سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17994   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي وياڪرڻ (ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي- ڏيارام وسڻ مل ميرچنداڻي- 1914ع)


ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ھو ۽ ڏيارام وسڻ مل ٽريننگ ڪاليج جو استاد ھو. انھن ٻنھيءَ جو واسطو تعليم کاتي سان ھو. ھي گرامر انھن اسڪول جي شاگرد لاءِ 1914ع ۾ لکيو، جيڪو ٻن ڀاڱن تي مشتمل آھي، جنهن لاءِ هنن لکيو ته:

”سنڌي ٻوليءَ ۾ ننڍن ٻارن لاءِ ڪنھن سولي ۽ سليس وياڪرڻ جي گھڻي گھرج ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ھن وقت جيڪي وياڪرڻ جا ڪتاب موجود آھن، تن ۾ فقط وياڪرڻ جون حقيقتون ڏنل آھن، پر ٻارن کي اھي ڪيئن سمجھائجن، تنھن بابت ڪا ترتيب ڏنل نه آھي. انھيءَ ڪري وصفون برزبان ياد ڪري ڇڏيندا آھن، جنھن ڪري انھن کي نڪو مزو اچي نڪو کين وياڪرڻ بابت چٽا خيال ويھن. سٺو رستو اھو آھي ته  سڀ وياڪرڻ جون حقيقتون يا قاعدا ، مثالن وسيلي سيکاريندڙ جي ھدايت ھيٺ ٻار پاڻ ڳولي ڪڍن ۽ وصفون پاڻ چئي سگھن. خاص انھيءَ مراد سان ھي ڪتاب لکيل آھي.“ (منڍ ص 1)

اسم:

جيئن مٿئين بيان مان ظاھر ٿئي ٿو ته ھي ڪتاب ھيٺين ڪلاس جي شاگردن لاءِ لکيو ويو ھو، ان ڪري سمجھائڻ واري  انداز سان لکيل آھي. ھنن ليکڪن جي سمجھائڻ جو طريقو تمام گھڻو سولو ۽ سٺو آھي. مثال طور اسم کي سمجھائڻ لاءِ ان کي ڇھن ڀاڱن ۾ ورھايو ويو آھي. (1) ماڻھن جا نالا چونڊيو (2) ساھوارن جا نالا چونڊيو (3) جاين جا نالا چونڊيو (4) شين جا نالا چونڊيو (5) خاصيتن جا نالا چونڊيو (6) ڪمن جا نالا چونڊيو- ان کان پوءِ وصف لاءِ لکن ٿا؛

سڀني نالن کي اسم چئبو آھي، تنھنڪري اسم جي وصف ٿي،

”ڪنھن ماڻھوءَ، ساھ واري، جاءِ، شئي، خاصيت يا ڪم جي نالي کي اسم چئبو آھي.“ (ص-11 ڀاڱون پھريون)

اسم کي ٽن قسمن عام، خاص ۽ ذات ۾ ورھائين ٿا. اهو به لکن ٿا ته جاندار ٻن جنسن مذڪر ۽ مؤنث ۾ ورھايل آھن. بي جان شين جي جنس جي باري ۾ لکن ٿا:

”مٿي اسان انھن اسمن جي جنس جو ذڪر ڪيو آھي، جي ساھوارن جا نالا آھن، ھاڻي باقي رھيا اھي اسم جي ساھوارن جا نالا نه آھن، اھڙن اسمن ۾ نر ۽ ماديءَ جو ڀيد ڪونھي ڇو ته بيجان آھن، تنھن ھوندي به اھي ساھ وارين شين وانگر جنس جي ٻن دفعن ۾ ورھايل آھن. اھڙن اسمن جي جنس معلوم ڪرڻ لاءِ چڱو ۽ اڻ گس رستو آھي صفت لڳائڻ جو، جيئن ته ’کارو پاڻي‘، ’کاري کچڻي‘، سڀني اسمن جي جنس صفت لڳائڻ سان پروڙي سگھجي ٿي. جي اسم سان ”او“ پڇاڙيءَ واري  صفت لڳي ته اسم جي جنس مذڪر، جي ”اي“ پڇاڙيءَ واري صفت لڳي ته اسم جي جنس مؤنث ٿيندي.“ (ص21- 22 ڀاڱو ٻيو)

حالتون:

