ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر شازيه پتافي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-096-3 |
قيمت | 150 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (507) PDF E-Pub |
انگ اکر | 14 November 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 25766 ڀيرا پڙهيو ويو |
يونان کي قديم زماني کان مختلف علمن جي ڪري امتيازي حيثيت حاصل آھي. ڪيترن ئي علمن جي تاريخ جو سلسلو اتان کان شروع ٿئي ٿو. قبل مسيح جڏھن اتي ڊرامو ۽ فلسفو عروج تي ھو، تڏھن ڪيترائي ٻوليءَ جا ماھر به پيدا ٿيا، جن جي ڪيل ڪم کي گھڻو عرصو حرف آخر سمجھيو ويندو ھو. انھن پنھنجي ٻوليءَ جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو. پر جيئن ھو شاعريءَ کي الھام سمجھندا ھئا، تيئن ٻوليءَ کي به خدائي تحفو (God given gift) سمجھندا ھئا، ان ڪري ان ۾ ڪنھن به شڪ شبھي يا تبديليءَ جي گنجائش کي نه ٿي مڃيائون. پر جيئن ته وقت گذرڻ سان ٻوليءَ يا ان جي گرامر ۾ تبديلي اچي ٿي، ان ڪري انھن جا ڪڍيل نتيجا غيراھم ۽ غلط ثابت ٿيا. ھو لاطينيءَ کي حقيقي منطقي (Logical) ٻولي سمجھندا ھئا ۽ انھيءَ بنياد تي ھنن گرامر جا عام قاعدا ۽ اصول ٺاھيا، جيڪي صرف لاطيني ٻوليءَ تائين محدود ھئا.
“Grammar has its roots in the Greek grammar of Dionysius Thrax (c. 200 B.C.) and in the Latin grammars of Donatus (c. 400 A.D.) and Priscian (c. 600 A.D.). The methodology of these classical grammarians was adopted by the grammarians of eighteenth century England, most notably Joseph Priestly, Robert Lowth, George Campbell and Lindley Murray. The grammars of these men are all based on the assumption that the structure of various languages and specially of Latin, embodies universally valid canons of logic.” (13)
(گرامر جو بنياد ٻي صدي قبل مسيح ۾ يوناني وياڪرڻي ڊيونيس ٿرئڪس ۽ پريسيان (Priscian) نالي ٻن گرامر نويسن وڌو، جن لاطيني ٻوليءَ جا گرامر لکيا. ھنن ڪلاسيڪل گرامر نويسن جو طريقو ارڙھين صديءَ جي گرامر نويسن به اختيار ڪيو. انگلينڊ ۾ خاص ڪري جوزف پرسٽلي، رابرٽ لوٿ، جارج ڪمپبيل ۽ لنڊلي موري وغيره هئا. ھنن سڀني جا گرامر ان مفروضي تي مبني ھئا ته مختلف ٻولين جي بناوت، خاص طور تي لاطينيءَ جي بناوت منطق جي ھر ھنڌ مڃيل يا آفاقي اصولن موجب آھي.)
ارڙھين صديءَ ۾ انگلينڊ جي گرامر نويسن انگريزي گرامر کي به لاطيني ٻوليءَ جي اصولن مطابق پيش ڪيو. ان دؤر جي گرامر کي روايتي گرامر (Traditional Grammar) چيو ويندو آھي. روايتي گرامر نويسن ڳالھائڻ واري ٻوليءَ کان وڌيڪ لکيل ٻوليءَ کي اھميت ڏني. لکيل ٻوليءَ ۾ به خاص ڪري ادبي ٻوليءَ کي صحيح ۽ صاف (pure)سمجھندا ھئا. ان ئي دؤر ۾ برصغير جي وياڪرڻي پاڻينيءَ جو گرامر منظرِعام تي آيو.
