سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (507) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     25764   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي مُعلم (ڊاڪٽر غلام علي الانا- 1984ع)


ڊاڪٽر غلام علي الانا جو شمار لسانيات (Linguistics)  جي اُنھن ماھرن ۾ ٿئي ٿو، جن جديد دؤر جي گھرجن مطابق ھن علم جي مختلف پھلوئن تي لکيو آھي. پاڻ لنڊن مان تربيت يافته لسانيات جو ماھر آھي، ھن سنڌي صورتخطي، سنڌي ٻوليءَ جو
بڻ بنياد، سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ۽ سنڌي معلم جھڙا ڪتاب لکي، سنڌي زبان ۾ لسانيات جي علمي ذخيري ۾ قابل قدر اضافو ڪيو آھي.

”سنڌي معلم“ (Teach yourself Sindhi) اردو ڳالھائيندڙن کي سنڌيءَ جي وياڪرڻ جي بنيادي ڄاڻ ڏيڻ جي مقصد سان لکيو ويو آھي. جنھن کي ڊاڪٽر صاحب ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو آھي. پھرئين حصي ۾ سنڌيءَ ۽ اردو جي الف،ب (Alphabet) ۾ ھڪ جھڙايون ۽ فرق ڏيکاريا ويا آھن. ڳالھائڻ جا لفظ (Parts of Speech) به ان حصي ۾ اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڳالھائڻ جا اٺ لفظ لکيا آھن. اسم جا ٻه عدد واحد ۽ جمع ۽ ٻه جنسون مذڪر۽ مؤنث لکيون آھن. ھن پھريون دفعو اسم (ضمير) جون پنج حالتون فاعلي، مفعولي جري، اضافت ۽ ندا لکيون آھن، ”جو“ حرف جر آھي انڪري اڳين گرامر نويسن حالت اضافت کي حالت جريءَ جو روپ سڏيو آھي، ھو ان جي وضاحت ۾ لکي ٿو.

”سنڌي ٻوليءَ ۾ ”جو“  حرف جر آھي، پر جڏھن ”جو“ يا ”جي“ ملڪيت ظاھر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿئي، تڏھن انکي حرف اضافت چيو ويندو آھي. ”جو“ حرف اضافت اسم يا ضمير کان پوءِ ايندو آھي. ان جي استعمال سان عام حرف جر جي استعمال وانگر اسم يا ضمير وغيره جي صورت بدلجي ويندي آھي. (ص- 24)

سنڌيءَ ۾ حالت مفعولي، حالت جري ۽ حالت اضافت کي عام حالت (Oblique case) چيو ويندو آھي، ڇاڪاڻ ته:

”جڏھن ڪنھن اسم يا ضمير کان پوءِ حرف جر اچي ته انھن سڀني اسمن ۽ ضميرن جي حالت عام يا تغيري صورت (Oblique) ٿيندي“. (ص-25)

ڊاڪٽر الانا اسم کان پوءِ حرف جر کي آندو آھي. جملي ۾ حرف اسم يا ضمير کان پوءِ ايندو آھي ان سان اسم يا ضمير جي صورت ۾ تبديلي ايندي آھي، مثلاً:

مان+ جو= منھنجو

ھي ڪتاب منھنجو آھي

تون+ جو= تنھنجو

تنھنجو نتيجو ڪڏھن ايندو؟

ڇوڪرو+ کي

استاد ڇوڪري کي تصوير ٺاھڻ سيکاري ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جي نحوي ساخت ۾ حرف جر اھم ڪردار ادا ڪن ٿا.  جڏھن ڪنھن اسم، ضمير، صفت يا ظرف کان پوءِ حرف جر استعمال ٿئي ٿو ته ان اسم، ضمير، صفت يا ظرف جي اصل صورت بدلجي ويندي آھي.“ (ص-37)

ضمير ۽ صفت ۾ انھن جا قسم مثالن سان سمجھائيندي انھن جا گردان ڏنا ويا آھن، ظرف، فعل، صفت ۽ ٻئي ظرف سان لاڳو ٿي انھن متعلق ڪجھ ٻڌائيندو آھي. ڊاڪٽر غلام علي الانا ظرف جا پنج قسم لکيا آھن.

