سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17983   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي- 1987ع)


سنڌ جي ڪاليجن ۾ ٻارھين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي مضمون طور پڙھائي ويندي آھي. ميمڻ عبدالمجيد جو لکيل ”سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن“ ان ڪورس جو ڪتاب آھي، جنھن ۾ گرامر، علم بديع، ادبي تاريخ ۽ مضمون نويسي وغيره تي مختصر مگر جامع معلومات ڏني وئي آھي، جيئن ليکڪ پاڻ لکي ٿو:

”ھيءُ ڪتاب خاص طرح سان انٽر جي شاگردن جي ڪورس ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکي لکيو ويو آھي ۽ گذريل سالن جا پيپر سامھون رکيا ويا آھن ان کان سواءِ ٻين ڪورسن جي شاگردن لاءِ به مفيد ثابت ٿيندو.“

”فصل پھرئين“ ۾ ڳالھائڻ جا لفظ ڏنل آھن جيڪي ميمڻ صاحب اٺ لکيا آھن، لفظن سان گڏ انھن جي قسمن جو به بيان ڏنو اٿس. ”فصل ٻئي“ ۾ ”پرپوگ“ ڏنل آھن. جملن جي ترڪيب ”ٽئين فصل“ ۾ ڏنل آھي. ترڪيب ۾ جملي جي ھرھڪ لفظ جو قسم، جنس، عدد، حالت ۽ زمان ڏيکاريو ويو آھي انڪري عدد، جنس، حالت ۽ زمان ھن باب ۾ ڏنل آھن. فصل چوٿين ۾ ”جملن جو ڇيد“، پنجين ۽ آخري فصل ۾ ”بيھڪ جون نشانيون“ ڏنل آھن.

نتيجو:

جيتوڻيڪ هي ڪتاب شاگردن هئڻ ڪري سؤلو ۽ مختصر ڪري لکيو ويو آهي، پر ان جي ايتري گهڻي علمي حيثيت ناهي، جهڙي مٿي ذڪر ڪيل ٻين گرامر جي ڪتابن جي آهي. هن ڪتاب جهڙا ٻيا به گرامر جا ڪيترا ڪتاب ملن ٿا، پر اهي ايترا اهم ڪونه آهن، جو هتي ذڪر ڪيو وڃي.