”ارڙھين صديءَ جي آخر ڌاري يورپي عالمن کي پاڻينيءَ جي گرامر جي سُڌ پيئي. سنسڪرت جي گرامر جو ھي ڪتاب ڪنھن مخصوص مفروضي بدران حقيقتن ۽ مشاھدي جي روشنيءَ ۾ مرتب ٿيل ھو ۽ ان جي وسيلي يورپي عالمن جي سامھون ٻولين جي تقابلي مطالعي جا امڪان پڌرا ٿيا. پاڻينيءَ جي گرامر ٻوليءَ جي ڇيد جو اصول سيکاريو، جنھن موجب ٻولين جي ترڪيبي جزن جي ڀيٽڻ سان سندن ھڪجھڙايون، جيڪي ھونئن لڪل ۽ ڍڪيل رھن ٿيون، سي پوري ڀروسي سان لڀي سگھيون ٿي.“ (14)
پاڻينيءَ (Panini) اھو گرامر 400 ق. م ۾ لکيو ھو. ان زماني ۾ دنيا جي ٻي ڪنھن به ٻوليءَ ۾ اھڙي اعليٰ معيار جو گرامر نه لکيو ويو ھو. پاڻينيءَ جي گرامر ملڻ ڪري ٻولين جي تقابلي ۽ تاريخي مطالعي ڪرڻ جو رواج پيو، جنھن ذريعي اھا ڳالھ سامھون آئي ته سڀئي ٻوليون تبديل ٿين ٿيون. ان دؤر جي گرامر کي تقابلي (Comparative) ۽ تاريخي (Historical) گرامر چيو ويندو آھي. گرامر جي تاريخ ۾ پاڻينيءَ جي ڪم کي تمام گھڻي اھميت حاصل آھي. سنڌ جو مشھور ماھر لسانيات سراج لکي ٿو ته:
”ھندستان ۾ سنسڪرت جو اڀياس ھزارين ورھين کان رھيو ھو ۽ ان جي گرامر ۽ وياڪرڻ تي اھڙا بلند پايي جا ڪتاب لکيا ويا ھئا جو يورپي عالم اڄ تائين انھن ليکڪن جا نالا ادب ۽ احترام سان وٺندا آھن. اڄ تائين 400 ق.م جي وياڪرڻي ڄاڻوءَ پاڻينيءَ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو وياڪرڻي ڄاڻو (Grammarian) مڃيو وڃي ٿو. دراصل کيس گرامر جي سائنس جو ابو تصور ڪيو وڃي ٿو.“ (15)
گرامر جو ٽيون دؤر ويھين صدي جي شروعات کان شروع ٿئي ٿو. ان دؤر جي گرامر کي تشريحي/ بياني (Descriptive) سٽادار (Structural) گرامر چيو وڃي ٿو. ھيءَ ھڪ نئين سوچ ھئي، جيڪا يورپ ۽ آمريڪا کان شروع ٿي. Immediate Constitutent يعني جزن جي فوري تجزيي جو تصور ھن دؤر جي گرامرنويس ڏنو. ھنن ٻوليءَ جو، جيئن استعمال ۾ ھئي، تيئن مطالعو ڪيو ۽ لکت کان وڌيڪ ڳالھائجندڙ ٻولي (spoken language) کي اھميت ڏني. ھنن جو طريقه ڪار سائنسي ھو.
“The most notable of the early descriptivists were Leonard Bloomfield and Edward Sapir. They noted it should be English not as people think but as it actually is that the study of language can and should be divided into two parts: syntax and semantics.” (16)
(شروعاتي تشريحي ماهرن (descriptivists) مان قابلِ ذڪر ليونارڊ بلومفيلڊ ۽ ايڊورڊ سيپر ھئا. مختصراً انھن موجوده انگريزيءَ کي ائين بيان نه ڪيو، جيئن ماڻھو چاھين ٿا ته ”ھئڻ گھرجي“ پر جيئن اھا آھي. ھنن واضح ڪيو ته ٻوليءَ جو مطالعو ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي سگھي ٿو ۽ ھئڻ به گھرجي: نحويات ۽ معنيات.)