سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (506) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     25753   ڀيرا پڙهيو ويو

باب ٻيو: گرامر يا وياڪرڻ


جنھن علم کي سنڌيءَ ۽ سنسڪرت ۾ ”وياڪرڻ“ چيو وڃي ٿو، ان کي عربيءَ فارسيءَ ۾ ”صرف و نحو“ ۽ انگريزيءَ ۾ گرامر (Grammar) چئبو آھي. ’گرامر‘ يوناني لفظ Grammatik مان نڪتل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي “The Art of Writing” ”لکڻ جو فن“. محترم مرزا قليچ بيگ ”علم صرف“ ۽ ”علم نحو“ جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو ته:

” ’صرف‘ لفظ جي عربي لغت ۾ معنيٰ آھي: ڦيرائڻ، ڦيرو يا گردان. انھيءَ موجب لفظ جدا جدا صورتن ۾ ڦرن ٿا، جيئن اسم جنس، عدد ۽ حالتن موجب ڦرن ٿا ۽ سڀني قسم جي لفظن جون جدا جدا صورتون ۽ صيغا ”صرف“ ۾ داخل آھن“. ’نحو‘ لفظ جي اصلي معنيٰ آھي پاسو ۽ اصطلاحي معنيٰ اٿس: صرفيا ھڪٻئي جي پاسي ۾ بيھاري لفظ جوڙڻ، لفظ ھڪٻئي جي پاسي ۾ بيھاري جملا جوڙڻ، ۽ جملا ھڪٻئي جي پاسي ۾ بيھاري بيان يا تقرير يا دليل جوڙڻ.“ (1)

نحويات کي انگريزيءَ ۾ (Syntax) چئبو آھي، جيڪو يوناني ٻوليءَ مان ورتل آھي، معنيٰ اٿس “Ordering together”  يا “Systematic or arrangement.”

“Briefly speaking syntax is the grammar of sentence, it is the science of sentence construction.(2)

علم ”صرف“ لفظن جي گردانن سان واسطو رکي ٿو ۽ ”نحو“ فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيھڪ ۽ وياڪرڻي استعمال بيان ڪري ٿو. ان مان ظاھر ٿئي ٿو ته وياڪرڻ يا گرامر ۾ لفظ کي بنيادي حيثيت آھي.

’لفظ‘ ڇا آھي؟ لسانيات جي ماھرن لفظ جون ڪيتريون ئي وصفون مقرر ڪيون آھن، پر اڃا تائين ڪنھن ھڪ ۽ مطمئن ڪندڙ وصف تي اتفاق ڪري نه سگھيا آھن. ڊاڪٽر غلام علي الانا ’لفظ‘ جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو ته:

”لفظ (مفرد) اھا ننڍي ۾ ننڍي خودمختيار يا آزاد صورت (free form) آھي، جنھن کي اڳتي ٻين ننڍين بامعنيٰ ڌار صورتن (خود مختيار يا پروس) ۾ ھرگز ڀڃي نه سگھجي، ٻين لفظن ۾ ھيئن چئبو ته ننڍي ۾ ننڍي بامعنيٰ خود مختيار صورت کي لفظ (مفرد) چئبو آھي.“ (3)

Pelican Original Grammar ۾ لکيل آھي ته:

“What a Word is? There have been three main approaches to this problem. The first is to see the word as a semantic unit, a unit of meaning; the second sees it as a phonetic or phonological unit, one that is marked, if not by space or pauses, at least by some features of the sounds of the languages; the third attempts to establish the word by a variety of linguistic procedures, the word is in some ways an isolable and indivisible unit.” (4)

(لفظ ڇا آھي؟ ان مسئلي کي ٽن رخن سان ڏٺو ويو آھي. پھرئين مطابق لفظ معنوي ايڪو آھي، يعني معنيٰ جو هڪ يونٽ ۽ ٻئي مطابق لفظ صوتياتي ايڪو آھي، يعني ته اھو جيڪو وضع ٿيل ھجي، جيڪڏھن جڳھ ۽ وقفن سان نه تڏھن به ٻوليءَ جي آواز جي ڪن خاصيتن سان ۽ ٽئين رخ مطابق لفظ جي حيثيت کي لسانياتي طريقي ڪار مطابق متعين ڪيو ويو آھي ته لفظ الڳ ٿلڳ ۽ اڻ ورھائجندڙ ايڪو آھي.)

بائيبل ۾ چيل آھي ته:

“In the beginning was the word, and the word was with God, and the word was God.”

(ابتدا ۾ لفظ ھو ۽ لفظ خدا وٽ ھو ۽ لفظ خدا ھو.)

’لفظ‘ کي ٻوليءَ ۾ تمام گھڻي اھميت آھي، بلڪِ ’لفظ‘  ٻوليءَ جو بنيادي ايڪو آھي. ٻوليءَ واري جوڙجڪ جي جزن صوتيات، صرفيات، نحويات ۽ معنيات ۾ لفظن جو مختلف طريقن سان اڀياس ڪيو وڃي ٿو. صوتيات ۾ لفظن جي ظاھري پھلوءَ يعني آوازن جو مطالعو ڪيو ويندو آھي. صرفيات ۽ نحويات ۾ انھن جي جوڙجڪ، ترتيب، تنظيم ۽ جملي ۾ سٽاءَ جو مطالعو ڪيو ويندو آھي ۽ معنيات ۾ لفظن جي اندروني علامتي حصي يعني معنيٰ کي جاچيو ويندو آھي.

“For a linguist the `word` is a very important and fundamental unit. Not only it is the chief subject matter of lexicology, but it is dependent on phonology for the analysis of its sound-structure; and on syntax for the delimitation of its status in more complex configuration.” (5)

 

(ڪنهن ماھرِ لسانيات لاءِ ’لفظ‘ تمام اھم ۽ بنيادي ايڪو آھي. اھو نه صرف لغت جو اھم مواد مھيا ڪري ٿو، پر ان جي آوازن جي بناوت جي تجزيي لاءِ اھو صوتيات تي مدار رکي ٿو ۽ وري ان جي پيچيده شڪل ۽ حيثيت کي غيرمحدود ڪرڻ لاءِ نحويات تي مدار رکي ٿو.)

’لفظ‘ صرف نحو جو مکيه مواد (Subject-matter) آھن ۽ صرف نحو ملي ڪري ڪنھن به ٻوليءَ جو وياڪرڻ يا گرامر ٺاھين ٿا.