  1. ظرف زمان
  2. ظرف مڪان
  3. ظرف تميز
  4. ظرف ناڪاري (نفي)
  5. ظرف ھاڪاري (اثباتي)

ٻين گرامر نويسن ھاڪار ۽ ناڪار وان ظرفن کي به تميز ۾ آندو آھي. ”نه ۽ مَ“ ناڪار ۽ ”ھا“ ھاڪار ڏيکاريندڙ ظرف آھن.

فعل:

فعل اھو لفظ آھي، جنھن مان ”ڪم جي ٿيڻ“ جي خبر پوندي آھي. ”فعل“ لفظ جي معنيٰ ئي آھي، ”ڪم“، اھڙا فعل جيڪي حڪم ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن. انھن کي امر (imperative) چئبو آھي. امر صرف ضمير حاضر واحد ۽ جمع سان ٿيندو آھي. ان ۾ جنس جو فرق نه ھوندو آھي. ڊاڪٽر الانا صاحب امر جا ڇھ قسم لکيا آھن:

  1. امر حاضر
  2. امراستقبال
  3. امر نيازي
  4. امر تمنا
  5. امرنفي
  6. امر مداحي

امر اھا صورت جنھن ۾ ڪنھن ڪم لاءِ حڪم ڪيو وڃي پر اھو ڪم مستقبل ۾ ٿئي ان کي ”امر استقبال“ چئبو آھي.

مثال طور:

امر-     امر استقبال

لک-     لکج

اچ-      اچج

امر نيازيءَ ۾ نياز ۽ عاجزيءَ وارو انداز اختيار ڪيل ھوندو آھي، جيئن ڪنھن کي چئجي ”ھَل“ ته ان جو مطلب آھي ”ضرور ھَل“ ۽ جيڪڏھن چئجي ”ھلج“ ته ان جو مطلب آھي ”مھرباني ڪري ھَل“.

”اسان جي مٺڙي سنڌيءَ ۾ امر کي ماٺو ڪرڻ جي صلاحيت به عجيب آھي. مثلاً ” اَچج“، ”اچيج“ ۾ معنيٰ جو ھلڪو فرق آھي. پھرئين ۾ آمرانه اَمر يا حڪم آھي ۽ ان ۾ موجود وقت يا ھڪدم ڪم ڪرڻ جي ھدايت آھي، ٻئي ۾ ان ”ج“ ڏيڻ سان ماٺائي ۽ گھرائپ يا حڪم جي بدران ”اچڻ“ جي ضرورت جو احساس نظراچي ٿو ۽ ان سان گڏ ڪنھن ڪم جي ”ھڪدم  ٿيڻ“ جو امڪان ختم ٿي وڃي ٿو. ان کان پوءِ ”ايج“ پد ٽئين امر ۾ گڏڻ سان ان نيم مستقبل زماني جي مفھوم سان گڏ منٿ ۽ نيزاريءَ جو عنصر به شامل ٿئي ٿو، شاھهرح جڏھن چوي ٿو ته ”جي ليلائي نه لھين، ته پڻ ليلائيج“ ته ان آخري ”ليلائيج“ چوڻ سان ان لفظ ۾ منٿ ۽ نيزاريءَ جو نھايت عجيب مضمون پيدا ٿي پيو آھي.“ (29)

امر جي اھڙي صورت جنھن ۾ ڪنھن خواھش جو اظھار ھجي ان کي ”امر تمنا“ چئبو آھي.

مثلاً: ڊاڪٽر کان معائنو ڪرائجان.

ڏٺو وڃي ته امر استقبال، امر نيازي ۽ امر تمنا جي بناوت ۾ ڪوبه فرق نه آھي، (جيڪا ڳالھ ڊاڪٽر غلام علي الانا به لکي ٿو) جيئن:

امر استقبال               امر نيازي                 امر تمنا

واحد    اچج                           اچيج                     اچجان

جمع     اچجو                          اچجو                    اچجو

ڪنھن کي ڪم نه ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو وڃي ته امر جي ان صورت کي ”امرنفي“ چئبو آھي.

”جڏھن ڪنھن حاضر واحد کي اھڙو حڪم ڏنو وڃي جنھن ۾ ڪم مستقل جاري رھي ته اھڙي امر کي استمراري يا امر مداحي چيو ويندو آھي.“ (ص-71)

امر استمراريءَ جون علامتون آھن. ’پيو‘، ’پيئي‘ وغيره.

