سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17999   ڀيرا پڙهيو ويو

علم صوتيات (Phonology)


ڪنهن به ٻوليءَ جي آوازن جي علم کي علم صوتيات (Phonology) چيو وڃي ٿو. آوازن مان صوتيا (Phonemes) ٺهن ٿا. انهن صوتين جي علم کي صوتيات (Phonetics) چيو وڃي ٿو، جيڪا وسيع علم صوتيات يا علم آواز جي هڪ شاخ چئي سگهجي ٿي.

”صوت“ عربي زبان جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ”آواز“. صوتيا ڳالھائڻ واري زبان (Spoken Language) جا بنيادي ايڪا آھن. صوتيو آواز جو اھو ايڪو (unit) آھي، جيڪو معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. صوتيات ذريعي ڳالھائڻ جي آواز، توڙي ڳالھائڻ جي ٻين جزن جو مطالعو ڪري سگھجي ٿو.

“Phonetics is the scientific study of the production, transmission and reception of speech sounds. It studies the medium of spoken language. (13)

(علم صوتيات ڳالھائڻ جي آوازن جي ٺھڻ، منتقلي ۽ حصول جو سائنسي مطالعو آھي. ان ذريعي اسان ڳالھائڻ واري زبان جو مطالعو ڪري سگھون ٿا. )

”صوتيات اھو علم آھي، جنھن جو واسطو ڳالھائڻ جي عضون جي عمل سان آھي. ھن علم جي مدد سان اھو ڏيکاري يا سيکاري سگھجي ٿو ته ڪنھن به نئين يا خاص آواز جي اچار ڪرڻ وقت ڳالھائڻ جي عضون جي بيھڪ (position) ڪھڙي ٿي سگھي ٿي.“ (14)

علم صوتيات ذريعي خبر پوي ٿي ته ڪنھن آواز جي اچارڻ لاءِ ڪھڙا ڪھڙا عضوا عمل ۾ اچن ٿا ۽ حرڪت ڪن ٿا ۽ انھن جي عمل جو ڍنگ يا نمونو ڪھڙو آھي ۽ ڪھڙي آواز جو                                                                       مخرج  (Point of articulation) ڪھڙو آھي.

”صوتيات جي وسيلي نه فقط مفرد آوازن ۽ انھن جي اچارن جي خبر پوي ٿي پر لفظن ۾ مختلف آوازن جي استعمال ۽ تقسيم جو به پتو پوي ٿو. يعني اھا خبر پوي ٿي ته ڪھڙا ڪھڙا آواز لفظن ۾ ابتدائي صورت (initial position) ۾ ڪم اچن ٿا، ڪھڙا وچينءَ صورت (medial position)  ۾ ۽ ڪھڙا آخري صورت (final position) ۾ ڪم ايندا آھن. مثال طور اھا خبر پوي ٿي ته (ڱ، نھ، ڻ، ڻھ، ڃ، ڙ، ڙھ، مھ ۽ لھ) لفظن جي ابتدا ۾ اچي نٿا سگھن. انھيءَ کان سواءِ اھا خبر پوي ٿي ته ڪھڙا آواز گڏجي يعني مرڪب حالت ۾ اچاري سگھجن ٿا ۽ ڪھڙا نٿا اچاري سگھجن. ان کان سواءِ اھو به پتو پوي ته ڪھڙن آوازن جو مرڪب اچار ممڪن نه آھي. اھڙيءَ طرح صوتيات جي علم مان آوازن، آوازن جي مجموعن، آواز جي جاءِ (sets of sounds position) ۽ لفظن ۾ آوازن جي استعمال ۽ لفظن جي ساخت ۽ سٽا جي خبر پوي ٿي.“ (15)

ھر ٻوليءَ جو صوتياتي سرشتو منفرد ھوندو آھي. سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام جي به انفرادي حيثيت آھي، ھرشخص پنھنجي مادري زبان جي آوازن سان ننڍپڻ کان ھريل ھوندو آھي. آوازن جي مطالعي جي تاريخ تمام گھڻي پراڻي آھي، جيتوڻيڪ ان کي ھن علم جي حيثيت ھاڻي ڏني وئي آھي. مشھور ماھر لسانيات ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته:

”صوتيات جي تاريخ، سنڌو ماٿر جي تاريخ وانگر تمام پراڻي آھي، طب، رياضي، ڪيميا، جوتش، علم طبعي توڙي جادو ۽ منتر وانگر ٻي دنيا کي ھي علم (صوتيات) به سنڌو ماٿر کان مليو.“ (16)