ڊاڪٽر ٽرمپ اسم جون اٺ حالتون ۽ منشي اڌارام ٿانورداس پنج لکيون آھن. گلاب سنگهه گدواڻي ۽ ڏيارام اسم جون ٽي حالتون فاعلي، مفعولي ۽ جري ڏيکاريون آھن:

”جڏھن ڪنھن اسم جي پٺيان حرف جر اچي ۽ ان اسم جو ٻئي ڪنھن اسم سان مالڪيءَ جو لاڳاپو ڏيکاري تڏھن ان جي پھرئين اسم جي حالت اضافت چئجي ٿي.“ (ص 38 ڀاڱو ٻيون)

”جو، جا، سجي، جيون، سندو“ وغيره جو انفرادي ڪارج حرف جر  (Postpositon)وارو ھوندو آھي. انڪري حالت اضافت کي ڪي عالم حالت جري سڏين ٿا. جيئن ھي فوٽ نوٽ لکن ٿا:

”ڪن صاحبن جو رايو آھي ته حالت اضافت، حالتن جي دفعي مان اصل ڪڍي ڇڏڻ گھرجي ۽ اھڙا اسم، جي مالڪي ڏيکارين سي حالت جريءَ جي دفعي ۾ آڻڻ گھرجن. پر ڪئپٽن اسٽئڪ موجب حالت اضافت جريءَ کان نياري سمجھڻ گھرجي، ڇوته ھن جو چوڻ آھي ته حرف جر جي صورت لاڳو اسم جي عدد ۽ جنس ۾ مٽجڻ ڪري اهي مٽجن ٿا، جيئن ته ’گوپال جو ڪتابُ‘، ’گوپال جا ڪتابَ‘، ’گوپال جي ڪنجي‘، ’گوپال جون ڪنجون‘ ڪن حالتن ۾ حرف جر جي صورت ساڳي رھي ٿي، جيئن ته ’پيتيءَ ۾ ڪتابُ‘،  ’پيتيءَ ۾ ڪتابَ‘، ’پيتيءَ ۾ ڪنجي‘، ’پيتيءَ ۾ ڪنجون‘ ساڳيو رايو ٽرمپ صاحب، منشي اڌارام ۽ جھمٽ مل جو آھي ته حالت اضافت جريءَ کان نياري سمجھڻ گھرجي.“ (ص-38  ڀاڱو ٻيو)

ضمير :

ھي ٻئي عالم پنهنجي گرامر ۾ ضمير جا اٺ قسم ٿا ڄاڻائين. ضميري پڇاڙين کي به ضمير جو ھڪ قسم ”ضمير متصل“ ڪري لکن ٿا.

”اھڙيون نشانيون جي ڪن ڳالھائڻ جي لفظن پٺيان اچن ٿيون، تن کي ضمير متصل يا گڏيل ضمير چون ٿا.“ (ص-65  ڀاڱو ٻيو)

صفت:

هن ڪتاب ۾ مصنف صفت جا ٽي قسم؛ وصفي، عددي ۽ ضميري لکن ٿا. اڪثر ٻولين ۾ صفتون عدد، حالت ۽ جنس سان ڦرنديون آھن ۽ ٻين ۾ وري نه ٿيون ڦرن، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ اھي ٻئي صورتون موجود آھن. ڪي صفتون موصوف سان عدد، جنس ۽ حالت ۾ ڦيرو کائين ٿيون ته ڪي وري نه ٿيون کائين.

فعل:

مصنف جي راءِ موجب فعل اھو لفظ آھي، جنھن مان ھئڻ (to have)، ڪرڻ (to do) ۽ ٿيڻ (to be) جي معنيٰ نڪرندي آھي. فعل جا مکيه  ٻه قسم بيان ڪيا ويا آھن (1) فعل لازمي (2) فعل متعدي. فعل متعدي (Transitive Verb) جا ٽي قسم آھن. فعل متعدي بالواسطه، فعل متعدي معروف ۽ فعل متعدي مجھول، فعل متعدي معروف ۽ مجھول جو فرق ڏيکاريندي، هي صاحب لکن ٿا:

”فعل متعدي جون ٻه صورتون آھن، ھڪڙي اھا جنھن ۾ فاعل ڪو ڪم ڪري ٿو ۽ ڪم جو ڪندڙ پڌرو بيٺو آھي، ٻي صورت اھا جنھن ۾ مفعول فاعل جي جاءِ وٺي ٿو ۽ فاعل ڳجھو رھي ٿو، يعني ان جي خبر ڪانھي، پھرين صورت کي فعل متعدي معروف سڏين ٿا ۽ ٻي صورت کي متعدي مجھول سڏين ٿا.“ (ص-86 ڀاڳو ٻيو)

فعل جو بنياد ڪھڙو آھي؟ ڪن گرامر نويسن امر کي فعل جو ڌاتو لکيو آھي ته ڪي وري مصدر کي فعل جو ڌاتو سمجھن ٿا. ھي ٻئي ماهر مصدر کي فعل جو ڌاتو يا بنياد (root) لکن ٿا.

”اسين سکيا آھيون ته فعل مان ڪم جي ڪرڻ يا ٿيڻ جي خبر پوي ٿي، ’لکڻ‘، ’پڙھڻ‘ ۽ ’گھمڻ‘ اھڙا لفظ ڪم ڪن ٿا ۽ انھن کي مصدر چون ٿا. مصدر جي معنيٰ آھي صادر ٿيڻ يا نڪرڻ جي جاءِ، ڇاڪاڻ ته سڀ فعل ان مان نڪرن ٿا.“ (ص 88  ڀاڳو ٻيو)

ھنن ظرف، حرف جر، حرف جملي ۽ حرف ندا جي وصف ڏئي، انھن کي مثالن سان سمجھايو آھي ۽ ھر لفظ سان ان جي ترتيب ۽ ڦيرو به سمجھايو آھي.

بيهڪ جون نشانيون:

ڪشنچند گلاب سنگهه ۽ ڏيارام وسڻ مل پھريون دفعو سنڌي گرامر ۾ بيھڪ جي نشانين (Punctuation Marks) تي ھڪ باب لکيو، انھن جي اھميت ۽ ضرورت بيان ڪندي لکن ٿا ته لکيل جملي جي پوري معنيٰ معلوم ڪرڻ لاءِ بيھڪ جون نشانيون ڏيڻ ضروري آھن، انھن کي غلط جاءِ تي ڏيڻ سان جملي جو مطلب مٽجي وڃي ٿو، غلط استعمال جو مثال ڏيندي لکن ٿا:

ڪنھن اسان کي اکيون ڏسڻ لاءِ، نڪ سنگھڻ لاءِ، وات کائڻ ۽ ڳالھائڻ لاءِ، ڪن ٻڌڻ لاءِ ڏنا آھن.“ (ص-144)

معنيٰ ۽ مفھوم واضح طريقي سان پڙھندڙ تائين پھچائڻ لاءِ بيھڪ جي نشانين جو صحيح استعمال ضروري آھي. ان لاءِ واضح ڪن ٿا ته:

”بيھڪ جون نشانيون پورن ھنڌن تي ڏيڻ گھرجن، ڇاڪاڻ ته بيھڪ جون نشانيون پورن ھنڌن تي نه ڏيڻ ڪري مضمون مان يا ته پورو مطلب نٿو نڪري يا ته کل جھڙو مطلب پيو نڪري.“ (ص 145 ڀاڱو ٻيو)

نتيجو:

گرامر جو ھي ڪتاب خاص شاگردن لاءِ لکيل آھي.  گرامر جا قاعدا قانون ڏاڍي سولي ۽ سٺي انداز سان سمجھايل آھن. گرامر کي ڪيئن سمجھجي؟ ان کي ٻوليءَ سان لاڳو (apply) ڪيئن ڪجي؟ اھو ھن ڪتاب ۾ سمجھايو ويو آھي، ھنن اسم جون ٽي حالتون فاعلي، مفعولي ۽ جري لکيون آھن. حالت اضافت ۽ حالت ندا کي حالتن جي دفعي مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. ھي پھريان عالم ھئا، جن فعل جو بنياد (root) مصدر (Infinitive) کي لکيو.

  ڪشنچند گلاب سنگهه  ۽ ڏيارام وسڻ مل پھريون دفعو سنڌي گرامر ۾ بيھڪ جي نشانين (Punctuation Marks) تي ھڪ باب لکي انھن جي اھميت کي بيان ڪيو. باقي ٻين ڳالھين ۾ پھرين لکيل گرامرن سان ھڪجھڙائي نظر اچي ٿي.