مثلاً:    پيو کيڏ

          پئي ڊوڙ

فعل جي بنياد (root) بابت ڊاڪٽر الانا لکي ٿو ته:

”سنڌي ٻوليءَ ۾ فعل جو بنياد ضمير حاصر واحد جي امري صورت آھي. ان کي بنياد (root) به چئي سگھجي ٿو. سنڌيءَ ۾ امر واحد جي معنيٰ جي بنياد جي پويان علامت يا نشاني ملائڻ سان ظاھر ڪئي ويندي آھي.“ (ص-73)

فعل جا ٻه قسم آھن. لازمي (Intransative) ۽ متعدي (Transative). سنڌيءَ ۾ اھي ٻئي فعل وري ٻه ٻه صورتون معروف (Active) ۽ مجھول (Passive) وٺن ٿا. فعل لازم جي مجھول صورت کي ”فعل بيفاعل يا اڪرترڪ“ به چيو ويندو آھي. ڊاڪٽر غلام علي الانا ان کي فعل لازمي لکي ٿو.

مثلاً: باغ ۾ گھمجي ٿو.

”اھي لفظ جيڪي فعل جي بنياد مان نڪرن يا ٺھن ٿا انھن کي مشتق يا ڪردنت (Participle) چيو ويندو آھي.“ ص-84

فعل جا ڪردنت (Participle) ھي آھن. اسم حاليه (Present Participle)، اسم استقبال (Future Participle)، اسم فاعل (Participle)، ماضي معطوفي (Conjuctive Participle).

ضميري پڇاڙيون يا ضمير متصل اسمن، فعلن  ۽ حرف جرن سان لڳنديون آھن.

”سنڌي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ جھڙيءَ طرح اسم جي بجاءِ ضمير استعمال ٿيندو آھي، اھڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ ضمير خالص جي جاءِ تي ضمير متصل استعمال ڪيو ويندو آھي. (ص124)

ضمير متصل جو ڪارج ھي آھي ته:

  1. اھو ملڪيت ڏيکارڻ وارن اسمن سان گڏ ھوندو آھي.
  2. فعلن سان گڏ ڪم ايندو آھي.
  3. حرف جر جي جاءِ تي ڪم ايندو آھي.“ ص-124

مثلاً:    پڻس ھن کي ڪوڙ ڳالھائڻ ڪري سزا ڏني (اسم سان گڏ)

  1. وٺندس، ڪندس وغيره (فعل سان گڏ)
  2. سندن ڪم کي وڏي مڃتا ملي آھي. (حرف جر سندو سان گڏ).

حرف جملي ۽ حرف ندا کان پوءِ ڊاڪٽر الانا صاحب لفظن جا قسم ۽ انھن جي ٺھڻ جا طريقا لکيا آھن. سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جا ٽي قسم آھن. مفرد (Simple Words) مرتب لفظ (Complex words) ۽ مرڪب لفظ (Compound Words)

”مرڪب لفظ اھي آھن، جيڪي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ مفرد لفظن جي ملائڻ سان ٺاھيا وڃن. انھن ۾ مرتب لفظن وانگر اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون نه ملايون وينديون آھن. جيڪڏھن ڪنھن به مرتب لفظ جي اڳيان اڳياڙي يا پويان پڇاڙي ملائي وڃي ته ان کي مرڪب لفظ نه، پر مرتب لفظ چيو ويندو.“ (ص-150)

نتيجو:

”سنڌي معلم“ ڊاڪٽر غلام علي الانا 1984ع ۾ لکيو، ورھاڱي کان پوءِ ڪيترائي اردو ڳالھائيندڙ سنڌ ۾ لڏي آيا آھن. ھي ڪتاب انھن کي سنڌي ٻوليءَ ۽ وياڪرڻ جي بنيادي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ لکيو ويو آھي. ڊاڪٽر صاحب نه صرف سنڌي گرامر جي قاعدن قانونن تي لکيو آھي، پر سنڌي ۽ اردو ۾ ڪھڙيون صوتي، صرفي ۽ نحوي ھڪجھڙايون ۽ ڪھڙا فرق آھن، انھن کي به واضح ڪيو آھي. ان ڪري ھي ڪتاب نه صرف سنڌي سکندڙن لاءِ ڪارائتو آھي پر سنڌي ۽ اردوءَ جي تقابلي مطالعي (Comprative Study) ۾ به مددگار ٿي سگھي ٿو.