سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (451) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17955   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ جو گرامر (ڪئپٽن جارج اسٽئڪ- 1849ع)


سنڌي ٻوليءَ جو گرامر A grammar of Sindhi Language:

(ڪئپٽن جارج اسٽئڪ- 1849ع)

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليٽر ھو. ھن کي سنسڪرت، ھندي، اردو، سنڌي ۽ ڪن ٻين ھندستاني ٻولين ۾ مھارت حاصل ھئي. ھن مارچ 1847ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر
 (A grammar of Sindhi Language) لکيو ۽ انھيءَ سان گڏ انگريزي سنڌي لغت به مرتب ڪندو رھيو. اھي ٻئي ڪتاب ھن بمبئي سرڪار جي حڪم سان آمريڪن مشن پريس بمبئيءَ مان سن 1849ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا.

1843ع ۾ ميرن جي حڪومت جو خاتمو آيو ۽ انگريز حڪمران بڻيا. ٻاھرين حملا آورن ارغون- ترخانن جي دؤر کان وٺي مقامي حڪمرانن ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر تائين سنڌ جي سرڪاري ٻولي  فارسي ھئي. علميت جو معيار فارسيءَ ۽ عربي ۾ ماھر ھئڻ هو، ان ڪري مادري ٻولي يعني سنڌيءَ کي مقامي ماڻھو به گھٽ اھميت ڏيندا ھئا. سنڌي صورتخطيءَ تي ڪلھوڙن جي دؤر ۾ مخدوم ابوالحسن قابل قدر ڪم ڪري چڪو هو ۽ جيڪو پهريون سنڌي ڪتاب ان صورتخطيءَ ۾ جوڙيائين، ان کي ”مخدوم ابوالحسن کي سنڌي“ چيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ ڪجهه ٻين ماڻهن پاران ٺاهيل اهڙن ۽ ڪجھ ٻين ”سنڌين“ جا مثال به ملن ٿا، پر سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ تي ڪوبه ڪم نه ٿيو ھو.

جارج اسٽئڪ ”سنڌي گرامر“ جي مھاڳ ۾ لکيو آھي ته:

 ”کيس سنڌ ۾ ھڪ به سنڌي شخص نه مليو، جنھن کي پنھنجي مادريءَ زبان جي وياڪرڻ جي ڄاڻ ھجي ۽ ھو سنڌي ٻوليءَ جي لساني خوبين کان واقف ھجي“ (3)

انگريزن پاران ابوالحسن واري سنڌي آئيويٽا (Alphabet) کي ترميمي شڪل ڏئي، 1853ع ۾ ان کي مقرر ڪيو ويو. ان کان اڳ سنڌ ۾ ڪيترائي خط رائج ھئا. مسلمان عربيءَ جي اٺاويهن اکرن ۽ فارسيءَ جي ٻٽھين اکرن جي بنياد تي عربي- سنڌي
رسم الخط (script) کان ڪم وٺندا ھئا ۽ انھن ۾ ٿوري تبديلي آڻي، سنڌيءَ جي خاص اچارن کي لکندا ھئا. ٻئي طرف ھندو ديوناگري يا گرمکي لپيءَ کي ترجيح ڏيندا ھئا. ان کان سواءِ ھر علائقي ۾ ڌار ڌار نموني پئي لکيو ويو. جيئن سکر ۾ ”ساکرو“ شڪاپور ۾ ”شڪارپوري“ خدا آباد ۾ ”خداوادي“ وغيره جو الڳ رسم الخط ھو ته وري مختلف ذاتيون جيئن ڀاٽيا، ميمڻ، خواجا ۽ لوھاڻا وغيره الڳ الڳ رسم الخط ڪم آڻيندا ھئا. جيئن ته ان وقت ڪابه مقرر لکاوٽ ڪانه ھئي، ان ڪري ڪئپٽن اسٽئڪ اڳيان مکيه مسئلو رسم الخط جو پيدا ٿيو. ھن ديوناگريءَ ۾ ڪتاب لکيا ۽ ان کي استعمال ڪرڻ جو سبب ڄاڻائيندي لکي ٿو:

”ھن ڪم جي شروع ڪرڻ وقت اول سوچڻو پيم ته ديسي لفظ ڪھڙي خط ۾ لکان، پنھنجي انتخاب لاءِ منھنجي نظر ۾ سنڌي خط، رومن خط، پارسي خط، گرمکي خط ۽ ديوناگري خط ھئا. پارسي خط انھيءَ ڪري ترڪ ڪيم جو منھنجي اڳيان واٿن جو گرامر (Wathen’s Grammar) ۽ ٻيا سنڌي ڪتاب موجود ھئا. فارسي خط مقرر ڪرڻ کان اڳ ڪيترن ئي نج سنڌي آوازن لاءِ نيون صورتون مقرر ڪرڻيون پون ھا، جن جا آواز پارسي خط لاءِ انوکي حيثيت رکندڙ ھئا. مون محسوس ڪيو ته اھو خط سنڌين لاءِ بلڪل ائين ٿيندو جيئن رومن خط، جنھن ۾ صورتن جا اضافا ڪجن ھا يا تبديليون ڪجن ھام جيڪي پارسيدانن کي جيڪي عجيب لڳن ھا.“ (4)

ڪئپٽن اسٽئڪ جو گرامر ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل ھو جنھن کي اڃا تائين موجوده صورتخطيءَ ۾ ڇا پيو نه ويو آھي ۽ ھاڻي اھو ڪتاب ملڻ مشڪل ئي نه بلڪِ ناممڪن بڻجي ويو آھي. ان ڪري اھو ڪتاب گرامر جي ارتقا ۾ بنيادي حيثيت رکڻ جي باوجود ڳڻپ ۾ ڪونه ايندو آهي. تازو انٽرنيٽ تي ان جي لغت ته رکي وئي آهي، پر گرامر نٿو ملي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي اهو ڏٺو آهي ۽ ان بابت لکيو اٿس.