سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17980   ڀيرا پڙهيو ويو

علمِ صرفيات (Morphology)


لفظن جي علم کي صرفيات چئبو آھي. ھي اھو علم آھي جنھن جي مدد سان ڪنھن به ٻوليءَ جي لفظن ۽ لفظن جي جزن جي جوڙجڪ، سٽا ۽ گردانن جي خبر پوندي آھي.

”لفظ اھو اچاريل ايڪوآھي، جو اڪيلي سر ٻوليءَ ۾ بامعنيٰ مستقل حيثيت رکي ٿو.“ (17)

سنڌي لغت (Lexicon) ۾ ٽن قسمن جا لفظ آھن. سادا مرڪب ۽ مرتب. سنڌيءَ ۾ اڳيان، وچان ۽ پويان جوڙ (Affixes) ملائي نوان لفظ ٺاھيا ويندا آھن.

“The smallest meaningful elements into which word can be analysed are known morphemes; and the way morphemes operate in language provide the subject matter of Morphology.” (18)

 

(ننڍي ۾ ننڍا معنيٰ دار جُزا جن ۾ لفظن جو ڇيد ڪري سگھجي، انھن کي صرفيا چيو ويندو آھي ۽ جنھن طريقي سان صرفيا ڪنھن به زبان ۾ ڪم ڪن ٿا اھو طريقو صرفيات جو مواد مھيا ڪري ٿو. لفظن جي علم جو بنيادي ايڪو صرفيو آھي.)

”ڪابه اھا خود مختيار صورت، جنھن کي ننڍي ۾ ننڍي معنيٰ دار جزي ۾ ٽوڙي نه سگھجي. اھڙيءَ صورت کي وياڪرڻ ۾ صرفيو (Morpheme) چئبو آھي.“ (19)

صرفيات جي بنياد تي ئي ٻوليءَ جي وياڪرڻ (Grammar) جو سرشتو اڏيل آھي. صرفيي جي صورت ۾ تبديل نه ٿي اچي، جيڪڏھن ان کي ٽوڙيو ويندو ته ڪوبه بامعنيٰ لفظ نه ٺھندو.

”علم صرف (Morphology) اھو علم آھي، جنھن جي مدد سان ڪنھن به ٻوليءَ جي لفظن ۽ انھن جي جزن جي جوڙجڪ سٽا ۽ بيھڪ جي خبر پوي ٿي. ھن علم جي مدد سان ٻوليءَ جي وياڪرڻي مواد ۾ جيڪي خود مختيار صورتون (free forms) يا پروس صورتون (Bound forms)  ھونديون، انھن جي استعمال جي خبر پوندي آھي.“ (20)