زمان (tenses) اسم حاليه، امر واحد ۽ اسم مفعول مان ٺھن ٿا. ظرف جي وصف ۾ لکي ٿو:

”ظرف اھو لفظ آھي جو ڏيکاري ته فعل جو ڪم ڪيئن، ڪڏھن ۽ ڪٿي ٿيو.“ (ص- 61)

حرف جر، حرف جملي ۽ حرف ندا جي وصف ڏئي، منشي صاحب انھن کي مثالن سان سمجھايو آھي. ان ۾ ڪا خاص تبديلي نه ٿي ملي.

نتيجو:

منشي اڌارام ٿانورداس جو ”سنڌي وياڪرڻ“ عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکيل آھي. ان کان پھريائين ڪئپٽن اسٽئڪ ديوناگريءَ ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ انگريزيءَ ۾ ديوناگري ۽ عربي سنڌيءَ جي مثالن سان سنڌي گرامر لکيا ھئا. انگريزي ۽ ديوناگري نه پڙھي سگھندڙ لاءِ ھي پھريون ڪتاب ھو.

سنڌي ٻوليءَ جي قاعدن قانونن کي سمجھڻ لاءِ ان جي نحوي خوبين کان واقف ٿيڻ لاءِ ڊاڪٽر ٽرمپ انگريزي گرامر جي نموني تي اسم جون اٺ حالتون لکيون ھيون، جڏهن ته منشي صاحب اٺن مان ٽن حالتن کي خارج ڪري پنج لکيون، جيڪي اڄڪلھ به لکيون وڃن ٿيون. ھن گرامر جي بنيادي ڪتاب ۾ ھرھڪ لفظ سان ان جي ترتيب ۽ ڦيرو به ڏنو ويو آھي، ٻيو ڪو خاص واڌارو نه ٿو ملي.